college essay writing website creative writing prompts travel do my homework app creative writing description of a beach princess september creative writing mfa creative writing programs in california creative writing prompts for fun university of saskatchewan creative writing creative writing city academy nursing essay writing services murray state university creative writing how to start a creative writing story

منگلا ڊيم خالي ٿي ويو آهي، ۽ تربيلا ڊيم ڏينهن ٻن ۾ خالي ٿي ويندو. ائين ڇو ٿيو؟

ليکڪ: محمد ادريس راجپوت

منگلا ڊيم جي ڊيڊ اسٽوريج ليول پهرين 641 فٽ هئي پر ڊيم لٽجڻ ڪري اها ليول 649 فٽ ٿي وئي آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن کان گهٽ آهي. ٻئي پاسي درياهن ۾ وهڪرا گهٽجي ويا آهن پر ماڻهن کي فصل پچائڻ لاءِ پاڻي کپي جنهن ڪري ٽيل وهڪرن لاءِ به فصلن لاءِ پاڻي هيٺ ڇڏيو ٿو وڃي. منگلا تي 12 مارچ تي وهڪرا هئا 233،18 ۽ هيٺ ڇڏيو ويو 000،50 ڪيوسڪ. انهي ڪري منگلا ڊيم جي ڊيڊ اسٽوريج ڏينهون ڏينهن گهٽجندي وڃي ٿي.

اچو وري تربيلا ڊيم تي ان جي ليول 12 مارچ تي 140.94 فٽ هئي. مٿيون وهڪرو هو 300،17 ڪيوسڪ پر فصل پچائڻ لاءِ هيٺ ڇڏيو ويو 000،24 ڪيوسڪ. انهي ڪري تربيلا ڊيم جي ليول ڏنهون ڏينهن ڪِري رهي آهي ۽ ڊيڊ اسٽوريج ليول ڏانهن وڌي رهي آهي، تربيلا ڊيم ٺهڻ وقت 1430 فٽ هئي پر ڊيم لٽجڻ ڪري هاڻي 1491 فٽ ٿي وئي آهي.

منگلا ڊيم ۽ ٻين معاون درياهن ۾ وهڪرا:

منگلا ڊيم ۾ رڳو جهلم درياهه مان وهڪرو اچي ٿو، ٻئي ڪمهن معاون درياهه مان پاڻي نٿو اچي. 12 مارچ تي منگلاڊيم ۾ وهڪرو هو 221،28 ڪيوسڪ ۽ هيٺ ڇڏيو ويو 000،50 ڪيوسڪ. جنهن ڪري منگلا ڊيم گهڻو اڳ ۾ خالي ٿي ويو آهي.

تربيلا ڊيم ۽ ٻين معاون درياهن ۾ وهڪرا:

تربيلا ۾ يا پنهنجو پاڻي اچي ٿو يا معاون درياهه ڪابل مان پاڻي اچي ٿو. 12 مارچ تي ڪابل درياهه ۾ رڳو 2900 ڪيوسڪ پاڻي آهي، جيڪو مان سمجهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ رهيو. وري سنڌو درياهه ۾ به وهڪرا گهٽ رهيا، جنهن ڪري تربيلا جي ليول ڏينهون ڏينهن ڪري رهي آهي.

گهٽ ۾ گهٽ وهڪرا ڇو آيا آهن؟

هڪڙو سبب آهي مينهن جو گهٽ پوڻ. جنوري ۾ ٻين پوين سالن ۾ پيل مينهن ايترو گهٽ هو ته موسمياتي اداري مطابق پوين 60 سالن ۾ پاڪستان ۾ 17هون نمبر خشڪ ملڪ ٿي ويو. فيبروري مهيني ۾ به مينهن ايترو گهٽ پيو جو 59 سيڪڙو عام رواجي سالن کان گهٽ هو. جنهن مان خبر پوي ٿي ته اهو دنيا جو گرمي پد وڌڻ ۽ موسمي ڦيرگهير ڪري آهي.

گهٽ وهڪرا اچڻ جو ٻيو سبب:

گهٽ وهڪرن جو ٻيو سبب اهو آهي ته پاڻي مينهن کان علاوه برف رجڻ ڪري اچي ٿو، جنهن لاءِ گرمي پد جو وڌڻ ضروري آهي. پر اهو ايترو گهٽ آهي ته برف رجي ئي نٿي. جنهن ڪري درياهن ۾ وهڪرا گهٽ اچن ٿا. اپريل- مئي ۾ گرمي پد وڌندو ته وهڪرا وڌندا. مارچ مهينو به ذري گهٽ اڌ گذري ويو آهي پر گرمي پد نه وڌيو آهي جنهن ڪري برف نٿي رجي ۽ وهڪرا نٿا وڌن.

انهن ٻنهي سببن ڪري درياهن ۾ وهڪرا نه ٿا وڌن. جنوري ۽ فيبروري ۾ پيل مينهن ۽ گرمي نه وڌڻ ڪري پاڪستان ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ٻنهي سببن ڪري سياري جي مند ۾ پاڻي جا وهڪرا گهٽجڻ جو لاڙو رکن ٿا. انهي مان موسمي ڦير گهير جي خبر پوي ٿي ۽ اهو ظاهر آهي ته موسمي ڦير گهري جي ڪري تبديلي آئي آهي جنهن ڪري پاڻي جي دستيابي گهٽبي. زراعت سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو. پاڪستان اڳ ۾ ئي دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڏهون نمبر آهي جيڪي موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جيتوڻيڪ پاڪستان دنيا جي سڀ کان گهٽ گرين هائوس گيسز پيدا ڪري ٿو.

انهي جو مکيا سبب اهو آهي ته اسان موسمي ڦير گهير کي گهٽ ڪرڻ ۾ سنجيده ناهيون. جنهن ڪري اسان وڌيڪ ذميوار آهيون جنهن ڪري ملڪ ۾ کاڌ خوراڪ جي ڪمي، پاڻي جي سلامتي نه ٿي رهي. جنهن ڪري اسان وٽ لڏ پلاڻ وڌي ٿي اڳي ئي بلوچستان صوبي ۾ سوڪهڙي جي ڪري هزارين ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ غربت ۽ بک وڌي رهي آهي.

ڇا ڪرڻ کپي؟

حڪومت وڻ پوکڻ جي مهم هلائي آهي ته جيئن گرين هائوس گيسز جو اثر گهٽجي. اهو ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪيو ويو آهي پر اسان کي سڀني علائقن ۾ اها مهم هلائڻ کپي.

پر اسان ڏسون ٿا ته پاليسي ساز ادارن پاران موسمي ڦير گهير کي مهن ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ته انهي جو منفي اثر گهٽائين. انهي ڏس ۾ اڪيلي سر ڪجهه نٿو ڪري سگهجي جيستائين سڀ ادارا انهي ۾ حصيدار ٿين.

حڪومت کي کپي ته انيه ڏس ۾ هڪ جامع منصوبو ٺاهڻ جنهن ۾ موسمي ڦير گهير کي منهن ڏيڻ لاءِ صنعت، زراعت ۽ توانائي سان واسطو رکندڙ ادارن کي شامل ڪن ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهن ۽ انهي تي صحيح نموني ۾ عمل ٿئي جيئن تڪڙي ٿيندڙ موسمي ڦير گهير کي مهن ڏئي سگهجي.