مني لانڊرنگ ۾ ملوث جوابدارن جا اثاثا منجمد ڪيا ويندا، جوابدارن يا ذميوار ادارن جون ملڪيتون ضبط به ڪري سگهبيون: قومي سلامتي ايڪٽ تحت بل منظور

اسلام آباد:- مني لانڊرنگ ۾ ملوث جوابدارن جا اثاثا منجمد ڪيا ويندا، جوابدارن يا ذميوار ادارن جون ملڪيتون ضبط به ڪري سگهبيون، مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن توڙي تنظيمن جي عهديدارن تي سفري پابنديون لڳايون ۽ سندن هٿيارن جا لائسنس جا به رد ڪيا ويندا، قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به قومي سلامتي ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل منظور، دهشتگردي ايڪٽ ۾ به ترميم وارو بل منظور ڪيو ويو، بل جي متن موجب شڪي دهشتگردن جي فهرست شيڊول 4 ۾ شامل ماڻهن جي هٿيارن جا لائسنس رد ڪيا ويندا، اهڙن ماڻهن کي ڪو شخص يا ادارو قرض نه ڏيندو، شڪي دهشتگرد کي قرض ڏيندڙن مٿان اڍائي ڪروڙ ڏنڊ رکيو ويندو، ڪنهن شخص يا گروپ کي دهشتگردي جي لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪلڻ ۾ مدد يا مالي سهڪار ڪرڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، جي يو آءِ ف ٻنهي بلز جي مخالفت ڪري ڇڏي، سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته اپوزشن جون ترميمون حڪومت کي رستو ڏيڻ برابر آهي، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان شڪايت آهي ته ٻنهي وڏين جماعتن حڪومت جي حمايت ڪئي آهي، ڇا جي يو آءِ ف ملڪ دشمن جماعت آهي جو اسان جو موقف نٿو ٻڌو وڃي.