منهنجي سنڌ سڄي دنيا کان مختلف آهي: ليکڪ نور احمد ميمڻ

سڄي دنيا ۾ ڪورونا عالمگير وبا جو ڏهڪاءُ ۽ خوف آهي. ايٽمي هٿيارن سان ليس دنيا، خلائن کي سَر ڪندڙ دنيا، ماڻهوءَ جي متبادل طور آرٽيفيشل ذهانت (Artificial Intelligence) کي وجود ۾ آڻيندڙ دنيا، انساني سهولتن کي ٿري ڊي  پرنٽنگ ذريعي سولو ڪري آڱرين جي حرڪت تي آڻيندڙ دنيا، ڪروڙين ميلن جي فاصلي تي موجود بليڪ هول ۽ سيارن جو  سپر دوربينين(Super Telescope)  ذريعي مشاهدو ڪندڙ دنيا هڪ پتڪڙي ڪورونا وائرس جي اڳيان بيوس آهي. دنيا جون بازارون ۽ وال اسٽريٽ بند آهن، دنيا جا تفريحي هنڌ ۽ راندين جا ميدان بند آهن. ڪعبو بند آهي، ويٽيڪن بند آهي، ديوار گريه ۽ ٻوڌي شانتي گهر بند آهن.

انسانن جي فطرت سان هٿ چراند بند آهي، انسانن جي هٿان وياج، واپاري مسابقت ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ذريعي ٿيندڙ ڦرمار جهڪي آهي. اسان جهڙن اُسرندڙ ملڪن ۾ ڪرپشن ذريعي رت چوسيندڙ ماڻهن جو سرگرميون بند آهن. انسانن جي ماضيءَ ۽ حال جي اُٻهرائپن تي توبهه زاري آهي ۽ انسانن لاءِ ڀلائي سوچيندڙ ماڻهن انسانن لاءِ هڪ اهڙو مستقبل سوچڻ ۽ تراشڻ شروع ڪيو آهي جيڪو استحصال کان پاڪ ۽ وڌيڪ انسان دوست هجي. انهن نه رڳو  انسانن لاءِ بهتر ماحول پر پکين، جانورن ۽ نباتات جي حيات کي به حفاظت وارو بنائڻ جي ڳڻ ڳوت شروع ڪري ڇڏي آهي.

اهڙي ڪربناڪ صورتحال ۾ صرف اسان جي سنڌ ئي سڄي دنيا کان مختلف آهي. سنڌ جي حاڪمن جيئن ٻارهن سالن کان سنڌ کي کنڊر بڻائي، ان جي تمدن کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌين جي وجود جو ڄڻ ماس پٽي ۽ رت چوسي ان کي نيستو ڪري ڇڏيو آهي، تيئن اهي هن عالمگير وبا جي ڏينهن ۾ به 40 ڏينهن کان رڳو  نالي ماتر وٺ وٺان ۾ آهن. هن موقعي تي عالمي امداد ۽ سنڌ جي اربين رپين جي بجيٽ خرچ ٿيندي ڪٿي به نظر نه پئي اچي. هنن رقمن جو نه ٽينڊر ٿيڻو آهي ۽ نه ئي آڊٽ ٿيڻي آهي، سي ڀلا سنڌ جي ماڻهن تي خرچ ٿيندا؟ سنڌ جي عوام کي سنڌ جا حڪمران مبارڪ جن سنڌ جي سڀني کاتن جي ڊولپمينٽ ۽ ڪيترن کاتن ۾ نان ڊولپمينٽ رقم به ڪورونا جي بچاءَ وارن انتظامن جي نالي تي سوري ڇڏي آهي. ايستائين جو صحت کاتي جي انساني المين وارين موجود ٻين بيمارين جهڙوڪ ڪاري ڪامڻ، ايڊز، ٽي بي، نيوٽريشن وارا پروجيڪٽ به  ايمرجنسي آڙ ۾ اگهي ڇڏيا آهن. زمين لڏي وئي آسمان لڏي ويو پر سنڌ جا حڪمران ڪونه لڏي سگهيا. منهنجي سنڌ سڄي دنيا کان مختلف آهي.

سڄي دنيا ۾ دولتمندن پنهنجي ڌرتيءَ کي ۽ پنهنجي حڪومتن کي پنهنجي اربين ڊالرن جون جمع پونجيون حوالي ڪري ڇڏيون ته هي موقعو انسانن کي بچائڻ جو آهي، انهن جي واهر ڪرڻ جو آهي. پر سنڌ جي ارب پتي ۽ ڪروڙ پتي حڪمران ٽولي توڙي ٻين  وڏيرن، گادي نشينن توڙي امير سياستدانن عالمگير وبا جي ڏهڪاءَ ۽ بي واهي موت جي منظرڪشين باوجود لامارا ڏيندڙ موت جي منهن ۾ هوندي به ڌرتيءَ واسين جي واهر نه ڪئي. سنڌ جي قسمت بدلائڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي. سنڌ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غربت جي لڪير کان هيٺ گذاريندڙ ماڻهو، جن جون عورتون  اڪثر هنڌن تي پنهنجي پيرن ۾ سادي چپل پائڻ جي لائق به نه رهيون آهن. جيڪي پنهنجي ٻچڙن کي ڀري ٿڃ پيارڻ جي لائق به نه آهن ۽ اهي سنڌ کي نيستا، نٻل ۽ غربت جي ڪري اڻ پڙهيل نسل منتقل ڪري رهيون آهن. غربت جي پيڙائن سبب روئڻ وقت، انهن غريب عورتن جي اکين، ڳوڙها ڳاڙڻ به ڇڏي ڏنا آهن، صرف اڻڀو لوڻ ئي اکين مان اگهي اهي پنهنجي دردن کي پوتيءَ جي پلوَ ۾ سانڍي ڇڏين ٿيون. سنڌ جو ڪاڇو خوراڪ، پاڻي ۽ صحت جي ضرورتن کان محروم، سنڌ جو ٿر زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم ۽ هميشه بيوسيءَ جي صليب تي لٽڪيل. انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي جو آسرو پيدا ٿئي ته آخر ڪيئن ٿئي جو اربين رپين جي ڪرپشن جو سلسلو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.

ويهن ڏينهن کان سنڌ لاڪ ڊائون سبب سڪتي جي عالم ۾ آهي. ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهن جا پيٽ کي پٿر ٻڌل آهن. غريب پيئر ۽ غريب امڙيون بکايل ٻارن جون اُڀ ڏاريندڙ دانهون ٻڌي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. خوف ۽ پريشانيءَ ۾ ورتل غريب ماڻهو راشن جي ڪڍ صفا مروه جي ڊوڙ ڊڪي رهيا آهن. پر سنڌ جي حڪمرانن جي امداد هيستائين انهن جو سهارو نه بڻجي سگهي آهي. سنڌ ۾ دولت جا اهي پڄاري ڪانءَ اڃا مئا ئي ناهن جو غريبن جي لولي کي پيٽ  ۾ وڃڻ جو موقعو نصيب ٿئي.  دنيا سڄي ڏڪي وئي، آسمان سڄو ڏڪي ويو پر سنڌ جا حڪمران ڪونه ڏَڪي سگهيا. منهنجي سنڌ سڄي دنيا کان مختلف آهي.