اسلام آباد : ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ قائم اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرميون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ اين سي او سي جي اجلاس دوران هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار مڪمل طور بند رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن ۾ اِنڊور ڊائيننگ تي پابندي هوندي. بند هنڌن تي ثقافتي، راڳ رنگ توڙي مذهبي اجتماعن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ايس او پيز سان گڏ 300 ماڻهن تائين ميڙاڪن جِي اجازت هوندي، سنيما، درگاهون، تفريحي پارڪ مڪمل طور بند رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سرڪاري، خانگي آفيسن ۽ عدالتن جو 50 سيڪڙو عمل گهر مان ڪم ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي، انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو گنجائش سان گڏ هلائي ويندي. پڌرائي موجب اين سي او سي جي فيصلن تي فوري طور عمل ڪرايو ويندو، فيصلا 11 اپريل تائين لاڳو هوندا، 7 اپريل تي صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو. تعليمي ادارن جي حوالي سان چيو ويو ته تعليم کاتي بابت فيصلن جو 24 مارچ تي جائزو ورتو ويندو.