ملڪ ۾ وڏي بريڪ ڊائون بعد بجلي بحال ٿيڻ شروع

اسلام آباد := ملڪ ۾ بدترين بريڪ ڊائون بعد بجلي جِي بحالي جو عمل جاري، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ملتان سميت مختلف شهرن ۾ جزوي طور بجلي بحال، حيدرآباد، دادو، خيرپور، مٽياري، نوشهروفيروز، مٺي، سانگهڙ، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ۾ مڪمل طور بجلي بحال نه ٿي سگهي، پاور ڊويزن طرفان فالٽ ختم ڪرڻ بعد مرحليوار بجلي جي فراهمي جاري رهڻ جي دعويٰ،  بلوچستان ۽ ڪي پي جا به ڪيترائي علائقا بجلي کان محروم بڻيل، انجنيئرز جو چوڻ آهي ته تاريخ جو بدترين بريڪ ڊائون ٿيو آهي، فوري طور مڪمل بجلي بحال ڪرڻ سان ٻيهر بريڪ ڊائون جو خدشو آهي،  ملڪ ۾ بجلي جي مڪمل بحالي ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي ويندا: بجلي جي بريڪ ڊائون سبب عام زندگي متاثر، اسپتالن، ڪارخانن ۽ ايئرپورٽس تي بجلي جي متبادل نظام سان ڪاروهنوار جاري آهي