ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 8 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي :- ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي ڪري 8 سيڪڙو ٿي وئي. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو رجحان بدستور جاري آهي. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.96 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اٽي، کنڊ، ڪڪڙ جي گوشت، ڀاڄين سميت عام واهپي وارين 20 شين جا اگهه وڌيا آهن