ملڪ ۾ مهانگائي جو سلسلو جاري، 22 شين جا اگهه وڌي ويا

اسلام آباد :-مهانگائي جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ موجب هن هفتي به عوام کي ڪو رليف نه ملي سگهيو ۽ 22 ضروري شين جا اگهه وڌي ويا. ڳڻپ واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب هڪ هفتي ۾ ٽماٽي جي قيمت 9 رپيا وڌي، جيڪو 100 رپيا في ڪلو کان مهانگو ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ملڪ  کنڊ جي اگهه ۾ به واڌ جاري آهي ۽ هفتي دوران کنڊ جي قيمت 57 پئسا وڌڻ کانپوءِ اها في ڪلو 94.72 رپين مان وڌي 96.29 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. ڳڻپ واري اداري جي رپورٽ موجب في ڪلو ٻاڪرو گوسٽ 7 رپيا، بصر في ڪلو 5 رپيا، جڏهن ته مسور، ماش، چڻن جي دال، باسمتي چانور، گيهه ۽ اٽي جا اگهه به وڌيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي دوران 8 شين جي اگهن ۾ لاٿ به ٿي، جڏهن ته 21 ضروري شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو