ملڪ ۾ تيل بحران جون 3 خانگي ڪمپنيون ذميوار قرار، رپورٽ پيٽروليم وزارت حوالي

اسلام آباد :-  پئٽروليم وزارت جي جاچ ڪميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ خانگي تيل ڪمپنين کي بحران جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. ڪميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته خانگي تيل ڪمپنيون موجوده بحران جون ذميوار آهن، جڏهن ته بحران ۾ پي ايس او جا آئل ٽرمينل 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهيا. رپورٽ موجب بحران کان اڳ پي ايس او جو مارڪيٽ شيئر 32 کان 36 سيڪڙو هو پر بحران ۾ تيل جي فراهمي سبب پي ايس او جو شيئر 54 سيڪڙو ٿي ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته جن ٽن ڪمپنين تي ڪيس داخل ٿيا اهي مارڪيٽ شيئر کان وڌيڪ وٺي رهيون هيون ڇو ته سندن مارڪيٽ شيئر بحران ۾ گهٽ ٿي ويا. رپورٽ موجب هڪ خانگي ڪمپني وٽ پورٽ قاسم ۽ ڪياماڙي آئل فيلڊ ۾ 54 هزار ميٽرڪ ٽن تيل هو جنهن جو پئٽرول مارڪيٽ شيئر 9 کان 14 سيڪڙو وچ ۾ هو پر پئٽرول سپلاءِ نه ڪرڻ تي ان ڪمپني جو شيئر 11 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين ڪري پيو جيتوڻيڪ مارڪيٽ شيئر بحران کان اڳ ساڳي ڪمپني جي ڊيزل 10 ڏهائي 7 سيڪڙو هئي پر بحران ۾  سندس ڊيزل شيئر 8 ڏهائي 3 سيڪڙو تائين ڪري پيو.