ملڪ ۾ اي سين، فرجن ۽ ريفريجريٽرن جا اسپيئر پارٽس ٽيهه سيڪڙو کان به وڌيڪ مهانگا

سکر:- چين ۾ ڦهليل ڪورونا وائرس جو بهانو بڻائي ملڪ ۾ اي سين، فرجن ۽ ريفريجريٽرن جا اسپيئر پارٽس ٽيهه سيڪڙو کان به وڌيڪ مهانگا ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۽ لاهور جي ٻن امپورٽ ڪمپنين جي مونوپولي جي ڪري رٽيلر کان هول سيلر ڏکيائين ۾ اچي ويا آهن. پنهنجي اخبار پاران سکر، لاڙڪاڻي ۽ خيرپور شهرن جي مارڪيٽن مان هٿ ڪيل معلومات موجب جنوري کان ڪورونا وائرس ڦهلجڻ بعد ڪجهه ڏينهن رکي چين جا پاڪستان سان لڳندڙ بارڊر اچ وڃ توڙي واپار جي لاءِ بند ڪيا ويا هئا جنهن بعد اي سي جو گيس سلينڊر آر 134 اٺ کان نو هزار هو جيڪو هاڻ 12 کان ساڍا ٻارنهن هزار رپين تائين ٿي ويو آهي. آر 410 سلينڊر ست هزار مان يارنهن هزار رپين جو ٿي ويو آهي. اي سي جو ڪمپريسر به وڌي ويو آهي. جيڪو سٺو ڪمپريسر 12 کان 14 هزار رپين ۾ هيو اهو وڌي اڻويهه هزار رپيا ٿي ويو آهي. ساڳي ريت فرجن ۽ ريفريجريٽرن جا ڪمپريسر به ٽيهه سيڪڙو وڌي ويا آهن. اي سين، فرجن ۽ رفريجريٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيا اسپيئرس جهڙوڪ گيج، لائين سيٽ، ريلي اوور لوڊ، اي سي ڪنڊڪٽر، ڪيپسٽر به 20 سيڪڙو مهانگا ڪيا ويا آهن. مارڪيٽن سان تعلق رکندڙ واپارين جو چوڻ آهي ته امپورٽ جون ڪمپنيون رڳو ڪراچي ۽ لاهور ۾ آهن. وٽن اسٽاڪ گهڻو موجود آهي پر مونوپولي هجڻ سبب انهن ريٽ وڌايا آهن. ٻي پاسي چائنا جا واپاري بارڊر 20 فيبروري کان کوليا ويا آهن پر ڪالهه تائين اگهن ۾ واڌ جو ئي رجحان برقرار هيو. ان سلسلي ۾ پرائيس ڪنٽرول کاتي جي ضلعي آفيس فون ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن جو فون مسلسل اٽينڊ نه ٿيو. هوڏانهن اي سين جي هڪ ڪاريگر جاويد سبحان جو چوڻ هو ته ايندڙ مهيني کان سيزن شروع ٿي رهي آهي، مستري به اڳواٽ خريداري ڪندا آهن ته جيئن سيزن ۾ ٻه رپيا بچن پر هن ڀيري هول سيلرن به وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. هڪ مستري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اهڙي صورتحال ۾ هاڻ اسمگلنگ وسيلي پارٽس جام ايندا ۽ پوءِ پاڻهي اهي امپورٽر ڪمپنيون دانهون ڪنديون. ياد رهي ته اهو سامان امپورٽ ٿي سامونڊي جهازن وسيلي ڪراچي ۾ سنڌ جي بندرگاهه قاسم تي پهچندو آهي ۽ اتان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ويندو آهي.