ملڪ ۾ اليڪشن جي جوڙ توڙ شروع : تحريڪ انصاف کان مايوس سليڪٽرن مسلم ليگ سان ڳاله ٻوله شروع. جلد چوڌري نثار-نواز ملاقات جو امڪان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف کان مايوس سليڪٽرن مسلم ليگ سان ڳاله ٻوله شروع . جلد چوڌري نثارلنڊن ۾ نواز ياترا ڪندو.مسلم ليگ (ن) قائد ميان نوازشريف ۽ سينيئر سياستدان چوڌري نثار وچ ۾ ٺاهه جي آخري ڪوشش طور تي اسحاق ڊار حرڪت ۾ اچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي چوڌري نثار جي لنڊن روانگي جا اطلاع آهن، جڏهن ته شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار اڳ ئي اتي موجود آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز جي لنڊن وڃڻ جو فيصلو هلندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي. رليف ملڻ جي صورت ۾(ن) ليگ جي نائب صدر مريم نواز  فوري طور تي لنڊن رواني ٿيندي. چوڌري نثار جون لنڊن ۾ ذاتي مصروفيتون آهن، جنهن ۾ خاندان جا ٻيا ماڻهو به ساڻس گڏ روانا ٿيندا. لنڊن ۾ موجودگي دوران نوازشريف سان گڏ ملاقات جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسحاق ڊار چوڌري نثار کي مشورو ڏيندو ته نوازشريف سان لنڊن ۾ سندس رهائشگاهه تي وڃي عيادت ڪريو ۽ بيگم ڪلثوم جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪريو. چوڌري نثار جيڪڏهن ان تي راضي ٿي وڃي ٿو ته برف ڳرڻ شروع ٿي ويندي. چوڌري نثار هلندڙ هفتي لنڊن روانو ٿيندو، جتي هن جي اهم ملاقاتن جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار نوازشريف سان ملاقات ڪندو.