ملڪ جا سمورا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽ کولڻ جو حڪم , ڇا ڪورونا ڇنڇر آچر تي موڪل ڪندو آهي؟:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- سپريم ڪورٽ ملڪ جا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽ هفتي لاءِ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروباري سرگرميون بند رکڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو  ويو آهي، عدالت سنڌ کي شاپنگ مال کولڻ لاءِ قومي رابطا ڪميٽيءَ سان اڄ ئي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪراچيءَ جي ڪمشنر کي دڪان ۽ مارڪيٽ سيل ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڇا ڪورونا وبا حڪومت سان واعدو ڪيو آهي ته ڇنڇر ۽ آچر تي نه ايندي، عوام کي ڊيڄارڻ بدران ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، جيڪڏهن ڪاروبار بند ٿيو ته دڪاندار ڪورونا وائرس نه پر بک وگهي مري ويندا.چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ ڪراچيءَ جي ڪمشنر کي سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته ڪجهه مارڪيٽن کي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ ڪري سيل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ننڍن دڪاندارن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي،  توهان دڪان بند ڪيا ته دڪاندار ڪورونا وائرس بدران بک وگهي مري ويندا. هن چيو ته سيل ڪيل مارڪيٽن کي به کوليو ۽ کين ڊيڄارڻ بدران سمجهايو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ پنجن وڏن شاپنگ مالز کانسواءِ سڀ مارڪيٽ کليل آهن، جيڪڏهن باقي مارڪيٽ کليل آهن ته شاپنگ مال ڇو بند رکيا ويا آهن. چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا وبا حڪومت سان واعدو ڪيو آهي  ته اها ڇنڇر ۽ آچر تي نه ايندي، اڇا ڇنڇر ۽ آچر تي سجهه اولهه کان اڀرندو آهي.. هن چيو ته عيد تي پيهه ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند نه رکيا وڃن، حڪمران نوان ڪپڙا نه ٿا پهرڻ چاهين پر ٻيا وٺڻ چاهين ٿا، گهڻا خاندان رڳو عيد تي ئي نوان ڪپڙا خريد ڪندا آهن. سپريم ڪورٽ سڄو هفتو سمورا ننڍا ڪاروبار کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته ايس او پيز تحت شام پنجين وڳي مارڪٽ بند ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ڪمشنر کان شهر ۾ شاپنگ مالز جا تفصيل به طلب ڪيا. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هو سڄي ملڪ جا شاپنگ مال کولڻ جو حڪم ڏئي رهيو آهي، ايس او پيز تي مالز ۾ وڌيڪ بهتر عمل ٿي سگهي ٿو. عدالت سڄي ملڪ جا شاپنگ مال کولڻ لاءِ صوبن کي وفاق کان اجازت وٺڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران اين ڊي ايم اي امداد جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. اين ڊي ايم اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل 123 صفحن جي رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم اداري لاءِ 25 ارب 30 ڪروڙ رپيه مخصوص ڪيا آهن، صحت واري وزارت پاران 50 ارب رپيه مخصوص ڪيا ويا جيڪي اڃا تائين کين نه ملي سگهيا آهن. رپورٽ موجب ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ طرفان اين ڊي ايم اي کي 8 ارب رپيه مليا، جڏهن ته چيني حڪومت طرفان 64 ڪروڙ رپيه گرانٽ ڏني وئي آهي. اين ڊي ايم اي چيو ته امداد رڳو سامان جي صورت ۾ ورتي ويندي آهي، روڪ رقم جي صورت ۾ نه وٺندا آهن. اين ڊي ايم اي جي رپورٽ تي چيف جسٽس چيو ته اربين رپين جي رقم ماسڪ ۽ ٻين ننڍين شين تي خرچ ڪئي پئي وڃي، ڪورونا وائرس بابت اربين رپيه خرچ ٿي چڪا آهن، ڪاڏي ٿا وڃن، رقم جو حساب رکيو وڃي. اين ڊي ايم اي جي نمائندي ٻڌايو ته هنن لاءِ 25 ارب مخصوص ڪيا ويا، اها سموري رقم اڃا خرچ نه ٿي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 25 ارب رپيه توهان کي مليا آهن، صوبن کي الڳ مليا، احساس پروگرام جي رقم الڳ آهي. هن چيو ته 5 سئو ارب رپيه ڪورونا وائرس جي مريضن تي خرچ ٿيندا ته هر مريض ڪروڙ پتي بڻجي ويندو، سڀ پئسا ڪاڏي وڃي رهيا آهن، وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود جيڪڏهن 6 سئو ماڻهو مري ويا ته سندن ڪوششن جو ڪهڙو فائدو آهي، ڇا 25 ارب رپين جي رقم سان توهان گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي رهيا آهيو. سپريم ڪورٽ اين ڊي ايم اي جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ خرچن جا ڪي واضح تفصيل نه آهن. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ جا وسيلا غلط نموني استعمال ٿي رهيا آهن، ملڪ اڃا تائين ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت ڇو حاصل نه ڪري سگهيو آهي، عوام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جو غلام ناهي، آئسوليشن جي نالي تي عوام کي غلام بڻايو پيو وڃي، عوام جي حقن جي آئين ۾ ضمانت ڏني وئي آهي، توهان ڪنهن تي حيران نه ڪري رهيا آهيو. سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.