ملڪ اندر ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جي منظوري

اسلام آباد :- اقتصادي رابطا ڪميٽي، ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جي منظوري ڏني وئي آهي. ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري صلاحڪار بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خانگي شعبي کي 25 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ  جي اجازت ڏني وئي آهي، عالمي منڊيءَ ۾ ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڪڻڪ جا اگهه گهٽ ٿيندا. اي سي سي هدايت ڪئي ته پنجاب ٻين صوبن کي ضرورت موجب ڪڻڪ فراهم ڪري. اجلاس دوران صحت جي شعبي لاءِ آڪسيجن ۽ سلينڊر تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي به منظوري ڏني  وئي. اي سي سي طرفان  سي ڊي اي کي اڍائي ارب رپين جي سمپليمينٽري گرانٽ جي منظوري ڏني، جڏهن ته اسلام آباد پوليس لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي سپليمنيٽري گرانٽ جي منظوري ڏني