ملڪي سياسي منظرنامو ۽ کاٻي ڌر جي سياست: ليکڪ يوسف مستي خان

هن ملڪ اندر اهو سدائين ٿيندو رهيو آهي ۽ اها اسان جي بدقسمتي آهي ته جيڪي پارٽيون جمهوري آهن ۽ عام چونڊون اينديون آهن پر اهي اسٽيبلشمينت جي تابع هونديون آهن ۽ هر وقت ڪمپرومائيز ڪنديون رهن ٿيون. انهن پارٽين جو ڪو به سياسي پروگرام عوام لاءِ ته هوندو ناهي ۽ هر وقت طاقت جي حصول لاءِ ڦٿڪنديون رهن ٿيون. چاهي پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ نون اهي روايتي پارٽيون سدائين “پاور گيم ۽ ميوزيڪل چيئر” لاءِ پتوڙينديون رهن ٿيون ته ڪهڙي به ريت صاحب بهادر کين موقعو ڏئي، پر جڏهن کين موقعو نه به ملي ٿو ته پوءِ سخت موقف رکن ٿيون. جيئن تازو نواز شريف تقرير دوران موقف رکيو. اي پي سي ۾ نواز شريف جي تقرير به سٺي هئي، سندس موقف به سٺو رهيو، پر سندس تقرير جي ڦوڪڻي کي  زبير صاحب آرمي چيف سان گڏجي پنڪچر ڪري ڇڏيو. ان وقت جڏهن نواز شريف “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو لڳايو ته سڀ کيس سلام پيش ڪري رهيا هئا پر پوءِ اوچتو خاموشي پکڙجي وئي ۽ بعد ۾ وري هڪ ٻيو بيانيو اچي ويو. هاڻي وري نواز شريف اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو شروع ڪيو آهي. مون کي لڳي ٿو ته نواز شريف ۽ مريم نواز هڪ پيج تي آهن، باقي پارٽي اندر مختلف خيالن جا ماڻهو آهن، شايد اهي پنهنجي طرف کان ڪوششون ڪندا هوندا. هنن اسٽيبلشمينٽ کي موقعو ڏنو ته ڦوڪڻي مان هوا ڪڍو، جڏهن ڊي جي آءِ ايس پي آر بيان ڏنو ته اهي مليا هئا ۽ مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڪيسن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. منهنجي خيال ۾ اهو اخلاقي طور به هنن غلط ڪيو، جيڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه نه هجي ها ته ماڻهو نه ڪن ها.  ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ ۾ فرق ضرور آهي. نواز ليگ پنجاب بيسڊ پارٽي آهي، اڪيلي طور پنجاب جي نمائندگي ڪري ٿي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ٿي ۽ ڪڏهن دٻجي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن وري ڪوشش ڪري ٿي ته ڪيس ختم ٿين ته اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي. سڀني ڏٺو هوندو ته بلوچستان حڪومت کي ڪئين ڪيرايو ويو ۽ ڪهڙِي طريقي سان هڪ نئين پارٽي جڙي ۽ ڪيئن آئي. اُن وقت ته آصف زرداري چئي رهيو هو ته “مسلم ليگ کي سينيٽ ۾ بلڪل اڪثريت حاصل ڪرڻ نه ڏيندس” حقيقت ۾ هو اُن وقت اسٽبليشمينٽ جو پاسو وهي رهيو هو. پ پ ۽ ن ليگ ۾ فرق اهو به آهي ته پيپلز پارٽي وارن جو جاگيرداراڻو مائينڊ سيٽ آهي ۽ نون ليگ وارن جو صنعتي ۽ پيٽي بورجوازي مائينڊ سيٽ آهي. پاور گيم ۾ ظاهر آ ته هي پنهنجي مفادن لاءِ ئي جدوجهد ڪندا. مغل دور جو مثال وٺو ته ان پاور گيم ۾ اورنگزيب به پنهنجي ڀائرن کي قتل ڪيو. اهڙي طرح جن پارٽين وٽ عام عوام لاءِ ڪو پروگرام ناهي ۽ اهي صرف پنهنجي پاور گيم ۾ مصروف آهن ته اهي اڳتي ڇا ڪنديون؟ پ پ توڙي نون ليگ جون ڪيتريون حڪومتون رهي چڪيون آهن پر انهن حڪومتن دوران عام عوام جي زندگين تي ڪهڙو فرق پيو؟ حقيقت سامهون آهي ته ڪجهه به فرق نه آيو، مزدور وڌيڪ پيڙهجي رهيو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته مزدور ڪالوني ٺاهيون وڃن ها. پر ابتو ٽريڊ يونينن کي ئي تباهه ڪري ٺيڪيداري نظام لاڳو ڪيو ويو. حالت اها آهي ته مقرري جو معاهدو به ناهي ڪيو ويندو، ٻه مهينا مزودري ڪرائي کين نيڪالي ڏني وڃي ٿي. هارين جي حالت زار به اسان جي سامهون آهي ته ڪيئن هو بک ۽ بدحالي واري زندگي گهاري رهيا آهن. ايترا سال حڪمراني ڪرڻ بعد به عام ماڻهن کي ڪجهه به نه ڏنو ويو. ان ڪري ئي آئون چوان ٿو ته جڏهن حڪمراني جي ايترن سالن بعد به عوام کي ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهيا ته پوءِ اها ظاهري طور ”پاور گيم” ئي آهي. جنهن مختلف گروهن جي وٺ پڪڙ لڳي پئي هوندي آ ته هو طاقت ۾ اچي وڃن ۽ مزا ماڻين.

 ٻئي پاسي هن ملڪ اندر اصل عوامي سياسي پارٽين کي اسٽيبليشمينٽ  ٽوڙي مروڙي ۽ ماري ويتر ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نئپ) ۽ کاٻي ڌر جون ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون (عوامي ورڪرز پارٽي) وغيره جيڪي عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن ٿيون ۽ ڪٿي به بارگين ۽ سوديبازي نٿيون ڪن، اهڙيون پارٽيون شامل آهن. ڀلي انهن پارٽين کي اهو موقعو نه به مليو هجي پر کين پوءِ به ائپروچ ڪري سوديبازي لاءِ چيو ويندو آهي. جڏهن آئون 1995ع دوران لياري مان  چونڊون وڙهيون ته مون کي صرف 5 هزار ووٽ مليا ۽ مان هارجي ويو هئس، پر اعلان منهنجي جيت جو ٿيو..! مان حيران رهجي ويس ته اهو ڪيئن ٿي ويو. يعني شام 7 وڳي کان صبح 7 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن منهنجي جيت جو اعلان ڪندي رهي ۽ ان کانپوءِ هنن چيو ته غلطي ٿي وئي هئي. ان جي هڪ يا ڏيڍ مهيني کانپوءِ ڪجهه صاحبن مون کي ائپروچ ڪيو ۽ چيو ته ”اسان تو کي مانيٽر ڪري رهيا هئاسين ۽ توهان زبردست هيئون، توهان اليڪشن نه پيا وڙهو پر اسان خلاف هڪ تحريڪ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيئون، انڪري اسان چاهيون پيا ته توهان اليڪشن کٽو، جنهن لاءِ پروگرام به جوڙيو ۽ اعلان به ٿي ويا.” مون کين چيو ته ”توهان ڪير ٿيندا آهيون مون کي چونڊون کٽرائڻ وارا؟ مان ٽيڪس ڀريندو آهيان، تنهنڪري توهان کي مون کي ٻڌڻو پوندو، جيڪو مان چوان، توهان ڪير ٿيندا آهيو؟ توهان ته پاڪستان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، توهان جي ڪري ئي ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو” مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهي جڏهن منهنجي گهر مون سان ملڻ آيا ته ان زماني ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي پر جيئن ئي هو منهنجي گهر جي دروازي منجهان گذريا ته علائقي جي ئي بجلي بند ٿي وئي. مون هڪ صاحب کي چيو ته ”ڏسو توهان جي هڪ قدم اسان جي سڄي علائقي جون بتيون ئي وسائي ڇڏيون، جيئن توهان سڄي پاڪستان جي سموريون بتيون وِسائي ڇڏيون آهن.”پوءِ آيا  ۽ ويٺا، منهنجي ذهن ۾ جيڪو ڪجهه هو، اهو مون کين ٻڌايو. ته “توهان عملي طور غدار آهيو، ملڪ ٽوڙيو، افغانستان ۾ مداخلت ڪئي، پوءِ بندوقن جو رخ ڪابل بدران اسلام آباد طرف هوندو. توهان سڄي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.”. جنهن بعد هو هليا ويا.

تازي ملڪي سياسي منظرنامي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ مخالف ڌر پارٽين جو اتحاد “پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ” جوڙيو آهي. پهرين جڏهن اي پي سي جڙي ته وڏيون اميدون هيون ته هن دور ۾ جيئن اسٽيبلشمينٽ کلي عام اقتدار ۾ آهي، عمران خان ته صرف نالي جو وزيراعظم آهي، اقتدار ته ٻين ڌرين حوالي آهي،جيئن مون اي پي سي ۾ تقرير دوران چيو هو ته “هر ڪميٽي ۾ اسٽيلشمينٽ جا ماڻهو ويٺا آهن ۽ آخري فيصلا به اهي ئي ڪري رهيا آهن”. اميد اها هئي ته هن ڀيري هنن پارٽين طرفان تحريڪ اسٽيبلشمينٽ مخالف هوندي،جيڪا صحيح جمهوري تحريڪ هوندي پر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته جڏهن خبر پئي ته اي پي سي کان ٻه ڏينهن اڳ انهن پارٽين جا اڳواڻ حاضري ڀري آيا آهن،جنهن بعد ظاهري طور مايوس ٿياسين ته هي ڇا ٿي رهيو آهي..! حقيقت ۾ هن ملڪ اندر رڳو تماشو ئي ٿي رهيو آهي. انهن حالتن ۾ به اسان جي ڪوشش اها آهي ته اسان پنهنجي پارٽي توڙي تحريڪ کي پاڻ سگهارو ڪيون ۽ کاٻي ڌر جو ايڪو قائم ڪجي ۽ هڪ نئون بيانو پاڪستان جي عوام کي ڏيون. اهو اسان جو نئون بيانيو سامراج ۽ جاگيردار مخالف،  سيڪيولر ۽ جمهوري هوندو.اها ڳالهه عام طور مڃيل آهي ته هن ملڪ اندر ٿيندڙ عام چونڊون Manipulated  هونديون آهن، اها به مڃيل ڳالهه آهي ته پهرين عام چونڊ (1970ع) مينيپيوليٽڊ نه هئي. جنهن ۾ نيشنل عوامي پارٽي سوڀاري ٿي هئي. ظاهر آ ته نيشنل عوامي پارٽي پنهنجي پروگرام تحت سوڀ ماڻي هئي. ان وقت مولوين به چونڊ کٽي هئي. اهي مولوي سردار ۽ جاگيردار نه هئا. کين 8 يا 9 مهينا هلڻ ڏنو ويو، جنهن بعد کين غدار قرار ڏنو ويو. ظاهر آ ته سندن پروگرام اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ عوام جي ڀلي لاءِ هو، ان ڪري ئي انهن کي دٻائي بند ڪيو ويو. ضياءُ الحق نئپ ۽ ايم آر ڊي جي ليڊرشپ ٻنهي سان وڙهي نه پئي سگهيو. جڏهن جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) هلي ته نئپ (نيشنل عوامي پارٽي) جا ماڻهو ان تحريڪ ۾ ضياءَ خلاف شامل ٿي ويا. فوج نئپ جي ليڊرشپ کي ماري ماري کين جيلن حوالي ڪري ڇڏيو هو، اهڙِي طرح نئپ جو تنظيمي ڍانچو به ختم ٿي ويو هو. جنهن بعد ٽوڙ ڦوڙ ٿي ۽ پي اين پي ۽ اين ڊي پي ٺهيون، جنهن بعد اين ڊي پي به ٽُٽي. ان وقت سڄي بلوچستان اندر هر گهر ۾ فوج موجود هئي. ان باوجود اها ڪمال جي ڳالهه آهي ته اڄ تائين اسان زندهه آهيون، ٻي صورت ۾ اهڙي ماحول ۾  رهڻ ئي ڏاڍو ڏکيو آهي. اڄ تائين اسان جون ڳالهيون زندهه آهن. ائين به ناهي ته سڀاڻي ڪا به تحريڪ مڪمل ٿي ويندي. اهي تحريڪون جيڪي 1940ع ۽ ان کان اڳ انگريز دور دوران مار کائينديون رهيون آهن، اهي تحريڪون اڄ تائين موجود آهن، سندن نعره به زندهه آهن ۽ انهن ۾ واڌ به ٿي رهي آهي، نوان نوجوان به اچن ٿا. اسان آڏو ناري جمهوري محاذ (ڊبليو ڊي ايف) ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي آر ايس ايف) جا مثال سامهون آهن، جيڪي ڪم ڪن ٿا پيا.  اهڙي زندهه شئي کي منظم ڪري انسان اڳتي وڌائي هلائي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان نه ڪري سگهياسين ته پوءِ اسان کان بعد اهو ٿيندو. اسان جو ساٿي بابا جان 10 سالن کان گلگت بلتستان اندر جيل ۾ قيد آهي، سندس آزادي لاءِ روزاني مظاهرا ٿيندا آهن، اسان به سڄي ملڪ اندر سندس آزادي لاءِ احتجاج ڪيا. اهڙي طرح سوچ موجود ضرور آهي، ڀلي اها گهٽ ئي ۽ ايتري طاقتور به ناهي پر اها سوچ زندهه آهي. اهڙي ماحول ۾ آواز زندهه آهي،جيڪو اٿي رهيو آهي

(ليکڪ عوامي ورڪرز پارٽي جو صدر آهي)