ملڪي آئين ۽ قانون جي نفي ڇو ٿي رھي آھي؟ جامي چانڊيو

هزارين سالن تائين تاريخ ۾ رياستن وٽ آئين ۽ قانون جو ڪو تصور موجود نه هو، ڇاڪاڻ ته يا ته اهي قبائلي رياستون هيون يا وري وڏيون بادشاهتون ۽ شهنشاهتون، جن تي مخصوص خاندان، فرد ۽ مجموعي طور حاڪم طبقا حاوي ۽ قابض هئا. جمهوريت به ڪو آدرشي نظام ناهي ۽ نه ئي اهو برابري ۽ انصاف ۽ طبقاتي ڦورو نظام کان نجات جي ڪا ضمانت ڏئي ٿو، پر جيئن ته ان نظام ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستيءَ جي دعويٰ ڪئي وئي، ان ڪري ان کي گهٽ خراب سمجهي قبول ڪيو ويو. ويتر ان ۾ ”عوام جي حڪمرانيءَ“ جو ڏٽو به ڏنو ويو هو، جنهن کي فرينچ مفڪر روسو ”خود حڪمراني“ يعني Self Rule سڏيو هو. جيتوڻيڪ عوام جي حڪمراني اڄ به دنيا ۾ حقيقي معنيٰ ۾ ديواني جو هڪ خواب آهي. دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ عوام جي حقيقي حڪمراني کڻي نه سهي، پر وري به قانون جي حڪمراني ته موجود آهي. اسان جو شمار ته اهڙن ملڪن ۾ آهي، جتي نه عوام جي حڪمرانيءَ جو ڪو تصور آهي ۽ نه قانون جي پاسداريءَ جو ڪو عملي نمونو. الميو ته اهو به آهي جو هن ملڪ ۾ عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ قلمڪارن جي هڪ چڱي حصي ايوب، يحيٰ، ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن سان وڏا ٽڪر کاڌا ۽ ان مقصد ۽ اميد سان طويل مزاحمتون ڪيون ته هن ملڪ ۾ جيستائين حقيقي عوامي راڄ ممڪن ٿئي تيسين گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون چونڊيل آئيني حڪومتون ته قائم ٿين جن کي انڌي منڊي جمهوريت سڏي سگهجي. ملڪي تاريخ جو اڌ سڌيون ۽ اگهاڙيون آمريتون ۽ وچ وچ ۾ جيڪي وقفا ٿيا انهن ۾ سياسي حڪومتون مقاطعي تي. پهريون ڀيرو ملڪي تاريخ ۾ ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ پارليامينٽ خودمختياري ماڻي ته هاڻي ڊمي حڪومتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن جي هڪ بدترين شڪل عمران خان جي حڪومت آهي ۽ ملڪ جو سمورو وهنوار راولپنڊيءَ جي هٿن ۾ آهي. الميو ته اهو به آهي ته ملڪ ۾ هاڻي اسٽيبلشمنٽ مخالف سياست به اڳوڻي حالت ۾ موجود ناهي، نتيجي ۾ ڪاري ڏاند جا مالڪ ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، جن جو اڻ اعلانيل فرمان آهي ته زبانن کي تالا هڻي ڇڏيو ۽ قلم جي ڌارن کي مڏو ڪري ڇڏيو ته جيئن ملڪ ۾ مزاحمتي آواز جو ڏنگ نڪري وڃي ۽ اهو جڏو ٿي سامهون اچي. حبيب جالب ان فرمان لاءِ چيو هو ته:

يه ضابطه هي ڪه باطل ڪو مت ڪهون باطل

يه ضابطه هي ڪه گرداب ڪو ڪهون ساحل

”هنن“ هر ڪنهن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي، 18 هين ترميم ملڪ جي پارليامينٽ کي خودمختيار ڪيو ته ڇا ٿيو، ان ۾ ويٺيون ته وري به اهي حڪمران طبقن جون نمائنده سياسي پارٽيون آهن، جن کي وجودي بحران ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ رڳو نيب ۽ ڪورٽون ئي ڪافي آهن، راولپنڊي اجايو سامهون ڇو اچي؟ راولپنڊيءَ پارلياماني سياست ڪندڙ سياسي پارٽين جو سولو حل ڪڍي ورتو آهي ته کين آمريتن جي وچ ۾ وقفي ۾ ڊگهو رسو ڏيو، ڪجهه وقت لاءِ سندن هر غلط ڪاري، ڪرپشن ۽ نااهليءَ تي اکيون پوري ڇڏيو ۽ پوءِ رَسو ڇڪيو، مجال آهي جو ڪا حقيقي عوامي مزاحمت سامهون اچي. عوام هن جمهوريت جي ماڊل لاءِ هاڻي ايم آر ڊي وانگر سر جو سانگو لاهي سڌي مزاحمت لاءِ رستن تي ايندو ڪونه ۽ پارلياماني سياسي پارٽيون هونئن ئي پنهنجي وجودي بحران ۾ مبتلا آهن ۽ ڪيون ويون آهن. باقي بچن ٿا فرد ۽ ننڍا سياسي گروهه، اهي نيب ۽ عدالتن جي پڪڙ ۽ جڪڙ ۾ اچي ڪونه سگهندا، جو هٿين خالي آهن، انهن لاءِ ”سادن ڪپڙن“ وارا ميدان ۾ لاٿا ويا آهن. ضياءَ جي دور ۾ هٿوڙا گروپ ٻڌبو هو، جيڪو رات جو ماڻهن جا مٿا چچري گم ٿي ويندو هو ۽ بظاهر ان جو ڪو سبب يا مقصد به سمجهه ۾ نه ايندو هو، پوءِ وري لساني، مذهبي ۽ فرقه وارانه گروهه سامهون آيا، جن دهشتگرديءَ جي بازار گرم ڪئي، ماڻهن کي هيسائڻ ۽ فسطائيت مڙهڻ جو جيڪو ڪم رياست ۽ حڪومتون سڌيءَ ريت نٿي ڪري سگهيا، اهو ڪم اُهي دهشتگرد گروهه ڪندا رهيا، هزارين بي گناهه ماڻهو رڳو سياسي جرعت ۽ پنهنجي ضمير جي آواز سبب ان جو بَکُ بڻيا. هاڻي بدليل عالمي ۽ علائقائي حالتن سبب انهن جو مارڪيٽ ناهي، هاڻي وري مشرف دور جي پڇاڙيءَ کان ”سادن ڪپڙن“ ۾ گمنام گروهه اچيو ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو کنڀيو وڃن، ڇا جو آئين، ڇا جو قانون ۽ ڇا جي جمهوريت. جڏهن ڪو باسيندو ئي نه ته مٿن ڪيس ڇا جو؟ وزيراعظم لهي سگهن ٿا، سابق صدر ۽ وزيراعظم ويندي حاضر سروس حج حاضريون کائي سگهن ٿا، پر پرويز مشرف عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان بالاتر آهي ۽ ملڪ ۾ ڪابه جمهوري طاقت يا ادارو اهڙو ناهي جيڪو ”سادن ڪپڙن“ وارن همراهن کي عدالتن يا جمهوري نظام آڏو پابند ڪرڻ ته پري رهيو، پر انهن جو ٺلهو نالو به کڻي سگهي. ملڪ ۾ اهم ادارن تي جيڪي وڏا وڏا ٽارزن ڏسجن ٿا، انهن جا به اتي پر سڙن ٿا. سموري ميڊيا جو وڏو حصو هونئن ئي حقيقتن کان اکيون چورائي جابولي رهيو آهي، پر جيڪڏهن مطيع الله جان جهڙو ڪو مٿي ڦريو نٿو مڙي ۽ پنهنجي ضمير کان هارائجي ڪڙو سچ ڳالهائي ۽ لکي ٿو ته اهو ملڪ جي دارالحڪومت مان ڏينهن ڏٺي جو کنڀجيو ٿو وڃي.

مطيع الله ته وري به ڀاڳ وارو هو، جو هن لاءِ سڄي دنيا آواز اٿاريو پر سنڌ جا اهي نوجوان ڪيئن واپس ورندا جن لاءِ سندن تنظيمون به گهربل سطح تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن، ٻيا صوبا، ميڊيا، عالمي ادارا ته پري جي ڳالهه آهن. سندن خاندان، مائرون ۽ ڀينرون آهن، جيڪي نااميديءَ باوجود نٽهڻ اُسَ ۾ روڊن تي سراپا احتجاج آهن. سماج جا ڪجهه فرد ۽ گروهه سندن ساٿ ۾ هم آواز ٿين ٿا، پر سنڌ جون سموريون قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمون مجموعي طور سندن واهر جو بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهن، ٻين کي ڪهڙي ميار ڏجي! مجال آهي جو سنڌ اسيمبلي جرئت سان اُٿي بيهي اهو ڌنڌو بند ڪرڻ جي باضمير هڪل ڪري! حڪومت جون ته مفاد پرست مصلحتون آهن، پر مخالف ڌر ڪٿي گم آهي؟ معمولي ڳالهه تي اسيمبليءَ ۾ آسمان مٿي تي کڻبو، پر سنڌ جا نوجوان کڄندا، سندن مائرن ڀيڻون ڌڪا کائينديون، روئنديون، ٻاڏائينديون پر ان تي مخالف ڌر نظر نه ايندي. جي ڊي اي سنڌ ۾ متبادل هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان کي ڪنهن روڪيو آهي ته ان معاملي تي سنڌ حڪومت جي مصلحت پسنديءَ خلاف عوام ۾ نه وڃي ۽ ايوان ۾ انھن جا پردا چاڪ نه ڪري. قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ به ته سندن نمائندا موجود آهن. ٻنهي پاسي مجرمانه خاموشي آهي، حڪومت وٽ به ۽ نام نهاد مخالف ڌر وٽ به. راولپنڊيءَ جي ناراضگي ٻئي ڌريون افورڊ نه ٿيون ڪري سگهن، جو اقتدار ۾ ڀائيواري ملندي ئي حساس معاملن تي خاموشي رهڻ سان آهي.

سوال آهي ته اهو سلسلو ڪيئن ۽ ڪيستائين هلندو؟ جيڪي ملڪ جا شهري کنڀيا وڃن ٿا، انهن بابت تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته اهي رياست کي تسليم نه ٿا ڪن، پر مٿن اهو الزام ته ڪوبه ثابت نه ڪري سگهيو آهي، جڏهن ”سادن ڪپڙن“ وارن لاءِ ته ڪنهن ثابتيءَ جي به ضرورت ناهي ته اُهي رياست جي آئين ۽ قانون کان پاڻ کي مٿانهون سمجهن ٿا، اهي رياست جي ڪنهن به اداري آڏو پاڻ کي جوابده نٿا سمجهن ۽ اهو تسليم ڪرڻ جي به زحمت گوارا نٿا ڪن ته کنڀيل ماڻهو سندن تحويل ۾ آهن. ته پوءِ رياست جو انڪاري ڪير ٿيو؟ کنڀجندڙ يا کنڀيندڙ؟ هر آمر آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهندو هو، ان کي رياست جو مقدس دستاويز نه سمجهندو هو. جيڪڏھن ماڻهو ايئن کنڀيا ويندا ته پوءِ موجوده دور کي ان جو تسلسل ڇو نه سمجهجي؟ ايوب ۽ ضياءَ جي آمريتي دورن ۾ به جن کي کنڀيو ويندو هو، انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو هو، هاڻي اهو تڪلف به ختم؟

عالمي سياست، قانون ۽ وفاقيت جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ مان سمجهان ٿو ته ملڪ جي شهرين کي ايئن کنڀي گم ڪرڻ رياست جي وجود جي نفي آهي. آئيني رياست شهرين جي جان، مال ۽ حقن جي محافظ هوندي آهي ۽ ان حفاظت سان پڻ اها پنهنجي وجود جي ثابتي ڏيندي آهي، پر جڏهن شهرين جي وجود جي ضمانت جو ذمو کڻندڙ رياست ئي انهن کي گم ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ان کي به رياست، جمهوريت ۽ وفاقيقت سڏجي؟ ڇا حب الوطني ايئن پيدا ڪبي آهي؟ جالب درست چيو هو ته:

وه ڪھ رهي هين محبت نهين وطن سي مجهي،

سکها رهي هين محبت مشين گن سي مجهي!

اهو سڀ ڪجهه انهن حالتن ۾ ٿي رهيو آهي، جڏهن ملڪ سچ پچ به عالمي، علائقائي ۽ اندروني طور سخت ۽ گهڻ طرفي بحرانن جي گهيري ۾ آهي. اهڙين نازڪ حالتن ۾ عوام جو ويساهه پڻ رياستن جي حقيقي سگهه ٿي سامهون ايندو آهي، پر جڏهن ايئن ماڻهو کنڀڻ جو سلسلو تيز ٿيندو ته پوءِ ڪهڙو ويساهه جٽاءُ ڪندو؟ ملڪ جڏهن خارجي طور دٻاءَ ۽ گهيرن جو شڪار ٿيندا آهن ته انهن کي سڀ کان اڳ اندروني طور منظم ۽ سگهارو ڪبو آهي پر هتي عجيب صورتحال آهي جو خارجي طور ملڪ سخت دٻاءَ ۽ بحران ۾ آهي ته اندروني طور حالتن کي سڌارڻ بدران هٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي. ڪمزور ئي سهي، پر وري به جمهوري سياسي عمل شدت پسنديءَ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، پر هتي ايئن ڪونھي، جنهن جو حتمي نتيجو انارڪيءَ جي صورت ۾ سامهون ايندو، جنهن جا چٽا آثار هاڻي نظر اچي رهيا آهن. ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جيئن ايڪويهين صديءَ لاءِ سمجهيو ٿي ويو يا جنھن نيو لبرل عالمي نظام سان ڪوڙيون اُميدون وابسته ڪيون ٿي ويون، اُهي نه رڳو ايڪويهين صديءَ جي هنن پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ غلط ثابت ٿيون آهن، پر اهو جدلي ٻوليءَ ۾ لازمي حادثو هو. ان سموري عالمي صورتحال جو بدترين اثر پاڪستان جي رياست ۽ سماج تي پڻ پيو آهي ۽ وڌيڪ پئجڻ جا اثر سامهون اچي رهيا آهن. اهو ڪو رڳواوچتو اتفاق ناهي، ان جي محرڪن کي سمجهڻ لاءِ رياست جي درست معروضي تجربي جي ضرورت آهي.

هن مجموعي صورتحال ۾ ملڪ اندر ۽ خاص طور سنڌ اندر هڪ قسم جي خوف، غيريقيني ۽ اويساهيءَ جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، انڪري سڀ کان پهرين ته ان خوف سان مزاحمت جي ضرورت آهي، خوف اُڏيهي وانگر عوام جي مزاحمتي سگهه کي اندران ئي اندران کائي ڇڏيندو آهي. ان ڪري خارجي قوتن سان مزاحمت کان اڳ ان جي نفسياتي خوف ۽ غير يقينيت سان مزاحمت جو ڏاڪو ايندو آهي. اسان کي اهو تاريخي ۽ معروضي ويساهه هئڻ گهرجي ته ڪابه بدترين صورتحال به گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي، پر ظاهر آهي ته ان عبوري ڏاڪي ۾ عوام جي حقيقي نمائنده سياسي تنظيمن، ذميوار سوچيندڙ ۽ سڄاڻ فردن ۽ مجموعي طور تاريخ جي محرڪ قوتن ۽ سوچن کي درست حڪمت عملين سان ۽ ڪنهن به قسم جي مهم جوئيءَ کان هٽي ڪري گهربل اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آهي. سنڌ ۾ ان جي شروعات انهيءَ خوف ۽ نااميديءَ سان گهڻ طرفي ۽ گهڻ سطحي مزاحمت جي صورت ۾ ڪري سگهجي ٿي ۽ لازمي طور ڪرڻ گهرجي.   jami8195@gmail.com