ملير جي ڳوٺ علي داد گبول تي بحريا ٽائون انتظاميه ۽ پوليس جي چڙهائي، گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا

ملير :-  بحريا ٽائون انتظاميه، روينيو عملي ۽ پوليس جي اٽالن جي گڏاپ جي قديم سنڌي وسندي علي داد گبول ڳوٺ تي چڙهائي، هڪ مدرسي سميت ڳوٺ جا ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا گهرن کي بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا جڏهن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ته ڳوٺاڻن کي ڏسندي ئي پوليس هوائي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جو ڳوٺاڻن مٿان تشدد 3ڳوٺاڻا زخمي اطلاع ملڻ تي انديجينيس رائٽس الائينس جو اڳواڻ حفيظ بلوچ ۽ ٻيا پهچي ويا، بحريا ٽائون جي ظلم خلاف احتجاج جو اعلان. خبر موجب گذريل ڏينهن بحريا ٽائون انظاميه جي هٿيار بندن، روينيو عملي ۽ پوليس جي اٽالن اوچتو بحريا ٽائون جي ڀر ۾ قائم ٿيل قديم سنڌي وسندي علي داد گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺ جي هڪ مدرسي ۽ گهرن کي ڊاهڻ شروع ڪيو، اهڙو ظلم ڏسندي ڳوٺ جا مرد، عورتون ۽ ٻارڙا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ گهرن کي بچائڻ لاءِ مزاحمت شروع ڪري ڏنائون، جنهن تي بحريا ٽائون جي انتظاميه ۽ پوليس اٽالن هوائي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، انهيءَ موقعي تي پوليس اهلڪارن ڳوٺاڻن تي تشدد پڻ ڪيو، جنهن ڪري بشير گبول امين گبول ۽ نوردين گبول زخمي ٿي پيا، اهڙو اطلاع ملڻ تي انديجينيس رائٽس الائينس جو اڳواڻ ۽ ڀر وارا ڳوٺاڻا موقعي تي پهچي ويا، ان موقعي تي الائينس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته ڌرتي ڌرڻين کي گذريل ڪيتري عرصي کان وٺي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته انهيءَ ظلم خلاف انديجينيس رائٽس الائينس گذريل 5سالن کان وٺي جدوجهد ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪراچي مان ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري بحريا ٽائون جي نالي تي نئو اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي جنهن خلاف اسان کان خاموش ٿي نه ويهنداسين ۽ جلد الائينس جي گڏجاڻي گهرائي لائحه عمل جوڙينداسين، هوڏانهن بحريا ٽائون انتظاميه ۽ پوليس اهلڪارن جي تشدد سبب زخمي ٿيل ڳوٺاڻي بشير گبول صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بحريا ٽائون اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي روزانو ڳوٺ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ اڄ اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺ جا ڪيرائي گهر ۽ مدرسي جون ديوارون ڊاهي ڇڏيون ۽ اسان کي اهيو چيو ويو ته جيڪڏهن ڳوٺ خالي ڪري نه ويا ته ٻيهر ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سمورن گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو، ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ مليا آهن ته بحريا ٽائون انتظاميه ڀر وارن 5 ڳوٺن کي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهي