ملير: جهانزيب جوکيو جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ساجد جوکيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو

ملير :- پيرسرهندي ڳوٺ لڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيندڙ نوجوان خانزيب جوکيو جي واقعي خلاف پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن جو قومي شاهراهه تائين ريلي، احتجاج، مظاهرو ۽ ڌرڻو، مڇريل نوجوانن قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪري ڇڏيو، نوجوانن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي جو مطالبو، شاهه لطيف پوليس حد بندي ڄاڻائي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڳوٺاڻا، ايم پي اي ساجد جوکيو جو فون ذريعي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان رابطو، ايڊيشنل آءِ جي جي حڪم  تي ڊي ايس پي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم، خبر موجب ؛ ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد پيرسرهندي ڳوٺ لڳ گذريل ڏينهن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيندڙ نوجوان خانزيب جوکيو جي واقعي جو ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود شاهه لطيف پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي داخل نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوان جي وارثن ۽ معززين سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ميمبر مجاهد جوکيو، سليم سالار سميت سوين ڳوٺاڻن پيرسرهندي ڳوٺ کان قومي شاهراهه رزاق آباد تائين پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مڇريل نوجوانن قومي شاهراهه تي رڪاوٽون وجهي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب قومي شاهراهه ٺٽو ڪراچي ٻن ڪلاڪن تائين بند ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون جڏهن ته نوجوانن پاران قاتلن جي گرفتاري ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروائي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، ايم پي اي ساجد جوکيو ڳوٺاڻن سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيو ان دوران پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو فون ذريعي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪري صورتحال بابت ٻڌايو جنهن بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي حڪم تي ڊي ايس پي ملير سٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ ٻين معززين سان گڏ شاهه لطيف ٿاڻي پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو، ان کان اڳ ڌرڻي واري هنڌ صحافين سان ڳالهائيندي ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته ملير جون ٻهراڙيون بدامني جي ور چڙهي ويون آهن، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، علائقا پوليس رڳو ڀتاخوري ۾ پوري آهي، ڏوهارين خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ سبب واقعا ٿي رهيا آهن، ساجد جوکيو چيو ته ايس پي ملير خلاف وڏي وزير کي شڪايت ڪندس، ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪرائي ويندي مقتول نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو. جڏهن ته علائقا معززين سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ميمبر مجاهد جوکيو، سليم سالار چيو ته ملير پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي، شاهه لطيف ٿاڻي جو ايس ايڇ او رڳو ڀتاخوري ۾ مصروف آهي، نوجوان جي قتل کي 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن شاهه لطيف پوليس حد بندي جو ڄاڻائي ڪيس داخل نه ڪيو آهي، هنن چيو ته ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون ۽ ايس پي ملير خلاف ڪاروائي ڪري واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي.