ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪسڻ لاءِ قلعه ڪهنا اسٽيڊيم کي سيل ڪرڻ بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال، پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ڪارڪن رڪاوٽون

ملتان :- ملتان ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪسڻ لاءِ قلعه ڪهنا اسٽيڊيم کي سيل ڪرڻ بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال، پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ڪارڪن رڪاوٽون ۽ تالو ٽوڙي اسٽيڊيم ۾ داخل، اسٽيڊيم ٻاهران مقرر پوليس طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش، اهلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پي ڊي ايم ڪارڪن ڪرين، سروٽا ۽ ڏنڊا کڻي اسٽيڊيم پهتا، پوليس اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ موسيٰ گيلاني چيو آهي ته رڪاٽون ٽوڙي اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، سومر تي هر صورت ۾ جلسو ڪيو ويندو.