ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير محمد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪوالالمپور:- ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير محمد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن پنهنجي استعيفيٰ ملائيشيا جي بادشاهه ڏانهن موڪلي.ٻئي پاسي هن جي سياسي پارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي رڳو 2 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ حڪمران اتحاد سان عليحدگي اختيار ڪري ورتي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب وزير اعظم آفيس مان جاري تفصيلي بيان ۾ چيو ويو ته مهاتير محمد پنهنجي استعيفيٰ بادشاهه جي محل ڏانهن موڪلي، ان کان سواءِ ڪا به ڄاڻ ناهي ٻڌائي وئي.