مطالبا پورا نه ٿيڻ تي وري 26 ڊسمبر تي ٻانڌي ۾ ڌرڻو لڳايو ويندو. زين شاھ

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي ) سنڌ آباد گاربورڊ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي شوگر ملن پاران حڪومت جي اعلانيل ڪمند جي اگهه 182 روپيه نه ڏيڻ ۽ ٻين بي واجبين خلاف قاضي احمد قومي شاھراھ باء پاس تي آبادگارن ۽ سياسي سماجي ماڻهن پنهنجي اڳواڻن سميت ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ آبادگار اڳواڻ سيد زين العابدين شاھ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو.ڌرڻي ۾ سون جي تعداد ۾ ضلع شھيد بينظير آباد جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ٻين ضلعن جي آبادگارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ سنڌ آبادگار بورڊ اڳواڻ محمود نواز شاھ ،انعام الله ڀٽي،امير علي جمالي ،نازو ڌاريجو،سيد اظھر شاھ ،سيد انور شاھ ،علي اڪبر ڏاهري ، بلاول ڪيريو ، آصف لاشاري ، ڀلوڙ شاعر مھر ڊٻائي ، ذوالفقار جسڪاڻي ، ڊاڪٽر بشير نظاماڻي ،عمران بوزدار سميت ٻين شرڪت ڪئي صبح جو 11 بجي کان ڪيترن ڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي جي ڪري سنڌ کي پنجاب سان ملائيندڙ قومي شاھراھ بند ٿي وئي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون آبادگارن جي ھٿن ۾ ڪمند جون ڇڙھيون ھيون انھن ھٿن ۾ احتجاجي بينر ۽ مختلف پارٽين جا جھنڊا کڻي شوگر ملز وارن ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي .ڌرڻي ۾ پ پ ايم اين اي سيد غلام مصطفي  شاھ جي وڏي فرزند سيد شايان شاھ سيد ٻڍل شاھ پڻ پنهنجي آبادگارن سان شرڪت ڪئي . . ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن سيد زين العابدين شاھ. چيوته موجوده سنڌ حڪومت ساڳي پارٽي جي حڪومت آهي جنهن ماضيءَ کان وٺي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي.ڪڏهن ڪمند ڪڏهن ڪڻڪ ڪڏهن ڦٽين جي اگهه نه ڏيڻ ڪري آبادگار فاقہ ڪشي ۾ مبتلا آهن. ڪمند جو اگهه سنڌ حڪومت پاران 182روپيه مقرر ڪيو آهي پر شوگر ملز مالڪ اھو اگھ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ڇو ته شوگر ملون اڪثر حڪومتي ڌر جي ماڻهن جون آهن ۽ سنڌ حڪومت شوگر ملز مالڪان سان ڳٺ جوڙ ڪري آبادگارن کي پريشان ڪري پئي. گذريل سال به اھا صورتحال ڪئي وئي ۽ هن ڀيري به ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ملي آبادگارن جو قتل عام ڪن پيون ھن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ پاسما خلاف پنهنجي جائز حقن لاءِ آبادگارن جي ساٿ سان احتجاج جاري رکندا سين جيستائين ڪمند جو اعلانيل اگھ نه مليو. ڌرڻي کي آبادگار اڳواڻن ميڊم نازو ڌاريجو. امير علي جمالي ,عرفان حیدر جمالي, سيد محمود نواز شاهه, چوڌري اسد الله آرائين خطاب ڪيو . ڌرڻي ۾ ڪنهن به امڪاني گڙٻڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڄي ضلعي شھيد بينظير آباد جي وڏي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي ۽ وڏي تعداد ۾ رينجرس پڻ موجود ھئي. ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر شھيد بينظير آباد مبين پرھيار اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد سلامت ميمڻ ، ڊي ايس پي مقبول ميمڻ ۽ رينجرس ڪمانڊر ضلع شھيد بينظيرراڻا شڪيل احمد ,ايڊيشنل ڪمشنر 2 نواب شاھ يوسف عباسي جي اڳواڻي ۾ ڳالھيون ڪيون. جيڪي ڪامياب ٿيون ۽ ڌرڻو 6 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي وري خطاب ڪندي سيد زين العابدين شاھ چيو ته مذاڪراتي ٽيم سان ڳالهيون ٿيون انهن يقين ڏياري 18 ڊسمبر تائين مھلت گھري آهي ته هو مل مالڪان سان ملي ڳالھيون ڪري مطالبا رکندا. ھن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين جدوجهد جاري رکي ويندي. ان موقعي تي 26 تاريخ تي ٻانڌي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.