مصر جو اڳوڻو صدر حسني مبارڪ 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

قائره : مصر جو اڳوڻو صدر حسني مبارڪ 91 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. حسني مبارڪ 1981ع کان ٽن ڏهاڪن تائين لڳاتار اقتدار ۾ رهيو، 2011ع ۾ عرب خطي ۾ اُٿيل عوامي تحريڪن مصر کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آندو، جنهن جي نتيجي ۾ حسني مبارڪ جي حڪومت جو به تختو اونڌو ٿي ويو هو.مصري سرڪاري اڳوڻي صدر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڊگهي عرصي کان بيمار رهڻ بعد هو فوجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.