مسئلن کان گهٻرائڻ بدران ان جو حل ڪڍڻ کپي: صديقه ڪياني

اسلام آباد : ڳائڻي صديقه ڪياني چيو ته ڏک ۽ تڪليفون زندگي جو حصو هونديون آهن، مسئلن کان گهٻرائڻ بدران انهن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پهرين طلاق کان پوءِ هن هڪ ٻار پالڻ جو فيصلو ڪيو، ان جي ٻن مهينن کان پوءِ هن ٻي شادي ڪئي. شادي جو مقصد ٻار کي نارمل زندگي ڏيڻ هو. ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ اها شادي به ٽن مهينن کان پوءِ ختم ٿي وئي ڇو ته زندگي سوچ مطابق ناهي هلندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زندگيءَ ۾ ايندڙ چاڙهن سبب زندگيءَ ۾ هڪ ٺهراءُ اچي ويو آهي. هوءَ ڏُک ۽ تڪليفن کان گهٻرائي نٿي.