مرچن جي اگهن ۾ 10 هزار رپيا في مڻ جي رڪارڊ لاٿ : آبادگارن جا مٿي تي ھٿ

ڪنري : مرچن جي اگهن ۾ 10 هزار رپيا في مڻ جي ريڪارڊ لاٿ ، آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ برساتن جي تباهڪارين بعد ايشيا جي وڏي مرچ منڊي ڪنري ۾ مرچن جي آمد شروع ٿي وئي آھي، مرچ منڊي ۾ ڪالهه مختلف علائقن مان ڳاڙھن مرچن جون 350 ٻوريون پھتيون، برسات سبب مرچن جي ڪوالٽي خراب ٿيڻ ۽ پنجاب، ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين علائقن مان واپارين جي نه پھچڻ ڪري مرچن جي اگھه ۾ ھڪ ڏينھن اندر رڪارڊ لاٿ اچي وئي، صنم مرچ جي في مڻ اگهه ۾ 10 کان 12 ھزار رپيا في مڻ گھٽتائي اچي وئي آھي، صنم مرچن جو شروعاتي اگهه 20 کان 28 ھزار رپيا في مڻ ھلي رھيو ھو پر ڪالهه اوچتو اگھه گهٽجي 15 کان 20 ھزار رپيا في مڻ تي پهتو، جڏھن ته برساتن ۾ خراب ٿيل مرچن جو اگھه 6 کان 12 ھزارن تائين رھيو، ان سلسلي ۾ واپارين جو چوڻ ھو ته مرچ منڊي ۾ ڪافي ڏينھن کان برسات سبب مال پهچي نه پي سگھيو، ٽن ڏينھن کان نئون مال اچڻ شروع ٿيو آھي پر برسات سبب انهي جي ڪوالٽي خراب آھي، مٿان وري ٻين شهرن مان وڏا واپاري نه اچڻ ڪري اگھه ۾ گھٽتائي آئي آھي، هنن چيو ته ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ اگھن ۾ اضافي جو امڪان آھي، ٻئي پاسي آبادگارن جو چوڻ آھي ته برساتن سبب مرچ مڪمل طرح سڙي ويا آھن، مٿان وري منڊي ۾ اگھه گھٽجي ويو آھي، جنھن سبب سخت پريشان آھيون.