go do your homework in french traduzione in italiano di do your homework creative writing prompts busy teacher creative writing university of the philippines websites that do your homework reddit best cv writing service 2018 importance of essay writing services reasons for doing volunteer work essay french homework help creative writing dumfries master creative writing online technical writer cover letter no experience

مريض اسٽيل ملز ۽ انڌا اونڌا ويڄ:ليکڪ اعجاز منگي

اسٽيل ملز جي ملازمن کي گهرن تي حڪم مليا آهن ته هو ملازمتن مان فارغ آهن. انهن کي نوڪرين سان گڏ اسٽيل ٽائون شپ جا گهرڙا به خالي ڪرڻا پوندا. اهو قدم هن ڀيري اها حڪومت کڻي رهي آهي، جنهن اقتدار کان اڳ ۾ ماڻهن کان لکين ملازمتن ۽ گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. اسٽيل ملز جي ساڍا چار هزار ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ انهن کي بي گهر بڻائڻ واري حڪمران اپوزيشن جي ڏينهن ۾ انهن سان واعدو ڪيو هو ته اقتدار ۾ اچي تحريڪ انصاف انهن جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪندي. شايد ان وقت تحريڪ انصاف کي به علم نه هو ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ هر پارٽي اهو ڪجهه ڪندي آهي، جيڪو ڪجهه عمران خان ڪري رهيو آهي. هو اڄ به تحريڪ انصاف جو سربراهه آهي پر هن جي حڪومت اڳوڻين حڪومتن وانگر بي انصافيءَ تي سندرو ٻڌي بيٺي اهي. هن مهل تائين هڪ به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي، جنهن جو حوالو ڏئي تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مخالفن کي منهن ڏئي سگهن. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ائين ڦهليل هوندا هئا، جيئن عبدلواحد آريسر جي لفظن ۾ “برسات پوڻ کان پوءِ ٿر ۾ کنڀيون کِڙي پونديون آهن” هن مهل سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ تحريڪ انصاف جا شريف ڪارڪن روپوش ٿي ويا آهن ۽ جيڪي واسڪوٽيون پائي هلن ٿا، انهن نه صرف ڪراچي پر پوري ملڪ ۾ متحده جي ڪمي محسوس نه ڪرائڻ جو عملي عزم ڪري ڇڏيو آهي.

اهو سچ ٻڌڻ جي سگهه هن حڪومت ۾ هجي يا نه هجي پر تحريڪ انصاف پاڪستان جي سياسي تاريخ جو چڪناچور ٿيل سپنو آهي. عمران کي عام عوام جي ايتري سپورٽ حاصل نه هئي. پر جن کي ٿوري سمجهه هئي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اخبار پاسي تي رکي ملڪ جي باري ۾ فڪرمنديءَ سان سوچيندا هئا، انهن جو پڪو خيال هو ته عمران خان اقتدار ۾ اچي اسٽيٽسڪو کي عملي طور تي ڌوڏيندو. انهن کي ان احساس ڇهيو به نه هو ته عمرن خان اقتدار ۾ اچڻ کان به اسٽيٽسڪو جي سڀ کان وڏي علامت بڻجي ويندو. هن کي صرف اقتدار تائين پهچڻ جو جنون هو. هن جو اهو عزم هو ته هن جي نالي سان وزير اعظم جو لفظ به لکيو وڃي. هن جي ان ننڍڙي تمنا جي هن ملڪ ۽ معاشري ڪيتري نه وڏي قيمت ادا ڪئي آهي! ان باري ۾ مستقبل جا مورخ ڪيتري نه ڪاوڙ سان لکندا ته هن عوام سان ڪيڏو وڏو سياسي دوکو ڪيو! هڪ طرف هو پراڻن حڪمرانن تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف هو انهن حڪمرانن جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي. هر پارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي اهو واعدو ڪندي آهي ته هوءَ پي آءِ اي جي ملازمن کي خدشن مان ٻاهر ڪڍندي ۽ اسٽيل ملز جي ورڪرن سان تاريخي انصاف ڪري ڏيکاريندي. جڏهن ته اقتدار ۾ اچڻ بعد جڏهن انهن پارٽين کي ملڪي خزانو خالي هجڻ جي خبر پوندي آهي ته انهن جي اک پهرين اسٽيل ملز ۽ پوءِ پي آءِ اي طرف کڄندي آهي ۽ اها انهن ٻن ادران جي نجڪاريءَ لاءِ تڙپڻ لڳندي آهي.

ڇا اها حقيقت ناهي ته جڏهن به ڪائي پارٽي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ڪنهن به سرڪاري شعبي کي خانگائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هن جو اهو قدم ان ڳالهه جو ثبوت هوندو آهي ته اها ملڪ کي هلائڻ جي صلاحيت کان محروم آهي. ملڪ کي اصل ۾ اها قوت هلائي سگهي ٿي، جيڪا سرڪاري ادارن کي ترقي وٺرائي. ان جي ابتڙ جيڪا سرڪاري ادارن کي کپائي ملڪ هلائي ان کي اخلاقي طور تي ملڪ هلائڻ جو حق نه هجڻ گهرجي. جيڪا سرڪار پنهنجن ملازمن کي چڱي طرح سنڀالي نه سگهي. جيڪا حڪومت پنهنجن ملازمن ۾ نيون صلاحيتون ۽ نوان جذبا پيدا نه ڪري سگهي، جيڪا سرڪار پرائيويٽ ادارن سان چٽاڀيٽي ڪرڻ جي سگهه کان محروم آهي، اها ملڪ کي صرف گهلي سگهي ٿي پر هلائي نه ٿي سگهي. عمران خان جيڪو سياست جي سنسار ۾ مغربي طرز جا خواب کڻي آيو هو، جيڪو پاڪستان کي جديد بڻائڻ جا تصور پيش ڪندو هو، ان به پاڪستان کي پراڻي رستي جو راهي بڻائڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته هن مهل ملڪ جي مجموعي سهپ تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي. سرڪاري ادارا صرف رسمي طور تي پنهنجو وجود بچائي ويٺا آهن، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي هي ملڪ عوام هلائي رهيو آهي. ملڪ کي هلائڻ ۾ سرڪاري ادارن جو نالو ماتر ڪردار به نه رهيو آهي. سرڪار نجي ادارن جي سهاري سان چري پري رهي آهي. ان جي پنهنجي طاقت ختم تي چڪي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ نئين ماحول سان ملي هلڻ جي صلاحيت ناهي. اهي ادارا صرف سرڪار پاران مليل اختيارن جي طاقت سان هلي رهيا آهن. هن وقت عالمي سطح تي اهو بحث هلي رهيو آهي ته صرف اها سرڪار پنهنجا ادارا بهتر بڻائي سگهي ٿي، جيڪا سياسي ۽ تنظيمي طور تي پاڻ بهتر هجي. جيڪا پارٽي پاڻ پراڻي ڪلچر جو حصو هجي، اها پراڻن سرڪاري ادارن کي نئون ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ اهو ممڪن ناهي.

ميان نواز شريف هن مهل ملڪ جو انقلابي سياستدان بڻجي ويو آهي. هو اسٽيبلشمينٽ جو حصو ٿي رهڻ تي عوام کان معافي وٺڻ جي ضرورت به محسوس نه ٿو ڪري. هو اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي تبديل ڪرڻ ٿو چاهي يا اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ ان تي ڪو اختلاف به ٿي سگهي ٿو پر ڇا ڪنهن به نئين پراڻي ليگيءَ وٽ ان سوال جو جواب آهي ته ٽي ڀيرا وزير اعظم رهڻ وارو اڳواڻ جيڪڏهن سياستدان جهڙي انتهائي خفي واري ڪم ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به پنهنجي لوهه واري بزنس کي ڪاميابيءَ سان هلائي سگهي ٿو ته هن ملڪ جي سڀ کان وڏي فولادي اداري اسٽيل ملز کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۽ ان کي اهڙي منزل تي وٺي وڃڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڇو نه ڪيو، جنهن منزل تي پهچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي سوويت يونين اهڙي عظيم اداري جو تحفو ڏنو هو. هي اهو ادارو هو جيڪو نه صرف پوري ملڪ جي فولادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو پر ان جي لاءِ اهو ئي خيال هو ته اڳتي هلي ملڪي دفاع جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ به اسٽيل ملز اهم ڪردار ادا ڪندي پر ايڏي وڏي اداري کي ڪرپٽ سربراهن جي حوالي ڪري کيس سسائي ۽ سوڙهو ڪري سندس ساهه ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي. هي اهو ادارو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي سمورين قومن جا ملازم هئا. هي اهو ادارو هو، جنهن کي ان دور ۾ جديدترين تصورن سان ليس ڪري جوڙيو ويو هو. جيڪڏهن ميان نواز شريف ٻين ڪمن ۾ هوشيار نه هو ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي اسٽيل جو بزنس ته ايندو هو. پوءِ هن جي حڪومت دوران هن جو ذاتي اسٽيل جو بزنس دن دوگني رات چوگني ترقي ڪندو رهيو پر ملڪي جي اسٽيل ملز جا پساهه پورا ٿيندا ويا. ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اسان وٽ ته سرڪاري مال ۾ ڪرپشن جي به گهربل تحقيق نه ٿي ٿئي، جڏهن ته ان معاملي تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي ته ڪو حڪمران ڪنهن ڪم جو ذاتي تجربو رکندڙ هو پر هن ملڪ کي ان صلاحيت ڪو ڪوئي فائدو نه پهچايو؟ ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهڙو ڪردار به ڪنهن طرح سان ڪرپشن جي ذمري ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اصل ڪرپشن اها آهي ته اوهان هڪڙا واعدا ڪري اقتدار ۾ اچو پر اقتدار ۾ اچي اهي واعدا وساري ڇڏيو. اها به ڪرپشن آهي ته اوهان ذاتي ۽ خانداني طور تي پنهنجا ڪاروبار ٺيڪ هلايو پر ملڪ جي ڪاروبارن کي نقصان پوڻ ڏيو. سڀ کان وڏي ڪرپشن اها آهي ته ذاتي فائدي جي لاءِ قومي، عوامي ۽ ملڪي فائدن کي تين وال ڪري تباهه ڇڏيو. اسان جي اڳوڻن توڙي هاڻوڪن حڪمرانن اهو ئي ڪجهه ڪيو آهي. هي ملڪ جاسوسي ناول لکندڙ اگاٿا ڪرسٽيءَ جو اهو ڪردار آهي، جنهن جي وجود مٿان هڪ جي هٿن جا نه گهڻ هٿن جا وار هئا.

هن ملڪ ۾ اهڙو ڪهڙو حڪمران آهي، جنهن جي دور دوران ملڪ ته ترقي ڪندو ويو پر هن جو خاندان معاشي طور تي پوئتي پوندو ويو؟ اسان وٽ اهڙو مثال صرف زيد اي ڀٽو جي صورت ۾ موجود آهي. جڏهن هو اقتدار ۾ نه هو ته هن وٽ وڌيڪ زمينون هيون ۽ جڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته هن جون زمينون گهٽبيون ويون. هو اهو واحد حڪمران هيو، جنهن نوان ۽ پنهنجي دور جا جديد ترين ادارا وجود ۾آندا. اها ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه چئبي ته هن جي پياري ڌيءَ به هن جي راهه تي نه هلي. ذوالفقار علي ڀٽي جي باري ۾ هن وقت به پاڪستان جي تاريخ تمام گهڻي بحث جو موضوع بڻيل آهي ته هن پاران نجي ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ وارو فيصلو غلط هو يا درست هو؟ اسان جي ملڪي اتهاس ۾ هو اهو واحد حڪمران هو، جنهن ادارن کي قوميائڻ جو قدم کنيو. اهو قدم تمام گهڻو مشڪل هو. هن حڪومت هلائڻ جي لاءِ سرڪاري ادارا وجود ۾ آندا. هن بيمار ادارن کي صحت بخشي. هن ملڪ هلائڻ جي لاءِ قومي اثاثا تين وال ڪرڻ جي ترڪيب تي عمل نه ڪيو. هن ملڪ کي سرڪاري ادارن مان سگهه بخشي. هو سياست جو هڪ سٺو ويڄ ۽ طبيب هو. هن کان پوءِ ته هن جو نعرو هڻي ووٽ وٺڻ وارا به هن جي سوچ ۽ نظرئي جا مخالف ٿي بيٺا. هو سياست جا انڌا اونڌا ويڄ هئا. هو عملي سياست جا اهي عطائي ڊاڪٽر هئا، جن ملڪ جا مرض ختم ڪرڻ بدران انهن مرضن ۾ وڌيڪ اضافو آندو.

اسٽيل ملز ان جو سڀ کان چٽو مثال آهي. اسٽيل ملز جي تباهي ۽ بربادي ثابت ڪري چڪي آهي ته انهن حڪمرانن وٽ ملڪ هلائڻ جي ڪا سمجهه نه هئي. هو حڪمران ته هئا ئي نه، هو ته ڪميشن ايجنٽ هئا. انهن ملڪ وڪڻي حڪومت هلائي. زيڊ اي ڀٽو ته هڪ مالهي هو. هن کان پوءِ ايندڙ حڪمران ڪاٺير ثابت ٿيا. جيڪي وڻ زيڊ اي ڀٽو پوکيا، انهن اهي وڻ وڍي کپايا. هن جي پارٽيءَ جي نالي، نعري ۽ پرچم هيٺ به وڻن جهڙن ادارن جي واڍي هلندي رهي. ملڪي ادارن جا اهي وڻ جيڪي عوام لاءِ ڇانورو بڻجي ٿي سگهيا. جن مان هن ملڪ جي ماڻهن کي ڦل ملي ٿي سگهيو. انهن کي پنهنجي ذاتي مفاد جي آگ ۾ جلائي، انهن جيڪا ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، ان جو وڏو مثال هن مهل اها اسٽيل ملز آهي، جنهن جا ملازم هن مهل انصاف لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن ۽ تحريڪ انصاف انهن سان تاريخي ناانصافي ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي