مريخ جي هڪ ڏهائي اٺ ارب پڪسلز تي ٻڌل تصوير سامهون اچي وئي

واشنگٽن: ناسا جي ڪيوراسٽي روور مريخ جي سطح تي سڀ کان هاءِ ريزوليشن ۽ وسيع پس منظر جي تصوير تيار ڪئي آهي، اها تصوير 2019ع جي ٿينڪس گونگ موڪلن جي ڏينهن ۾ 1000 تصويرن کي گڏ ڪري ٺاهي وئي آهي.ان کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويا آهن ۽ اهو 1.8 ارب پڪسلز تي ٻڌل آهي. ان ۾ روور جو هڪ حصو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو.روور جي مٿي لڳل ڪئميرا (ماسٽ ڪئميرا) پنهنجي ٽيلي فوٽولينز استعمال ڪري اهي منظرنامو تخليق ڪيو آهي، گڏوگڏ هن پنهنجي لوور ريزوليوشن جا لينز به استعمال ڪيا آهن ۽ ان جي ذريعي هڪ الڳ منظرنامو جوڙيو آهي.ٻنهي پينوراماز مريخ تي موجود مائونٽ شارپ جي ان طرف کي ڏيکاريو آهي جنهن کي گلين ٽروڊن جو نالو ڏنو ويندو آهي.اهي تصويرون 24 نومبر 2019ع ۽ پهرين ڊسمبر 2019ع جي دوران ورتيون ويون هيون، ان دوران مشن جي ٽيم ٿينڪس گونگ جي موڪلن تي ويل هئي، جڏهن ته روور پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ هڪ ئي جڳهه تي رهي ڪري پنهنجي چوطرف جي نظارن کي ڪئميرا تي منتقل ڪندو رهيو.ڪيوراسٽي روور چئن ڏينهن تائين روزانو ساڍا ڇهه ڪلاڪ صرف ڪري انفرادي تصويرون حاصل ڪيون، ماسٽ ڪيم جي آپريٽرز مختلف قسمن جا پيچيده ٽاسڪ ڪري ان تصوير کي مڪمل ڪيو.ناسا ۾ موجود هڪ سائنسدان جو چوڻ آهي ته ان دوران جڏهن ٽيم موڪلون ملهائڻ ۾ مصروف هئي، ڪيوراسٽي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ اسان جي اکين لاءِ هڪ شاندار دعوت نظارو تخليق ڪندو رهيو.هن چيو ته اهو پهريون موقعو آهي جڏهن اسان 360 ڊگري زاويي تي هڪ مڪمل منظر گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.