مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب: شهيد بشير خان قريشي

سنڌ جو سُقراط/ شهيد بشير خان قريشي
لاڙڪاڻي رتيديري جو الهڙ ڇوڪرو، جنهن کي سُقراط وانگر پيالو ڪرايو ويو، اُن سان سنڌ جا نوجوان ايئن محبت ڪندا هئا، جيئن چڪور چنڊ سان ڪندو آهي. هُن جي هڪ حڪم تي نوجوان ڪڪوريل ٻانهن جا هار ۽ رسيلن چپن جون چُميون به ڇڏي، هن جي اڳيان اچي بيهندا هئا.
هُو پڻ انهن ڇوڪرن سان اهڙو پيار ڪندو هو، جو جڏهن هُو انهن ڇوڪرن جي هٿ ترين تي چُميون ڏيندو هو ته اُهي ڇوڪرا اُنهن رسيلين چُمين جو لُطف وساري ويهندا هئا. جيڪي هُو پٺيان ڇڏي آيا هئا. اُهو رتيديري جو الهڙ ڇوڪرو، جيڪو اڳتي هلي سڄي سنڌ جي دلين ۾ ڌڙڪڻ لڳو ته وقت جي ڀاڙي رياست هُن کي راهه تان هٽائڻ لاءِ، دوکي سان پيالو ڪرايو. اُهو ڳڀرو جيڪو ڪيترين ئي مائرن جي اکين ۾ خواب وانگر رهندو هو، جنهن کي ڏسندي اُميد جو ڏيئو روشن ٿيندي نظر ايندو هو، اُهو ڳڀرو نوجوان، جنهن کي سنڌ جا عمر رسيده ماڻهو اَبُوجهاد ڪري ڪوٺيندا هئا ته هُن سان محبوبه کان وڌ محبت ڪندڙ نوجوان پيار مان وڏو چوندا هئا.
اُن نوجوان کي پوري دنيا بشير قريشيءَ جي نانءُ سان سُڃاڻي ٿي.
بشير قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن ميٽرڪ تائين تعليم، پنهنجي اباڻي شهر رتيديري مان حاصل ڪئي ۽ انٽر شڪارپور ڪاليج مان ڪرڻ بعد 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هي جڏهن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي سنڌ جي حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي جيل جي دال روٽي کائيندو ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن جو محبوب بڻجي ويندو، پر زرعي يونيورسٽيءَ جي ماحول کيس عشق جي اُن مينار تي آڻي بيهاريو، جتان موٽڻ مِهڻو هوندو آهي. زرعي يونيورسٽي اُن وقت آزاد سنڌو ديش جو مورچو هوندي هئي، ۽ اُن دور ۾ ’ويٽنام ويٽنام، ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام‘ نعرو تمام گھڻو مقبول هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ بشير قريشيءَ جي ذهني آبياري ٿي هُئي. هن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.
بشير خان قريشي نهايت ئي بهادر ۽ بي ڊپو انسان هوندو هو، جنهنڪري هي جلد ئي شاگردن ۾ مقبول ٿي ويو. کيس 1980ع ۾ جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو ضلعي صدر چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. 1986ع ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. 1990ع ۾ ٻيو ڀيرو اڪثريت سان چونڊجي آيو. هن جساف جي سياست دوران شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان مُهاڏو اٽڪايو، جنهنڪري کيس ٻه ڀيرا ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، پهريون ڀيرو داخلا جي پهرئين سال 1976ع ۾ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽ 1981ع ۾ سندس ريسٽيڪيشن بحال ٿي، پر وري ساڳئي سال ٻيو ڀيرو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر هي پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو ۽ اڳي کان به اڳرو ٿي، جدوجهد ڪيائين ۽ جڏهن سائين جي. ايم سيد سان ويجھڙائي ٿيس ته سائين جي پيار بشير قريشيءَ کي حقيقي عشق ۾ مبتلا ڪيو ۽ هي الهڙ نوجوان مان ميچوئر سياست ڪرڻ لڳو. بشير قريشيءَ کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1978ع ۾ پهريون ڀيرو ٽنڊي ڄام مان گرفتار ڪري، جيل موڪليو ويو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي تائين جيل ۾ رهيو. اُ ن بعد سندس گرفتارين جو نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو.
ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو (17 آڪٽوبر 1984ع) سندس زندگيءَ ۾ فيصلي ڪُن ثابت ٿيو. بشير قريشي جيئن جيل مان نڪتو ته متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو ۽ ضيائي مارشل لا خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. هن پنجابين طرفان قائم ڪيل تنظيم اين. اين. ايس. او جي خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي، (پنجابين هي تنظيم جساف کي ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي) جنهنڪري ٻيو ڀيرو 15 جنوري 1985ع تي شيخ ڀرڪيي مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۽ ٿاڻن ۾ رکي مختلف اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪيترو عرصو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند وارڊ ڪيو ويو. اُن ئي بند وارڊ دوران فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، کيس هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. ان دوران مٿس تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو، آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي کيس پيرن ۾ بجليءَ جا شاڪ پڻ هنيا ويا. بشير خان جيل جي سموري عرصي ۾ نهايت ئي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. آگسٽ 1986ع ۾ سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ 18 مهينا سزا ڏئي کيس لانڍي جيل موڪليو ويو. جتان 1990ع ۾ آزاد ٿي ٻيهر سرگرمين ۾ حصو ورتائين ۽ گل محمد جکراڻيءَ سان گڏجي جيئي سنڌ تحريڪ جو بنياد وجهي ڪم ڪرڻ لڳو. سندس سرگرمين تي سرڪار جي گهري نظر هوندي هئي، جنهنڪري 2 جنوري 1994ع تي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. بشير قريشي اڃا جيل ۾ هو ته 25 اپريل 1995ع تي سائين جي.ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو، ان وقت جيئي سنڌ ٽن الڳ گروپن ۾ ورهايل هئي، پر سڀئي سائين جي. ايم سيد جي فيصلن جا مڃيندڙ هئا. بشير خان قريشي جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ، عبدالواحد آريسر جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ ۽ شفيع محمد برفت جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو. اُن وقت سڄي سنڌ جو اهو موقف هو ته جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ کي گڏائي هڪ پارٽي ٺاهجي، بشير خان به جيل مان خط لکي انضمام جي حمايت ڪئي ۽ سڀني دوستن کي گڏيل پارٽيءَ لاءِ رضامند ڪيائين. پوءِ سائين جي.ايم سيد جي چاليهي تي انضمام ٿيو ۽ ٽنهي پارٽين کي گڏائي جيئي سنڌ قومي محاذ ٺاهيو ويو. عبدالواحد آريسر ڪنوينر ۽ بشير خان ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ٿيو، بعد ۾ 1996ع ۾ جسقم جو عبدالواحد آريسر کي چيئرمئن ۽ بشير خان کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. بشير خان 1998ع ۾ پهريون ڀيرو جسقم جو چيئرمئن ٿيو، ان بعد لڳاتار جسقم جو چيئرمئن رهيو. 17 جنوري 1999ع تي سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه تان واپسيءَ تي گرفتار ڪري 11 مهينا جيل ۾ رکيو ويو، ان کانپوءِ 2000ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڌرڻي دوران سيد زين شاهه سميت گرفتار ٿيو ۽ اڍائي مهينا جيل ۾ رکيو ويو. آخري ڀيرو 15 سيپٽمبر 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ رينجرز کيس گرفتار ڪيو ۽ سندس لائسنس وارا هٿيار ضبط ڪيا. جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهاڻي ته هڪڙي حصي جو چيئرمئن عبدالواحد آريسر ۽ ٻئي حصي جو چيئرمئن بشير خان ٿيو، جنهن عهدي تي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين برقرار رهيو.
بشير خان جڏهن کان جسقم جو چيئرمئن بڻيو هو ته هُن سياست جو رُخ عوام ڏانهن موڙيو هو، ۽ ماڻهن کي شعوري طور سجاڳ ڪرڻ لاءِ هن هر شهر ۾ ننڍا ننڍا جلسا ڪوٺايا، ڪڏهن پاڻيءَ جي مسئلي تي، ڪڏهن بدامني، ته ڪڏهن ڪنهن سماجي بُرائيءَ جي خلاف. هُو هر روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ هوندو هو. اهڙي ريت هي ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهيندو ويو ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ نوجوانن جا جٿا تيار ڪندو ويو. هن ايترا نوجوان تيار ڪيا هئا، جو جڏهن ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن ۾ بينظير صاحبه به شريڪ ٿي هئي. اُن ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سياسي مشينري استعمال ڪندي ٽينڪون گهرايون ويون، جڏهن ٽينڪون ڌرڻي واري هنڌ پهتيون ته ڪارڪن رستن تي ليٽي پيا ۽ نعرا هڻندي چوڻ لڳا ته ڪو به ڊيم ٺهيو ته اهو اسان جي لاشن تي ٺهندو. اُن بعد اهي ڀاڙيءَ جا دلال خاموش ٿي ويهي رهيا ۽ اُهو ڌرڻو پنهنجي وقت تائين برقرار رهيو. ان ڌرڻي ۾ بشير خان کي تقرير لاءِ نه گهرايو ويو، جنهن تي ڪارڪنن زوردار نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته بشير خان کي تقرير جو موقعو ڏنو وڃي، اها بشير خان جي سياسي پرچار هُئي، جنهن ڪارڪنن ۾ ايترو جوش پيدا ڪيو هو. جڏهن بينظير صاحبه اهو ٻڌو ته نثار کهڙي جي تقرير اڌ ۾ روڪرائي بشير خان کي تقرير جو موقعو ڏنو ويو. تقرير ۾ بشير خان چيو ته بينظير صاحبه! اقتدار توهان جي مصلحت هجي يا منزل، اسين اوهان جي راهه ۾ ڪنهن به ريت رنڊڪ نه بڻجنداسين. اوهان کي اوهانجون مصلحتون ۽ منزلون مبارڪ هجن، پر جڏهن به اوهان سنڌ جي نالي تي سڏ ڏنو، اسين اوهان کي لبيڪ چونداسين.
بشير خان حڪمت عمليءَ جو وڏو ماهر هو، هن جي ڪارڪنن ۾ توڙي ڪارڪنن کان ٻاهر ٻين ماڻهن ۾ ساڳي حڪمت عملي هوندي هئي. بشير خان عمل پيرا ۽ جاکوڙيندڙ انسان هو. ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال، اين. ايف. سي اوارڊ، ڌارين جي آبادڪاري، معاشي وسيلن جي ڦرلٽ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگي، ذوالفقار آباد رٿا ۽ ٻين قومي مسئلن تي ڪامياب ڌرڻا هڻائي، قومي تحريڪ ۾ ڌرڻن جي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. هن ڪراچي، موري، خيرپور، ٻٻرلوءِ سڪرنڊ، سکر، ڪمون شهيد تي، سنڌ پنجاب جي تنگ تي ڪيترائي ڀيرا ڪامياب ڌرڻا هڻائي، پنجاب جي رسد بند ڪئي. اهڙيءَ طرح بشير خان جيئن سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ ساهه جي تند جيان ڌڙڪڻ لڳو هو، تيئن وقت جي رياست جي هانءُ ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيان ٽنبڻ لڳو هو. رياست ڪيترائي ڀيرا کيس راهه تان هٽائڻ لاءِ مٿس حملا ڪرايا، پهريون ڀيرو 10 جون 2005ع تي ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي دوران رستي ۾ ڪوٽڏيجي وٽان قلعي تان سندس قافلي تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي وئي، جنهن ۾ سندس گاڏي مڪمل طور پروڻ ٿي وئي، ۽ هڪ ڪارڪن عبدالحق ميراڻيءَ کي فورسز شهيد ڪيو. ٻيو حملو 2007ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪارڪنن همت ڪري حملي آورن کي پڪڙيو، جيڪي پڻ رياست جا ماڻهو هئا. ٽيون حملو 1999ع ۾ جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي پهري ۾ پنجابي دهشتگردن ڪيو، جنهن ۾ بهادر قومي اڳواڻ قيوم منگي شهيد ٿي ويو. چوٿون حملو 2009ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جو صدر دشمنن جي گولين سامھون سينو ڏنو ۽ مشتاق خاصخيلي قرباني ڏيئي شهيد ٿيو، ان دوران هڪ حملي آور به مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. جن جي کيسي مان مليل ڪارڊن مان پتو پيو ته هو آءِ. ايس. آءِ جا ماڻهو هئا، مارجي ويل آن ڊيوٽي ملازم هو. اهڙيءَ طرح سندس ڪراچيءَ واري گهر تي به ڪيترا ئي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي.
بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ شاندار پيغامِ سنڌ مارچ ڪرايا، جن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ٿي هئي ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ آزاديءَ جا نعرا ڇا گونجيا هئا، ايوانن ۾ ويٺل ڪارندا پنهنجون ڪُرسيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا. بشير خان 2007ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻيءَ واري جاءِ سکر کان مورڙي جي مزار ڪراچيءَ تائين 700 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ’پيغام سنڌ مارچ‘ وسيلي سنڌي ماڻهن تائين آزاديءَ جو پيغام پهچايو ۽ جتان جتان سندس قافلو گُذرندو ويو، لکين ماڻهو آجيان لاءِ گُلن جا هار ۽ اکين ۾ محبت جا لُڙڪ سجائي بيٺل هُئا. اهڙن لُڙڪن، مُرڪن ۽ گُلن جي آجيان وارو قافلو، جڏهن ڪراچي پهتو هو ته ڪراچيءَ جي سرزمين نمي کين سجدو ڪيو هو. بشير خان پنهنجي زندگيءَ جو آخري مارچ 23 مارچ 2012ع تي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ ڪرايو هو، اُن ۾ ماڻهن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي هو. بي. بي. سي جي رپورٽ موجب 25 لک کان مٿي ماڻهو هئا. بشير خان آخري مارچ ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته؛
عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دار و رسن کي سينگارڻ گُهران ٿو.
۽ هن واقعي ايئن ڪري ڏيکاريو. اهو ئي مارچ بشير خان جي شهادت جو سبب بڻيو. بشير خان هر مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پهريان 2 مهينا سڄيءَ سنڌ ۾ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو هو. بشير خان سنڌ جو واحد سياسي قيدي هو، جنهن لاءِ قيدي دعائون گُهرندا هئا ته سدائين جيل ۾ هُجي، ڇو ته بشير خان جيترو عرصو جيل ۾ رهيو ته هن اُتي قيدين جي مسئلن لاءِ بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مسئلا حل ڪرايا، قيدين تان آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊاٻيڙيون، بشير خان ختم ڪرايون. بشير خان قيدين لاءِ ڇپر ڇانءُ هوندو هو. جيل انتظاميا به ڪنهن قيديءَ کي بشير خان جي موجودگيءَ ۾ تنگ نه ڪندي هئي. جنهنڪري قيدي چاهيندا هئا ته بشير خان هميشه سندن ڀرجهلو ٿي رهي.
بشير خان جو شروعاتي دور مزاحمتي رهيو آهي ۽ پاڻ قومي تحريڪ ۾ ويڙهاڪ طور مڃيو ويندو هو ۽ هن ڪيترائي قومي پلاند پڻ ڪيا. 80ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ پنجابي آبادڪاري سنڌي ماڻهن خلاف رِڻ ٻاري ڏنو هو، ميرپورخاص ايس. ايل ڪاليج پنجابي شاگردن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ قومي ڪارڪنن کي ماريو پئي ويو، 1986ع ۾ جساف جي ڪارڪنن رضا محمد بنگلاڻي ۽ عبدالقدوس ابڙينگ کي جڏهن شهيد ڪيو ويو هو ته ان جي مُک جوابدار مير زمان کي پلاند ۾ بشير خان ماريو هو. ساڳي ريت 1988ع ۾ ايجنسين جي چُرچ تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو قتلام ٿي رهيو هو، جنهن جي سرپرستي حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ ڪري رهيو هو، ان ميئر کي به پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين بشير خان پهچايو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جتي به پنجابين جي اڪثريت سنڌين سان مهاڏو اٽڪايو، يا سنڌي شاگردن کي تنگ ڪيو پئي ته اُنهن کي خاموش ڪرڻ ۾ بشير خان ئي سڀنيءَ کان اڳڀرو رهيو.
بشير خان قريشي پنهنجي سڄي زندگي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي گُذاري، هن سڄي سنڌ جي رستن کي پنهنجي پيرن جي پِڻين هيٺيان لتاڙيو، جهر جهنگ جهاڳي آزاد سنڌو ديش جو پيغام پهچايائين ۽ ستل ماڻهن کي جاڳايائين. اهڙيءَ طرح بشير خان سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو، 300 کان وڌيڪ ميڙ منٿ قافلا وٺي، ماڻهن کي سرچاءُ لاءِ راضي ڪيو ۽ 100 کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس هر عمل سنڌ جي مفاد وٽان هوندو هو ۽ سندس جدوجهد جو طريقو هر طرح سان عوامي هوندو هو. جيتوڻيڪ بشير خان قريشي ڪو گهڻن ڪتابن جو مُطالعو نه ڪيو هو، پر سنڌ جي عشق هُن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. هُو 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل سان ڪي ٻه پل ننڊ ڪندو هو، نه ته سدائين سفر ۾. هُو بلڪل سائين جي. ايم سيد جي هن قول تي عمل پيرا رهيو. سائين لکيو آهي ته: سنڌ کي درپيش مسئلن کي جيئن مون ڏٺو آهي، ايئن اوهان محسوس به ڪيو ته هوند سُک جي ننڊ سُمهي نه سگھو. بشير خان جيڪو قومي ڪارڪنن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو، سو جي ڪنهن ڪارڪن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌندو هو ته رات جا رستا لتاڙي به اُن شهر ۾ پهچندو هو. هُو هڪ ئي وقت ڪراچيءَ ۾ به هوندو هو، ته لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ مان به اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا هئا. بشيرخان جي اهڙي جدوجهد تي ڪيترن ئي ادارن پاران عالمِ انسانيت ۽ امنِ سفير جا اورڊ پڻ ڏناويا. سندس جوشيلين تقريرن جو پهريون مجموعو ’جاڳيا جُنگ جوان‘ 1989ع ۾ منصور قادر جوڻيجي ڇپائي کيس مڃتا ڏني.
اهڙيءَ طرح هن سرڪش ۽ اڏول انسان جي زندگيءَ جي سفر جي پُڄاڻي، 7 اپريل 2012ع تي پيالي سان ڪرائي وئي. پاڻ سڪرنڊ ۾ هڪ قومي ڪارڪن وٽ ترسيل هو، جتي ڪيترائي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا هُئا. اُتي ئي رات جو اڍائي وڳي کيس تڪليف ٿي ۽ ٿوري وقت ۾ ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهوندن جو موقف آهي ته کيس (silow poison) ڏيئي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي هلي سندس ڪيس کي جهڙي ريت لئه مٽي ڪيو ويو، سندس جُزن واري رپورٽ، گهرو وزير جي بدلي ۽ جُزن واري برنيءَ جي ٽُٽڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته رياست ڪراچيءَ واري ’سنڌ گُهري ٿي آزادي‘ واري مارچ کانپوءِ کانئس گهڻو خوفزدهه هُئي ۽ هُنن سڌي ريت راهه تان هٽائي، سنڌ ۾ بغاوت کي ڀڙڪائڻ نٿي چاهيو، جنهنڪري کيس (silow poison) ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير خان جي شهادت جي خبر ڇا نشر ٿي هئي، ماڻهن جي ته ساهه جي تند ڪُجهه گهڙين لاءِ رُڪجي وئي هئي. ان رات جو ئي سڄي سنڌ مان لکين ماڻهن جا قافلا رتيديري جي سفر ڏانهن راهي ٿيا هئا ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا. بشير خان جيڪو زندگيءَ ۾ ته لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جو تجربو رکندو هو، پر هن ته آخري ديدار وقت به لکين ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا. سندس وڇوڙي تي سنڌ جي ڪيترن ئي قلمڪارن ڀرپور لکيو ۽ رياست جي انهيءَ دوکي سان ڪرايل پيالي واري پلان کي وائکو ڪيو. ڪيترين ئي اخبارن کليل ايڊيٽوريل لکيا ۽ سندس ياد ۾ 20 کن ڪتاب ڇپايا ويا ۽ ڪيترائي ڏينهن سنڌ جي هر گهر ۾ تڏو وڇايل هو. هر ڪنهن ايئن پئي سمجهيو، ڄڻ سندن گهر ۾ ڪو شهيد ٿيو هجي.
نوجوان شاعر سعيد ميمڻ کيس ڪيڏي نه شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

ڪڏهن موت کان نه دلڙي ڊني آ،
اسان سنڌ توکي حياتي ڏني آ.
اڙي دوستو! هي ڌرتي سنڀاليو،
اسان جي حياتي دَڳ ۾ پُني آ.