مرغي، گوشت ۽ سرڪار

حسن ناز سومرو

ڪيترن سالن جي جدوجهد ۽ ڪوششن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪري اعليٰ ايوانن تائين رسائي حاصل ڪئي آهي ۽ ان حد تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان جي عوام ان ڪري به عمران خان جو ساٿ ڏنو ته عمران خان پاڪستان مان ڪرپشن جو خاتمو آڻيندو ۽ ملڪ مان مهانگائي ختم ٿيندي ۽ هتان جو لٽيل پئسو واپس آڻي، پاڪستان کي خوشحال بڻايو ويندو سو ان سلسلي جي پهرين ڪڙي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ شهباز شريف جي گرفتاري سان ڪئي ويئي ۽ پاڪستان جو عوام ان ڪري به خاموش رهيو ته ٿي سگھي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ممڪن آهي ته ڪرپشن ڪئي هجي ۽ جيڪڏهن ڪرپشن ڪئي آهي ته پوءِ انهن کي سزا به ملڻ گھرجي پر جڏهن انهن جي خلاف جاچ پڙتال شروع ڪئي ويئي ته متضاد بيان سامهون آيا، جنهن ۾ ڪڏهن مسلم ليگي اڳواڻن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ته ڪڏهن ڪوبه ثبوت نه ملڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون پر جيتري تائين عام ماڻهو جي سوچ آهي ته مسلم ليگي اڳواڻن خلاف ڪو واضح ثبوت نه ملي سگھيو آهي، جنهن جي ڪري کين سختي گھٽ ڪئي ويئي آهي ۽ محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته هو جلد ئي انهن ڪيسن مان آجا ٿي ويندا پر ٻئي طرف عمران خان بضد آهي ته مسلم ليگي اڳواڻن سان گڏ تحقيقات جو دائرو وڌائي پوري ملڪ مان ڪرپشن ڪندڙن جا رستا سوڙها ڪيا ويندا. هوڏانهن چيف جسٽس آف پاڪستان چوڌري ثاقب نثار صاحب اها ڌوم مچائي ڇڏي آهي ته پاڪستان جي ڌريائن تي انچ انچ تي ڊيم تعمير ڪرايا ويندا جنهن جي حمايت وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان صاحب به ڪري چڪو آهي، سو ٺيڪ آهي جيڪڏهن حڪومت ۽ ڪورٽ سڳوري پاران اهڙا وڏا قدم کنيا پيا وڃن ته ان لاءِ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري هوندو آهي پر افسوس جي ڳالھه اها آهي جو عوام جي مخالفت جي باوجود به اهڙا قدم کڻڻ جي ڳالهھ ڪئي پيئي وڃي، جيڪي عوام برداشت نه پيئي ڪري، هڪ طرف عوام سان ڪيل واعدا موجوده حڪومت کان وسري ويا آهن ۽ اهڙي قسم جا بيان جاري ڪيا پيا وڃن ته جنهن حڪومت يو ٽرن نه ورتو سمجھو ته اها حڪومت ئي ناهي، سو ان ڳالھه مان اها ڳالهھ واضح نظر اچي رهي آهي ته موجوده حڪومت عوام سان غلط بياني ڪري اقتدار ۾ آئي آهي ۽ عوام سان ڪيل واعدن جو به يوٽرن ورتو ويو آهي. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي اهڙن ماڻهن کي اڳتي آندو ويو، جيڪي نا تجربيڪار آهن، جڏهن ته اهل ۽ تجربيڪار ماڻهن کي پوئتي رکيو ويو، جيڪي عوامي چونڊيل نمائندا اڳ ۾ به پاڪستان جي وڏن وڏن عهدن تي رهي ڪامياب پاليسيون ڏيئي پاڪستان کي مستحڪم ڪيو، اڄ اهڙن لائق ماڻهن کي هلڪيون وزارتون ڏيئي، انهن تي احسان ڪيو ويو آهي پر موجوده حڪومت ۾ هن وقت ڪيترائي اهڙا چونڊيل نمائنده به موجود آهن، جيڪي حڪومت جي الفابيٽ کان به واقف نه آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو موجوده حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي صدر ۽ وزيراعظم هائوسز سان گڏ گورنر هائوسز کي به يونيوسٽيز ۽ تفريح گاهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته اتي موجود مينهن کي وڪڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جڏهن ته ملڪي معيشت مينهن وڪڻڻ يا سرڪاري عمارتن کي ڊاهڻ سان مضبوط نه ٿيندي آهي ۽ اهڙي قسم جي حرڪتن کان پوءِ وزيراعظم عمران خان مينهن جي ڪٽن کي نه ڪهڻ جا حڪم به جاري ڪندي ڪڪڙين ۽ انهن جي انڊن جي واڌ ويجهھ تي به ڪرڙي نظر رکي آهي پر افسوس جي ڳالھه اها آهي، آخر اهو ڪير آهي جيڪو وزيراعظم جو ڌيان وڏن وڏن مسئلن تان هٽائي ننڍڙن ننڍڙن مسئلن ڏانهن ڇڪائي، ان جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.