مخالف ڌر جي پارٽين جو وفاقي بجيٽ کي رد ڪرڻ ۽ اي پي سي گھرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد:-  نئين مالي سال جِي وفاقي بجيٽ جِي منظوري ڪيئن روڪرائجَي: اپوزيشن جماعتن وچ ۾ رابطا تيز ٿي ويا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جو اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کانپوءِ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ، آفتاب شير پائو، حاصل بزنجو ۽ محسن داوڙ سان به فون تي رابطو، اڳواڻن وفاقي بجيٽ کي گڏيل طور رد ڪرڻ ۽ ايندڙ هفتي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ تي اتفاق ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو ، سينيٽر حاصل بزنجو ۽ محسن داوڙ سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. اڳواڻن ملڪ ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن ملڪي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺي ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري چيو ته عوام دشمن بجيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو، حڪومتي ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان 18هين ترميم جو نالو وٺي ملڪي آئين کي نشانو بڻائي رهيو آهي . پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو ، سينيٽر حاصل بزنجو ۽ محسن داوڙ وچ ۾ ايندڙ هفتي اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو .