محرابپور ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيل صحافي عزيز ميمڻ جو ڪيس ڪئميرامين سوڌو پنج جوابدارن خلاف داخل

نواب شاهه :- محرابپور ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيل صحافي عزيز ميمڻ جو ڪيس ڪئميرامين سوڌو پنج جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. محرابپور ٿاڻي تي صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ حفيظ ميمڻ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪئميرامين اويس قريشي ۽ ٻين چئن اڻڄاتل ماڻهن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي موقف رکيو آهي ته جڏهن عزيز ميمڻ کي قتل ڪيو ويو، اُن کان ٿورو اڳ هو ڪئميرامين ۽ ٻن ڄڻن سان گڏ ويندي نظر آيو هو، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ واهه مان سندس لاش هٿ آيو. واضح رهي ته صحافي عزيز ميمڻ جو لاش ڪجهه ڏينهن اڳ واهه مان مليو، اُن وقت سندس ڳچيءَ ۾ مائيڪ جي تار ويڙهيل هئي. عزيز ميمڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ صحافي برادري سراپا احتجاج بڻيل آهي. سنڌ سرڪار جو چوڻ هو ته مقتول صحافيءَ جا پونيئر ڪيس داخل ڪن ته جيئن پوسٽ مارٽم ٿئي ۽ جاچ کي اڳتي وڌائي سگهجي. صحافي برادري مطالبو ڪيو آهي ته عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي.