محرابپور ۾ صحافي عزيز ميمڻ گهٽا ڏئي قتل، لاش شاخ مان هٿ، قاتل نامعلوم

ڪنڊيارو/محرابپور:- سينيئر صحافي عزيز ميمڻ  قتل، لاش  محرابپور ڀرسان گوڌو شاخ مان هٿ، عزيز ميمڻ جي قتل خلاف ڪنڊيارو تعلقي جي مختلف  شھرن صحافين جو احتجاج، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو،  خبر موجب سنڌ جي صحافين کي حق سچ جو ساٿ ڏيڻ وارن کي قتل ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آ هي، محرابپور جي نجي سنڌي چينل جي رپورٽر  سينيئر صحافي  عزيز ميمڻ کي اڻ ڄاتل جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو سندس ڳچي ۾ ڪئبل جي  تار ٻڌل لاش  محرابپور ڀرسان گوڌو شاخ ۾ هٿ آيو، اطلاع ملڻ  باوجود پوليس بر وقت واقعي واري هنڌ نه پهتي، بعد ۾ ڪيتري دير بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي محرابپور رورل هليٿ سينٽر پهچايو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پوسٽ ماٽم ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي گهٽا ڏيڻ ۽ تار جا نشان ظاهر آھن جڏھن ته سندس جسم ۾ ڪٿي به ڌڪن جا نشان نه آھن جڏھن ته سندس جسم ۾ پاڻي پيل آھي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس پاڻي ۾ ٻوڙي قتل ڪيو ويو هوڏانهن  اسپتال ۾ ايڪسري مشين خراب هجڻ ڪري عزيز ميمڻ جي لاش جو ايڪسري خانگي طور ڪرايو ويو، اسپتال انتظاميه موجب جزا وٺي روهڙي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، جتان رپورٽ اچڻ بعد ڪجهه چئي سگهبو، اهڙو اطلاع ملڻ تي پوري ضلعي جي صحافي محراب پور پهتا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته عزيز ميمڻ کي سندس ڪيميرامين اويس قريشي محرابپور ڀرسان ڳوٺ صوفائي سهتو وٽ ڇڏي پاڻ واپس موٽي آيو هوڏانهن واقعي بعد پوليس عزيز ميمڻ جي ڪئميرامين کي پڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو، واقعي خلاف سنڌ ۾ قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ڪنڊيارو ۾ شبير ملاح، طاهر ابراهيم ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. دادو ۾ صابر ڀنڊ، ولي چانڊيو، طارق لغاري ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ڪرمپور ۾ سيف الله بجاراڻي، شربت علي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو، خانواهڻ، خانپور مهر ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.