“محب آزاد کي آزاد ڪريو” مسو ڀرڳڙي ۾ سنڌ سڄاڳي فورم جي ريلي

مسو ڀرڳڙي:- سنڌ سڄاڳي فورم حيدرآباد ۽ عوامي ورڪز پارٽي واڻڪي وسي پاران سنڌ سڄاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل وڪيل محب آزاد لغاري ۽ سنڌ ۾ جبري گمشدگين خلاف مسو ڀرڳڙي شھر جي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جبري گمشدگيون نامنظور، محب آزاد لغاري کي آزاد ڪيو، سياسي سماجي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو، اسان انصاف گھرون ٿا پنھنجن جي آزادي گھرون ٿا جا نعرا ھنيا ويا .ان موقعي تي اڳواڻن پير محمد نوناري ،اعزاز لغاري، مدثر مھدي لغاري، فيصل لغاري، امجد رند ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان ڪيتري وقت کان سياسي سماجي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي جيڪي سياسي سماجي قومي ڪارڪن آھن انھن جو جيڪڏهن ڪو ڏوھ آھي ته انھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر ايئن نٿو ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪَ چيو ته سنڌ مان شاگردن استادن پروفيسرن وڪيلن سميت سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي. ھنن مطالبو ڪندي اعليٰ عدليه کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي. ھنن سنڌ سڄاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل وڪيل محب آزاد لغاري جي کنڀجڻ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته وڪيل محب آزاد پرامن سياسي ڪارڪن آھي جيڪو انسانيت جو پرچار ڪندڙ آھي ۽ ھيومين رائٽس جو وڪيل آھي جيڪو وقت بوقت مسنگ پرسنز جو آواز اٿاريندو آھي ھن انسان دوست وڪيل محب آزاد لغاري کي 4 سيپٽمبر تي صاحب خان چانڊيو وٽان ڪورٽ ويندي ٻارن سان گڏ کيس کنڀيو ويو ۽ ٻارن تي تشدد بعد کين ڇڏيو ويو. اڳواڻن چيو ته محب آزاد ھميشه قانون جي پاسداري ڪندڙ رھيو آھي قانون جو احترام ڪندي ان کي فوري آزاد ڪيو وڃي جڏھن ته ھائي ڪورٽ ۾ شنوائي دوران ايس ايس پي حيدرآباد پڻ اھو چئي چڪو آھي وڪيل محب آزاد لغاري تي ڪابه اھڙي سرگرمي ناھي ثابت ٿي سگھي جنھن مان ثابت ٿئي ته ھي ڪو ڏوھ ۾ ملوث آھي ۽ ھو ھيومن رائيٽس جو وڪيل آھي ۽ مسنگ پرسنز تي گھڻو متحرڪ رھندو آھي ۽ انھن لاءِ آواز اٿاريندو آھي اڳواڻن ھنن جي جلد کان جلد آزادي جو مطالبو ڪيو ته جيئن انسان دوست ماڻھو آزاد ٿي پنھنجي بنيادي حقن جي پاسداري ٿي سگھي ريلي ۾ شان آرائين سنڌ سڄاڳي فورم اڳواڻ، فريد لغاري عوامي ورڪرز پارٽي واڻڪي وسي جنرل سيڪريٽري،مظفر لغاري عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد ضلعو ھاري سيڪريٽري،افضل لغاري عوامي ورڪرز پارٽي يونٽ ميمبر،عبدالرزاق عوامي ورڪرز پارٽي ميمبر،حيدر لغاري عوامي ورڪرز پارٽي ميمبر،دانيال سولنگي يوٿ اتحاد ميڊيا سيڪريٽري،مختيار لغاري يوٿ اتحاد ميمبر ڪامريڊ شبير لغاري،علي شير ترڪ،آزاد لغاري، واڻڪي وسي جي باشعور عوام ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.