easy creative writing activities woodlands junior homework help history alaska anchorage mfa creative writing how can i improve my creative writing skills ubc creative writing office mba assignment writing service in sri lanka augsburg mfa creative writing how to motivate yourself to do your dissertation resume writing service bay area morning creative writing creative writing senior high reason and writing custom publication 4th edition

محبت عقيدت ۽ نفرت : ليکڪ جڳديش آهوجا

محبت انساني توڙي حيواني جيوت جو فطري جذبو ۽ جبلت آهي، عقيدو ۽ عقيدت انسان جي ذهني پرورش جي پيداوار آهي. ڪائنات جي هن وقت تائين معلوم سموري مخلوق مان انسان واحد مخلوق آهي جيڪا عقيدي ۽ عقيدت جو شڪار ٿئي ٿي. ساڳي ئي ڪار گھڻو تڻو نفرت جي معاملي ۾ به آهي، توهان ڪڏهن ڏٺو هوندو ته جانورن جو ڪو جٿو ڪنهن کي نفرت جو نشانو بڻائي مٿس حملي آور ٿيو هجي. اهو انساني اَوگڻ آهي. نفرت محبت جيان ڪا آفاقي فطرت به ناهي ۽ جبلت به ناهي. نفرت ۽ خوف ذهني ۽ جسماني تشدد جي پيداوار آهن. عقيدو ۽ عقيدت انهن کي ٻارڻ مهيا ڪندا آهن.

انساني توڙي حيواني جيوت جي پهرين جنت ماءُ جو پيٽ ۽ ماءُ جو پيار هوندو آهي، اتي  ڪجھه به نه هوندو آهي سواءِ محبت جي. نه نفرت نه عقيدت، محبت جي انتها عقيدت کي جنم ڏيندي آهي ۽ محبت جي مخالفت نفرت کي اڀاريندي آهي. ناپسنديدگي نفرت جي ابتدائي شڪل هوندي آهي جيڪو هڪ سماجي لاڙو آهي. ٻار جي پهرين جنت ماءُ جو پيٽ هوندو آهي جتي هن جو جنم ٿيندو آهي ۽ اتي هن کي کاڌ خوراڪ ۽ پيار اڻ گھريو ملندو آهي. ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ مان نڪري هن دنيا ۾ ايندو آهي ته ڄڻڪه جنت مان تَڙجي دوزخ ۾ ايندو آهي.

نئون تازو ڄاول ٻار جڏهن روئيندو آهي ته هن جي آس پاس موجود سمورا انسان هن کي پيار ڏئي ريجھائڻ، کلائڻ ۽ خوش ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن، تڏهن ٻار کي محسوس ٿيندو آهي ته هيءَ نئين دنيا جيڪا ماءُ جي پيٽ واري پرسڪون دنيا جي ڀيٽ ۾ انتهائي هُل هنگامي واري آهي. سا به ڪا ايتري خراب ناهي ۽ هيءَ سڄي عجيب و غريب مخلوق جيڪا کيس پيار ڪري ٿي ۽ کيس خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي شايد بري ناهي ۽ پوءِ جيڪو به ٻار کي پيار ڏئي ٿو ٻارُ ان سان جڙي ٿو. توهان ياد ڪيو توهان سڀ کان پهرين ڪنهن کي ڪڏهن ۽ ڇو ناپسنديدگيءَ جي نظرن سان ڏٺو هو، توهان کي ناپسنديدگي ۽ نفرت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي ويندو.جڏهن اسان کي ڪنهن کان ڪو ذهني رنج رسي ٿو يا جسماني تڪليف پهچي ٿي ته اسان جي اندر ۾ ان لاءِ ان عمل جي نسبت سان ناپسنديدگي ۽ نفرت جا جذبا اُڀرن ٿا. جن ٻارن کي مون جيان گھر، پاڙي ۽ برادريءَ ۾ امن ۽ پيار جو ماحول مليو هوندو انهن کي ته ڪنهن کان نفرت ڪرڻ جو ڪڏهن ڪو موقعو ئي نه مليو هوندو. پر جن گھرن ۾ مار موچڙي ۽ تشدد جو ماحول هوندو آهي اتي ناپسنديدگي ۽ نفرت ٻار ۾ ننڍي هوندي ئي جنم وٺي ٿي. نفرت کي اُڀارڻ ۾ تشدد نمايان ڪردار ادا ڪري ٿو پر ذهني تربيت به ڪمال شيءَ آهي. جاگيرداري ۽ زرعي سماج تائين انسان پيءُ ۽ استاد جي مار لاءِ پهاڪو ٺاهي ڇڏيو ته “مار، ٻار جي سنوار” تشدد، نفرت ۽ جوابي تشدد کي جنم ڏيندو آهي. اسان ذهني تريبت وسيلي پيءُ ۽ استاد لاءِ ته احترام پيدا ڪري ڇڏيو پر انهن جي تشدد جي جواب ۾ پيدا ٿيل جوابي تشدد جي باهه کي ڪٿي ته ڀڙڪو کائڻو ئي هوندو آهي ۽ پوءِ اها باهه ڀڙڪندي آهي، پاڻ کان ڪمزورن تي ۽ خاص طور تي ٻارن ۽ عورتن تي يا سماج جي ڪمزور پرتن تي.  ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو. انسان انهن سڀني فردن ۽ قوتن ڏانهن ناپسنديدگي ۽ نفرت جو لاڙو رکندو آهي جن وٽان کيس يا ساڻن محبت ڪندڙ ماڻهن کي نقصان رسندو آهي يا رسڻ جو امڪان هوندو آهي. اهو امڪان ڪڏهن حقيقي هوندو آهي ۽ ڪڏهن هنن جي ذهنن ۾ غلط طور پيدا ڪيو ويندو آهي.

1972ع ۾ ٻوليءَ وارا هنگاما ٿيا، لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گھر سيتا ولاس جي مٿين حصي ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي رهندو هو ۽ هيٺ اسان جي گھر ۾ منهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر پرڪاش آهوجا،  سنڌ ۽ سڄي انسانيت جي پيار ۾ سرشار جذبي سان سنڌ جي سورمن ۽ سڄي دنيا جي انقلابن ۽ انقلابين جا قصا دلڪش انداز ۾ پيو بيان ڪندو هو، جنهن اسان جي دلين ۾ به مظلومن سان محبت ۽ ظالمن کان نفرت جا جذبا اُڀاريا. ٻوليءَ  جي هنگامن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت، عقيدت جي انتها کي ڇهڻ لڳي ۽ هڪڙن سان نفرت دل ۾ گھر ڪرڻ لڳي. ان وقت منهنجي عمر 11 سال هئي. قومي محبت ۽ نفرت جو اهو پهريون تجربو هو، باقي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن مون کي يا مون سان پيار ڪرڻ وارن کي ڪڏهن ايڏو ايذايو ئي نه هو جو ڪنهن لاءِ دل ۾ ڪا نفرت پيدا ٿئي. اسان کي ذاتي ايذاءُ ان وقت رسيو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ وارن ڀٽي خلاف جلوس ڪڍيو، جنهن ۾ ڀٽي جي دادلي ايس پي پڃل جو پتلو ساڙيو ويو. ان جلوس ۾ منهنجو ڀاءُ جوتي سروپ به شامل هو جنهن ڪري ان تي وارنٽ نڪتا پر اهو روپوش ٿي ويو ۽ ڪامريڊ سوڀي ۽ سندس پٽ ڪنعي سان گڏ بلوچستان ۾ پناهه ورتي جتي هو ان وقت جي نعپ حڪومت جي گورنر غوث بخش بزنجو ۽ وزيراعليٰ سردار عطاءُ الله مينگل جا مهمان هئا جن جي ڪامريڊ سوڀو گيانچندانيءَ سان تمام گڻي ويجھڙائپ ۽ نظرياتي هم آهنگي هئي. ان موقعي تي دلچسپ حقيقت اها به آهي ته ڪامريڊ سوڀي کي لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا بخير خوبي پهچائڻ ۾ به وري پيپلزپارٽي ۽ ڀٽي جي سينيئر ساٿي محترم عبدالرزاق سومري اهم ڪردار ادا ڪيو هو. منهنجو ڀاءُ جوتي ته روپوش ٿي ويو پر ان جي بدلي ٻين ٻن ڀائرن پرڪاش ۽ ڀائو اندر کي پوليس ٻڌي وئي جيڪي ان وقت ايل ايم سي ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هئا. جيئي سنڌ جي ورڪرن ۽ همدردن خلاف ان  آپريشن ۾ ڪيترائي بيگناهه هندو ۽ شيخ خاندان جا نوجوان شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا ويا جن مان ڪيترن جو سياست سان ڪو پري جو به تعلق نه هو. منهنجا ٻئي ڀائر به ٽي مهينا لاڙڪاڻي ۽ سکر جيل جي ياترا ڪري آيا. اهي ٽي مهينا ئي هئا جن دوران پنهنجي امڙ کي پٽن لاءِ روئيندو ۽ تڙپندو ڏسي ان ظلم ۽ ظالمن خلاف نفرت ۽ انتقام جي باهه اندر ۾ ڀڙڪو کاڌو هو پر انساني تربيت به ڪمال شيءِ آهي. پرڪاش ئي سمجھايو ته هي سمورو قهر قومي غلامي ۽ طبقاتي  سماج سبب آهي ۽ ان جو تدارڪ تڏهن ٿيندو جڏهن سنڌ آزاد ٿيندي ۽ برابريءَ واري غير طبقاتي انسان دوست سماج جي اڏاوت ٿيندي. ايئن آزادي ۽ سوشلزم اسان جا آدرش بڻيا جن سان محبت عقيدت جون حدون ڇهڻ لڳي ۽ جنهن به انهن آدرشن جي نفي ٿي ڪئي تن لاءِ ذهن ۾ ناپسنديدگي جنم وٺڻ ٿي لڳي. سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا ته سنڌ سان محبت ۾ سنڌ تي قابض مهاجر، پنجابي مستقل مفاد رکندڙ قوتن سان نفرت جا سبق مليا. اياز، امر جليل ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جا شاهپارا پڙهيا ته آزادي، عشق ۽ انقلاب جو رومانس پروان چڙهيو. ساڄي پاسي کان جماعت اسلامي ۽ کاٻي پاسي کان پيپلز پارٽي دشمن ۽ مخالف صفن ۾ بيٺل نظر آيا. سهڻي رسالي ۾ امر جليل جي جڏهن “سرد لاش جو سفر” ڪهاڻي ڇپي ته جماعت اسلاميءَ جي اخبارن ۽ رسالن  زهر اوڳاڇيو . پنجاهه سال يعني اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ به اسان اڃان اتي ئي بيٺا آهيون! اهائي جماعت اسلامي، هاڻوڪي حڪمران پيپلز پارٽي، اهي ئي چند اديب، شاعر ۽ دانشور ننڌڻڪا ننڌڻڪا. ها بس هڪڙو فرق آيو آهي جو نظرياتي سرحدون ڌنڌلائجي ويون آهن. “سرد لاش جو سفر” واري زماني ۾ ڪنهن به سياسي مذهبي تنظيم سنڌ دوستيءَ جي دعويٰ نٿي ڪئي ۽ سڀ نظريئه پاڪستان ۽ نظريئه اسلام جون عملبردار هيون جن کي سائين جي ايم سيد علمي دليلن سان رد ٿي ڪيو. پر هاڻي وري فتوائن ۽ مصلحتن جو دور هلي پيو آهي.  اصول ۽ آدرش گرم ٿي ويا آهن. ان دور ۾ پيپلز پارٽي به اسلامي سوشلزم ۽ مضبوط مرڪز جي فرمانبردار بڻيل هئي پر هاڻي سڀني سنڌي قومپرستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو جامو پهري ورتو آهي. ڪو لٺ ٿو ڏيکاري ته ڪو چٺ سان ٿو چِت ڪري. پاڻ سنڀالڻ جو زمانو آهي. نفرت کي نفرت سان نه محبت سان ئي مٽائي سگھجي ٿو. نفرت عارضي آهي. محبت لافاني آهي. سنڌ ۽ انسانيت سان محبت نفرتن جا سڀ ڪوٽ قلعا ڪيرائي سگھي ٿي