مبارڪپور ۾ ماڪڙ ديرا ڄمائي ورتا، گدرا پوکيندڙ آبادگار پريشان

مبارڪپور:- مبارڪپور ۾ گدري جي پوکائي شروع ٿي وئي ، آبادگار ماڪڙ سبب سخت پريشان ڪافي ڏينھن کان ماڪڙ جا فصلن تي حملا جاري آھن جنھنڪري ڪڻڪ، سرنھن، مٽر، لوسڻ ۽ ٻين فصل به ماڪڙ جي حملي سبب تمام گھڻا متاثر ٿيا، تفصيل موجب : مبارڪپور ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پوکيو ويندڙ گدري جو فصل جي پوکائي شروع ٿي وئي ، گدري جي فصل جي پوکائي 11ھين ۽ 12ھين مھيني ۾ شروع ٿي ويندي آھي ، جنھن ۾ گولڊن ، بيجو شيطل ، منڌھاري، ڪشميري ۽ ٻيون ڪيتري ئي جنسون پوکيون وينديو آھن، گدرو  ٽن مھينن ۾ تيار ٿي ويندو آھي ۽ آبادگارن ۽ ھارين ۾ سرھائي اچي ويندي آھي ليڪن ھن سال ماڪڙ  آبادگارن جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن گذريل ڪافي ڏينھن کان مبارڪپور، ميرپور، ٺل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماڪڙ جا حملا جاري آھن جنھنڪري ربي جي پوکيل فصلن ڪڻڪ، مٽر ، سرنھن ۽ چڻن سميت ٻين فصلن کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، جنھن سبب گدري جي آبادرگارن مٿان ماڪڙ جو خوف تاري ٿيل آھي ۽ انھن کي اھو خوف آھي ته ڪٿي گدري جي فصل تي به ماڪڙ نه حملو ڪري، آبادگارن سنڌ ۽ وفاق حڪومت کان گھر ڪئي ته ماڪڙ جي خاتمي لاء سرڪار تڪڙا قدم کڻي ھوڏانھن سيڪريٽري ايگريڪلچر سنڌ آغا ظھير الدين پٽاڻ ميڊيا سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاء جھاز ۽ مينيول مشينن ذريعي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسپري ڪيو پيو وڃي، ڪجھ ڏينھن اندر ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪيو ويندو ۽ بقايا رھيل ماڪڙ اتر سنڌ ۾ ٿڌ جي لھر وڌندي ئي ٻئي ملڪ ڏانھن رخ اختيار ڪندي، ھن وڌيڪ چيو ته ڪنھن به ماڻھو کي ماڪڙ کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آھي ۽ ھو انسان دوست ھوندا آھن ٻين ملڪن ۾ ان جو کاڌو ۽ مختلف ڊش تيار ڪري شوق سان کائيندا آھن ان جي کائڻ سان مختلف بيماريون ختم ٿي وينديون آھن.