ماڊل ڪالوني ڀرسان پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه جهاز آبادي واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو،عملي سوڌو ڪيترائي مسافر اجل جو شڪار

ڪراچي : ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ڀرسان لاهور کان آيل پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو جهاز لاهور کان ڪراچي پهتو هو، ايئرپورٽ ڀرسان ڪري پيو، تباهه ٿيل پي آءِ اي جي ايئر بس 320 ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ مسافر سوار هجڻ جا اطلاع مليا آهن، ماڊل ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي، سول ايوي ايشن فلائٽ آپريشن معطل ڪري ڇڏيو آهي، سي اي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ تباهه ٿيل جهاز ۾ عملي سوڌو 99 مسافر هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته اُڏام دوران جهاز جا ڦيٿا نه پئي کُليا، لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ ڪري تباهه ٿيو، جهاز جي ڪپتان کي گائيڊلائينز ملي رهيون هيون ته ڪنٽرول روم سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو، پاڪ فوج جو چوڻ آهي ته ڪراچي جهاز تباهه: پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.