ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو 50 سيڪڙو حصو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي : ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو 50 سيڪڙو حصو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايان اعلي جو چوڻ آهي ته پنهنجي ڊَيبيـُو البم سوڌو سمورن پروجيڪٽس تي ٿيندڙ نفعي جو 50 سيڪڙو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪندي، سدائين سوچيندي هيس ته دُنيا ۾ بهتري لاءِ ڪهڙو ڪم ڪري سگهان ٿي، هاڻي عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان، ماڊل ايان علي 2015ع ۾ پرڏيهه وڃڻ دوران ايئرپورٽ تي گرفتار ٿيڻ ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن بعد ميڊيا تي خبرن جي زينت بڻجي وئي هئي