مان جوئي آھيان، سوئي آھيان

حضرت سچل سرمست به ان راهه جو راھي آھي،جنهن تي صوفي شاهه عنايت شهيد، شاهه ڪريم بلڙي واري ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ھلي چڪا آھن،انهن سڀني تصوف جون رمزون پنهنجي مام ۾ چيون آھن، پر حضرت سچل سرمست ھڪ ڳالهه ۾ انهن سڀني کان مختلف آھي.بنا ڪنهن رک رکاءُ جي وڏي واقعي چئي ڏنيون آھن،حضرت شاهه عبداللطيف پٽائي رحه اڳڪٿي ڪئي ھئي ته جيڪا ڪُني اسان چاڙھي آھي،اُن جو ڍڪڻُ حضرت سچل سرمست لاھيندو پر جڏھن ڍڪڻ لاھڻ جو وقت آيو ته حضرت سچل سرمست نه صرف ڍڪڻ لاٿو پر ڪُني به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي.تصوف جي نشي ۾ ايترو ته مست ٿي ويو جو سندس ڪافر ھئڻ جو فتوائون به جاري ڪيون ويون.حضرت سچل سرمست ضلعي خيرپور ميرس جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ “درازا” شريف ۾ ميان صلاح الدين فاروقي جي گهر ۾ سن 1152 ھجري (1739ع) ۾ جنم ورتو،سندس اصل نالو عبدالوھاب ھو،ننڍ پڻ کان وٺي پاڻ سچ کي سچ ۽ ڪوڙ کي ڪوڙ چيو ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪري سندس مٽ مائٽ اوڙي پاڙي جا سڀ ننڍا توڙي وڏا ماڻهو ۽ بزرگ کيس “سچو” ۽ “سچيڏنو” ڪري سڏيندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيڻ لڳو.حضرت سچل سرمست ميان صلاح دين فاروقي جو اڪيلو فرزند ھو.ڇهن سالن جي ڄمار ۾ کيس پيءُ جي پيار واري شفقت کان محروم ٿيو،جنهن کان پوءِ چاچي ميان خواجا عبدالحق فاروقي جي تربيت ھيٺ رھيو ۽ روحاني فيض پرايائين.حضرت سچل سرمست قرآن شريف جو حافظ ۽ عربي توڙي فارسيءَ جو عالم پڻ هيو.هڪ روايت موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ڪنهن ڪم سانگي درازا شريف ۾ آيو، تڏهن حضرت سچل سرمست اڃان ٻالڪ هو، شاهه صاحب ڏسي کيس چيو ته “ هي نينگر اسان جي چاڙهيل ڪني جو ڍڪڻ لاهيندو”. وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اڳتي هلي سچل سائين اها ڳالهه سچ ثابت ڪري ڏيکاري ۽ پاڻ “هفت زبان” شاعر سڏجڻ لڳو، ”ھفت زبان“ مان مراد ست ٻوليون ڄاڻيندڙ، پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، ھندي، عربي، فارسي، سرائيڪي، پنجابي ۽ اُردو ٻولين ۾ شاعري ڪئي.تاريخ ۾ حضرت سچل سرمست جا ھڪ لک ڇٽيهه ھزار ڇهه سئو ڇهن شعرن تي ٻڌل شاعري ملي ٿي، پاڻ شاعر کانسواءِ صوفي درويش پڻ ھئا ۽ پاڻ روزي نماز ۽ شريعت جا پڻ پابند ھئا ۽ پاڻ انسانيت جا علمبردار ۽ انسان دوست ٿي ڪري زندگي وقف ڪئي. حضرت سچل سرمست جا ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو آهي.پاڻ اهو چٽو ۽ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خدا تعالي انسان کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو آهي. انسان جيستائين حق جي طلب نٿو رھي، ايسيتائين اهو گمراهيءَ جي گردش مان ٻاهر نٿو نڪري سگهي. قرب، پيار ۽ محبت جي ڪا به حد مقرر ناهي. ڇو ته انسان جڏهن قرب جي تانگهه ۾ پوي ٿو، تڏهن پاڻ کي مرڪز جي چوڌاري گهمندي محسوس ڪري ٿو. جيئن

“پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پنهون پڻ پاڻ،

اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيون پاڻ کي”

سنڌ تي جڏھن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ھئي ۽ ان وقت دوران مذھبي انتهاپسندي عروج تي پهتل ھئي ۽ انهن ڏکين ڏينهن ۾ حضرت سچل سرمست پنهنجي زندگي گذاري رھيو ھو ۽ چئني طرفن کان مذھبي نفرت ڏسي سچل سائين چيو ھو تہ:“مذھبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا، شيخي پيري بيحد بهلايا”.سچل سائين فرمائي ٿو تہ مذھبن ملڪ ۾ ماڻهن کي منجهايو آھي ۽ شيخي پيري انهن کي پنهنجي رستي تان ڀلائي وڌو آھي. سنڌ جي صوفي بزرگن انسان دوستي ۽ رواداري تي ايمان رکيو آھي ۽ سدائين مذھبي رواداري کان ڪم ورتو آھي.مولوين وانگر انهن ڪڏھن بہ السلام جي نعري کي جنگ جو نعرو بلند ناھي ڪيو ۽ ھر وقت انهن جي اھا ڪوشش رھي آھي تہ انهن جهيڙن کان مٿانهان رھي ڪري انسان ذات جي خدمت ڪئي وڃي ۽ ائين ئي حضرت سچل سرمست ڪري ڏيکاري آھي.حضرت سچل سرمست سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي روحانيت جي سڳند ۽ سرھاڻ سان سرھو ڪري ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري 14 رمضان سن 1242 ھجري، 11 اپريل (1827ع) تي 90 ورھين جي ڄمار ۾ وصال ڪيو.انهيءَ تاريخ تي ھر سال سندس درگاهه تي ميلو لڳندو آھي ۽ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان پيار جا پانڌيئڙا اچي سڪ جو سلام ڀريندا آھن، حضرت سچل سرمست جو روضو مبارڪ درازا شريف ۾ موجود آھي،سندس جو روضو ان وقت جي خيرپور ميرس جي والي مير رستم خان 1440 ھجريءَ ۾ تعمير ڪرايو ھيو، حضرت سچل سرمست جي وفات کان پوءِ ھن وقت تائين درگاهه جا يارھن گادي نشين ٿي گذريا آھن ۽ انهن سڀني گادي نشين مان گهڻو عرصو سخي قبول محمد فاروقي گادي نشين جي حيثيت سان رھيو،پاڻ سڀني کان وڌيڪ پڙھيل لکيل ھئو جنهن جو مثال صوفي ازم تي پي ايڇ ڊي ھولڊر ھئڻ آھي ۽ پاڻ سچل سائين جو پيغام کڻي دنيا جي مختلف ملڪن تائين پهچايو،جنهن ۾ ھندستان، آمريڪا وغيرہ اچي وڃن ٿا سندس جي وفات کان پوءِ وڏو فرزند پير خواجا عبدالحق فاروقي درگاهه جو ٻارنهون گادي نشين آھي پاڻ نوجوان ۽ پڙھيل لکيل آھن.

 هن دفعي چوڏھن رمضان تي ڪا به تقريب منعقد نه ٿي سگهندي ڇو ته  عالمي وبا ڪورونا وائرس جتي انساني تهذيب جو ڦيٿو جام ڪرڻ سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي انسانن جي زندگيءَ جون رونقون ڳڙڪائي وڌيون آھن،جنهن سبب سادگي ۽ سماجي دوري واري سخي تي عمل ڪندي عرس مبارڪ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو.

عامر خان مهيسر