لينڊنگ گيئر جام ٿيڻ بعد جهاز جون ٻئي انجڻيون فيل ٿيون: شروعاتي رپورٽ تيار

ڪراچي: ڪراچي ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي جهاز کي پيش ايندڙ حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ايوي ايشن اختيارين کي جهاز حادثي جي شروعاتي رپورٽ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جهاز لينڊنگ گيئر جام ٿيڻ کانپوءِ پکين سان به ٽڪرايو. رپورٽ موجب لينڊنگ گيئر خراب ٿيڻ تي پائليٽ جهاز کي لينڊنگ لاءِ هيٺ آندو، ان دوران بدقسمت جهاز کان هڪ کان وڌيڪ پکي ٽڪرايا، انهيءَ دوران جهاز جون ٻئي انجڻون جزوي طور تي بند ٿي ويون. ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ موجب انجڻن مان گهٽ طاقت ملڻ سبب جهاز جي بلندي انتهائي گهٽ ٿيندي وئي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ جهاز پنهنجي بلندي برقرار رکي نه سگهيو، ان موقعي تي پائليٽ ”مي ڊي“ جي ڪال به ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب جهاز رن وي تي پهچڻ کان پهرين ئي آبادي واري علائقي جي گهرن کان ٽڪرايو، جنهن وقت گهرن جي مٿين منزل کان ٽڪرايو ان وقت اهو گلائيڊ ڪري رهيو هو.