لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار ۾ 4 مهينن دوران 6.53 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد (ڪامرس ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ ملڪ ۾ لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار ۾ 6.53 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي انگن اکرن جي اداري موجب جولاءِ کان آڪٽوبر 2018ع تائين پاڪستان لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار ۾ 828.32  ملين ڊالر جو مٽا سٽا وارو خرچ ڪيو، جيڪو گذريل سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 6.53  سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي شروعاتي 4 مهينن ۾ لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار تي پاڪستان 777.52  ملين ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو  خرچ ڪيو ويو هو. سالياني بنيادن تي رڳو آڪٽوبر جي مهيني ۾ آمدني واپار ۾ اضافي جي شرح 39.75  سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آڪٽوبر 2017 ۽ دوران لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار تي پاڪستان 182.3 ملين ڊالر جو مٽا سٽا خرچ ڪيو هو. آڪٽوبر 2018ع دوران پاڪستان لوهه ۽ ٽامي جي آمدني واپار تي 254.76 ملين ڊالر جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ڪيو.