لفظن جو مصور“علي بابا” چوٿين ورسي جي مناسبت سان

اختر رند

     جديد سنڌي ادب ۾ قومي، طبقاتي ۽ ترقي پسند رائيٽر جيڪڏهن هو ته اهو فقط ئي علي بابا هو،جنهن کي آرٽ جي سمورن شعبن تي ڪمال حاصل هو. علي بابا نه صرف، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، ڊراما رائيٽر هو، پر هو مصور، ڪيليگرافر ۽ مجسماساز به هو. علي بابا جي تخليق ڪيل انهن شين مان، ڪهاڻيون يا ناول ته محفوظ رهيا، پر ٻيون شيون سنڀالجي نه سگهيون ۽ غائب ٿي ويون،اڪثر ليکڪ لکڻين ۾ هڪ ۽ عام زندگي ۾ ٻيو ڪجهه هوندا آهن، پر علي پنهنجي لکڻين  کان قطعي به مختلف نه هو. علي بابا جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اهڙيون آهن، جنهن جو مرڪزي ڪردار يا هيرو هو پاڻ ئي آهي.لطيف جي شاعري ۽ علي بابا جي نثر سامهون کي جيڪا هڪجهڙائي نظر ايندي آهي، اها ئي آهي  ته لطيف سرڪار مٿين ڪردارن تي لکيو آهي، انهن مان اڪثر لطيف جي دور جا نه هئا، پر لطيف انهن ڪردارن جي ماڳ ۽ مڪان تي هلي ويو ، جتي هن انهن ڪردارن کي پنهنجي مشاهداتي اک سان هلندي ، گهمندي، ڏسي ، انهن جي احساسن، جذبن، پيرائن ۽ ڪرب کي محسوس ڪري لکيو هو.علي بابا به جنهن جنهن ڪردار تي لکيو آهي ، انهن ڪردران کي لينڊ ڪروزر يا پنهنجي قيمتي بنگلي جي گيلري مان نه ڏٺو هو، پر سالن تائين انهن ڪردارن سان گڏ رهي ڪري لکيو هو. علي بابا جڏهن موهن جو دڙو ناول لکيو هو، تڏهن لڳ ڀڳ 25 کان 30 سالن جو هو. تڏهن کان سندس ادبي سڃاڻپ به نه هئي ۽ اڪثر پنهنجو نالو علي دراوڙ ٻڌائيندو هو. دراوڙي ڪردارن تي لکندي ۽ علي بابا ناول جو چيپٽر لکي مائٽن کي اهڙي طرح ٻڌائيندو هو، ڄڻ اهڙي ڪردارن سان ملي آيو هجي يا ڏسي آيو هجي، مائٽ پريشان ٿي ويندا هئس ۽ چوندا هئس ته “ڇورا تنهنجو دماغ ته صحيح آهي، تون خواب ٿو ڏسي يا رات جو جن ڀوت ٿو ڏسين”.علي بابا ٻڌائيندو هو ته هو لکڻ وقت اميجينيشن تان ايندو هو ته هليو ويندو هو، جو اڪثر انهن ڪردارن کي هلندي گهمندي ۽ ڳالهائيندي ڏسندي هو. اها مشاهداتي اک شاهه لطيف جهڙي شاعر يا علي بابا جهڙي تخليقار کي ئي ملندي آهي.علي بابا جڏهن لکڻ شروع ڪيو هو، اهو ون يونٽ جو دور هو، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل سرڪار، هڪ طرف سنڌي استحصالي ۽ بيٺڪي نظام کي مستحڪم ڪري شهرن، قيمتي زمينن ۽ وسيلن کي قبضي هيٺ آڻي رهي هئي ته ٻئي طرف ان پسمنظر ۾ سنڌ ۾ اسرندڙ قومي ۽ مزاحمتي تحريڪن کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وئي.هي اهو ئي دور آهي، جڏهن علي بابا جي قلم مان هي سنگرام، نوان پيغمبر، هڪ کن جو سفر ، ڪارونجهي جو قيدي ، رني ڪوٽ جو ڌاڙيل ، نئون سال پراڻو ڪال ۽ ڌرتي ڌڪاڻا جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون سرجن ٿيون، جنهن ۾ احتجاج به آهي ته للڪار به آهي.ان دور ۾ لکيل ادب ۾ مزاحمت جو اهو رنگ اسان کي صرف ئي صرف علي بابا وٽ نظر اچي ٿو. علي بابا جي لکڻين ۾ اسان کي ڪهاڻي، اسين ماڻهون جي نظامو جهڙا ڪيترا ڪردار ملندا، جيڪي هن طبقاتي ۽ استحصالي سماج ۾ زندهه ته آهن پر انهن ۾ اسان کي زندگي جا ڪي آثار نظر نٿا اچن. اهڙي طرح زندگي مان جيڪڏهن عورت ، آرٽ، موسيقي ۽ ادب کي ٻاهر ڪڍجي ته شايد ئي هي دنيا رهڻ جي قابل هجي. اهو ئي سبب آهي جو علي بابا جي اڪثر ڪهاڻين جو ڪردار عورت آهي، اهڙي شاهڪار عورت جنهن جي جسماني گهڙائو جي منظر پشي ڪندي وڏي کان وڏي مصور کي مات ڏيو ڇڏي.سنڌي افساني يا ڪهاڻين ۾ علي بابا نرالي اسلوب جو ليکڪ آهي. ان ۾ علي بابا مختلف دورن ۾ مختلف تجربا ڪندي به نظر اچي ٿو اهو به سندس اسلوب يا ٻولي جي بنيادي سڃاڻپ يا اها ساڳي ئي رهي  ٿي. علي بابا جي ڪهاڻين ۾ اسان کي تجريدي، مونو لاگ کان ويندي ايبسٽريڪٽو ۽ شاعراڻي انداز تائين هر رنگ نظر اچي ٿو، جيڪو علي بابا کي پنهنجي دور جي هم اثر ليکڪن ۾ مهانتا بخشي ٿو. علي بابا پنهنجي لکڻين ۾ اسان کي ڪٿي به مايوس نظر نٿو اچي،تاريخي پس منظر ۾ سنڌي ماڻهن جي جدوجهد ۾ سندس ايمان ڪامل آهي. پر هڪ خوف نظر ضرور اچي ٿو ، اهو خوف ، موقع پرست ، ويڪائو ۽ ڌارين جي دلال وڏيري جو آهي، جيڪو سدائين سنڌي ماڻهن جي غلامي جو سبب بڻيو آهي ۽ شاندار جدوجهد مان حاصل ڪيل ڪاميابي کي شڪست ۾ بدلايو آهي.سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي پاران علي بابا سان ملهايل شام ۾ مونکي علي  بابا جو چيل هڪ جملو ياد ٿو اچي ته وسڪاري کانپوءِ ٿر جي هڪ ڀٽ تي چڙهي،

مون جڏهن نظر وڌي ته منهنجي دل مان رڻ نڪري وئي ، يا الله اهڙي خوبصورت ڌرتي سان وڏيرا ڪئين ٿا غداري ڪن؟. ان کي ڌارين سان ڪيئن ٿا وڪڻن؟.شهري سنڌ ۽ ٻهراڙي ٻنهي تي علي بابا ڪاميابي سان لکيو آهي.اڪثر شهرين ۾ رهندڙ ليکڪ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ڪردارن کي ايترو گهرائي سان ناهن لکي سگهيا، جهڙي طرح علي بابا لکيو آهي، ان باوجود به علي بابا جا ڪجهه ڪردار تخيلاتي آهن، جيڪي صرف علي بابا جهڙي تخليقار جي قلم مان ئي جنم وٺي سگهن ٿا ، جيئن ڌرتي ڌڪاڻا جي ساوتري هنڱوراڻي، جنهن کي وقت ۽ حالتن جي جبر پنهنجي ڌرتي کان ڇني ڌار ڪري هندستان ۾ مهاجر بڻايو آهي پر هر وقت سندس خيالن ۽ خوابن ۾ سنڌ آهي.هندستان جهڙي اجگر ملڪ ۾ ڪيترين ئي ساوترين جنم ورتو هوندو ۽ فنا جي ڦوڪ ٿي ويون هونديون. پر مونکي يقين آهي ، هڪ امر تخليقار جي قلم مان جنم وٺندڙ ساوتري هنڱوراڻي ، جيستائين سنڌ ۽ سنڌي ادب پرهندڙ زنده آهن، فنا ٿي نه سگهندي، ۽ پنهنجي خوابن جي ڌرتيءِ تي زندهه رهندي.