لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ ڌماڪا، 73 ڄڻا مارجي ويا

بيروت :- لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 73 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. بيروت جي بندرگاهه ويجهو ڌماڪو ٿيو، جيڪو ايترو ته زوردار هو جو ڀرپاسي جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. ڌماڪن ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، سوين زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو