لاڙ جو چيٽي ٽماٽو مارڪيٽ ۾ پهچندي ٽڪي ڌڙي، آبادگارن پريشان

ڪلوئي/ ملڪاڻي  شريف :- حڪومت پاران ايران کان ٽماٽو درآمد ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ٽماٽو تيار ٿيندي ئي اگهه ڪري پيو، آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا. وفاقي حڪومت مقامي آبادگارن جي ڀلي لاءِ نه سوچيو. ايران مان ٽماٽي ۽ بصر جي امپورٽ جاري. خبر موجب هر سال جيان هن سال به حڪومت جي غلط پاليسيءَ سبب سنڌ جو ٽماٽو تيار ٿيندي منڊي مالڪن حڪومت جي آشيرواد سان ايراني ٽماٽي ۽ بصر جي امپورٽ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ  ۾ تيار ٿيل ٽماٽي جو اگهه ڪري پيو آهي، ان ڪري آبادگارن ۽ هارين جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ڪلوئي جي آبادگارن عزيز ڏيرو، ارباب ذوالفقار، ستار نهڙيو، رب ڏنو هالو، هاشم هالو، عبدالرزاق درس، عثمان هالو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هزارين رپيا خرچ ڪري وڏي محنت ڪري ٽماٽي جو فصل پوکيو. جڏهن ٽماٽو تيار ٿيو ته حڪومت غلط پاليسيءَ تي عمل ڪندي ايران کان ٽماٽو گهرائي رهي آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ خاص ڪري لاڙ ۾ تازو تيار ٿيل ٽماٽي جو اگهه  ڪِري پيو آهي. آبادگارن دانهيندي چيو ته سانوڻيءَ جي برساتن سبب اڳ ئي فصل تباهه ٿي ويا. مٿان وري سرڪار ٻاهران ٽماٽو گهرائي رهيل ڪثر پوري ڪري ڇڏي آهي. هنن حڪومت کي ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايراني ٽماٽي درآمد بند نه ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪري ڌرڻن سان گڏ روڊ بلاڪ ڪيا ويندا. ٻئي پاسي ملڪاڻيءَ جي آبادگارن پير فياض  شاهه راشدي، طارق محمود آرائين،  لطف ملڪاڻي  ۽ امتياز ملڪاڻي  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايران کان ٽماٽي جي امپورٽ جي ڪري لاڙ ۾ چيٽي ٽماٽي جو اگهه ڪِري پيو آهي، جنهن ڪري آبادگار  پريشانيءَ ۾ وڪوڙجي  ويا آهن. اڄ سبزي مارڪيٽ  حيدرآباد ۾ ٽماٽا 1200 کان 1400 رپيا ڪٽو، بصر جو 70ڪلو وارو ڪٽو 2100 کان 2300، ننڊو بصر 1500 کان 1700  وڪرو ٿيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن جو فصل تي ڪيل خرچ ٻڏڻ جو خدشو آهي. سرڪار ھتان جي زرعي جنسن جي ايڪسپورٽ ڪرڻ بدران امپورٽ ڪري مقامي آبادگارن  سان وڏي ويساھ گھاتي ڪري رھي آهي جنهن ڪري آبادگار خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. آبادگارن  وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري ٽماٽن ۽ بصر جي امپورٽ فوري طور بند ڪئي وڃي.