لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي، ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سندن  وارثن ۽ وائيس فار مسنگ پرسنز پريس ڪلب اڳيان پنهنجي پيارن جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري چئن ڪلاڪن تائين بک هڙتال ڪئي جتي هنن پنهنجي پيارن جي آزاديءَ جو مطالبو پڻ ڪيو. ان موقعي تي وائيس فار مسنگ پرسنز جي اڳواڻ شازيه چانڊيو، کنڀي گم ڪيلن جي وارثن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، مسرت سحر دايو، شبانه جوڻيجو، شهزادي جوڻيجو، عبدالڪريم ٽڳڙ، آڪاش ٽڳڙ، عبداللطيف سولنگي، عزيز احمد لاشاري، ساجد ڪانڌڙو، سجاد جوڻيجو، نصيب الله کوسو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي مان انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع تي، پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ کي 3 آگسٽ 2018ع تي، رفيق عمراڻي کي 8 سيپٽمبر 2018ع تي، مرتضيٰ سولنگيءَ کي 2 نومبر 2017ع تي، ڏوڪري مان شاهد جوڻيجو کي 5 آگسٽ 2017 تي، مرتضيٰ جوڻيجو کي 7 مئي 2017 تي، خيرپور ميرس ضلعي مان ايوب ڪانڌڙو کي 8 فيبروري 2017ع تي، ڪراچيءَ مان پٺاڻ خان زهراڻي کي 11 نومبر 2019ع تي، سيد مسعود شاهه کي 20 سيپٽمبر 2019ع تي، 30 جولاءِ 2017ع تي گلشير ٽڳڙ کي، 12 جنوري 2014ع تي الله وڌايو مهر کي، شهدادڪوٽ مان 17 سيپٽمبر 2015ع تي سهيل ڀٽي کي، بدين مان 24 مئي 2017ع تي شادي خان سومرو کي، ڪنڌڪوٽ مان پهرين فيبروري 2016 تي ڊاڪٽر فتح محمد کوسو کي، 25 اپريل 2017ع تي فقير اعجاز ڳاهو کي، نوشهروفيروز مان عمران جوکيو، پهرين جنوري 2014ع تي موهن مينگواڙ کي ۽ ڪفايت جتوئي سميت ٻين جي کنڀجڻ کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر هن وقت تائين کين آزاد ناهي ڪيو. هنن چيو ته اسين سالن کان وٺي سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڪيس داخل آهي ته کين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر سالن کان وٺي کين قيد ۾ رکي اسان کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي پيارن جي کنڀجڻ کان بعد ڪيترن ئي جا ماءُ، پيءُ توڙي ٻيا گهر ڀاتي هي فاني جهان ڇڏي هليا ويا پر اسان جي پيارن کي سندن جو آخري ديدار به نصيب نه ٿيو ۽ اسان ڪيتريون ئي عيدون پنهنجي پيارن کان بغير ڪيون آهن هاڻي اسين وڌيڪ پنهنجي پيارن کي قيد ۾ ڏسڻ نه ٿا چاهيون ڇاڪاڻ پنهنجي پيارن کي ياد ڪري اسان جي اکين جا ڳوڙها به سُڪي ويا ۽ سندن جون واٽون نهاريندي اسين ٿڪجي چڪا آهيون. هنن چيو ته اسان جا پيارا پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا ۽ هو ڪنهن به اهڙي غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه آهن پر ان جي باوجود کين کنڀي سالن کان وٺي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هنن وزيراعظم، صدر پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي کنڀي گم ڪيل پيارن کي آزاد ڪرائي اسان جون رُٺل خوشيون موٽائي ڏنيون وڃن جيئن اسين پنهنجي پيارن سان گڏجي زندگي گذاري سگهون.