لاڙڪاڻي ۾ عاقب چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جي بک هڙتال

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي شهر جي مدينه ڪالوني جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ سندس تصويرون هٿن ۾ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اُس ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي عاقب چانڊيو جي ڀينرن رقيا ۽ زرينا چانڊيو پنهنجي ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي ڀاءُ عاقب چانڊيو کي 30 مئي 2018ع تي لاڙڪاڻي شهر جي مدينه ڪالوني مان کنڀي گم ڪرڻ بعد کيس 17 مهينا قيد ۾ رکي 16 سيپٽمبر 2019ع تي آزاد ڪيو ويو جنهن بعد سندس شادي ٿي ۽ هو گهر ڀاتين سان گڏ ڪراچي ۾ رهندو هو جتان کيس گذريل 7 جولاءِ تي ٻيهر کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي توڙي ڪنهن به ڪيس ۾ گهربل ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه کنڀي سمورن گهر ڀاتين کي اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسين پرامن شهري هئڻ سان گڏ تعليم يافته خاندان سان واسطو رکون ٿا خبر ناهي ته ڀاءُ هن وقت ڪهڙي حال ۾ هوندو. اسين وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سميت ٻين وس وارن کي اپيل ٿيون ڪيون ته اسان جي نوجوان ڀاءُ عاقب چانڊيو کي آزاد ڪرائي اسان کي وڌيڪ اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي