لاڙڪاڻي ۾ به نيشنل ووٽر ڊي ملهايو ويو، ووٽ قومي امانت آهي، شهرين کي گهرجي ته پنهنجو ووٽ داخل ڪرائن: ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو

 

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) سڄي ملڪ جيئان لاڙڪاڻي ۾ به نيشنل ووٽر ڊي ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو جي اڳواڻيءَ ۾ شهري جي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کان آگاهي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب سامهون پهتي جنهن ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو ملٽي پرپز هال ۾ نيشنل ووٽر ڊي جي حوالي سان سيمينار پڻ ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ريلي ۽ سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر لاڙڪاڻو ممتاز سومرو، گورنمينٽ پائيلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال الله بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ووٽ قومي فرض آهي جنهن سان قومون پنهنجي تقدير کي بدلائينديون آهن، هن ريلي جو مقصد عوام کي ووٽ جي اهميت بابت آگاهه ڪرڻ آهي. هنن چيو ته عورتن جو ووٽ انتهائي اهميت وارو آهي هن وقت عورتن جا گهٽ ووٽ داخل آهن جن ووٽن جي تعداد کي وڌائڻ لاءِ معاشري جي هر فرد کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هنن شهرين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجو ووٽ جلد کان جلد پنهنجي مستقل يا عارضي پتي تي داخل ڪرائڻ لاءِ ضلعي اليڪشن ڪميشن جي آفيس سان رابطو ڪن ته جيئن چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن.

پيپلز پارٽي اڳواڻ عبدالستار ڀٽي کي ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ اڄ ڀيٽا پيش ڪئيويندي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) سنڌ جي ناليواري دانشور، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيئر اڳواڻ مرحوم عبدالستار ڀٽي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن جي تنظيم لاڙڪانيئنز طرفان اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ قائم سچل لائبريري آڊيٽوريم هال ۾ منجهند جو تقريب ڪوٺائي ويندي جنهن جو مهمان خاص پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو هوندو. ان کان علاوه سنڌ جا ناليوارا اديب، شاعر، ليکڪ سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي لاڙڪانيئنز جي چيئرمين سيد منور سلطان بخاري لاڙڪاڻي جي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ جيناليواري ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ عبدالستار ڀٽي پنهنجي حياتي ۾ ادب ۽ سماجي شعبي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي سندس جي ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي، کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان اديب، شاعر ۽ دانشور شرڪت ڪندا. 

لاڙڪاڻو پوليس جون ڪارروايون، 6 ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 6 جوابدارن کي شراب جي بوتلن سميت گرفتار ڪري ڪار هٿ ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ نئون ديرو پوليس چيڪنگ دوران ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار دوست علي کوکر سميت علي گوهر آباد پوليس چيڪنگ دوران موهن فقير قبرستان وٽان روپوش جوابدار امن ڪمار کي شراب جي 22 بوتلن سميت، سول لائين پوليس چيڪنگ دوران لوڪوشيڊ واري علائقي مان جوابدار جاويد شيخ کي شراب جي ٽن بوتلن سميت، مددگار بيس ون نيو ٽئنڪ چونڪ وٽان جوابدار مظهر سپريو ۽ انوپ ڪمار کي شراب جي پنجن بوتلن ۽ ڪار سميت جڏهن ته ڏوڪري پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي هڪ جواري سينگار جوڻيجو کي روڪ رقم سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس طرفان کليل ڪچهري، شهري امن امان جي حوالي سان

پوليس سان سهڪار ڪن: ڊي ايس پي منير احمد مهيسر

لاڙڪاڻو(بيورو چيف) ايس ايس پي مسعود احمد بنگش جي هدايتن تي ڪميونٽي پوليسنگ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي ۾ ڊي ايس پي منير احمد مهيسر، ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي ۽ ايس ايڇ او نور احمد مغيري طرفان علائقي واسين سان کليل ڪچهري ڪري سندن مسئلن بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊي ايس پي منير احمد مهيسر چيو ته لاڙڪاڻو پوليس عوامي مسئلن جي حل توڙي ڏوهارين خلاف ڪارروائين لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪافي ڪاميابيون مليون آهن، کليل ڪچهرين جو مقصد پوليس ۽ عوام سان رابطن کي مضبوط ڪري سندن مسئلا سندن ئي در تي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي جنهن لاءِ ضلعي جو عوام پوليس سان تعاون ڪري ته جيئن ڏوهارين جو جلد کان جلد خاتمو ٿي سگهي. ان موقعي تي ڏاهاڻي برادري جي چڱي مڙس علي حسن ڏاهاڻي طرفان مهراڻ ٽيچرس ايسوسئيشن هائوسنگ سوسائٽي تي قبضن خلاف پوليس آفيسرن کي شڪايت ڪئي جنهن تي هنن ٻنهي ڌرين کي طلب ڪري جلد کان جلد سندن جو مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.