لاڙڪاڻي مان کنڀيل ٻن ڀائرن سميت چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن سميت چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان ڪالھه به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل درزي انصاف دايو جي ڀينرن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، نصرت دايو، کنڀي گم ڪيل پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ سندس ڀاءُ آڪاش علي ٽڳڙ جي پيءُ عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ کنڀي گم ڪيل اسٽيٽ لائيف ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي جي پيءُ عبداللطيف سولنگي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوانن انصاف علي دايو، ڪاشف علي ٽڳڙ، سندس ڀاءُ آڪاش علي ٽڳڙ ۽ غلام مرتضيٰ سولنگي کي مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيو ويو جن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته ايندڙ ڇنڇر تي عيد آهي پر اسان ڪيتريون ئي عيدون پنهنجي پيارن کان بغير ڪيون آهن، خدارا هن عيد تي انهن کي آزاد ڪيو وڃي جيئن اسين ساڻن عيد جون خوشيون ملهائي سگهون. هنن چيو ته اسين گذريل ٽن مهينن کان مسلسل لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي پيا ڪريون پر افسوس جو ڪير نوٽيس وٺڻ وارو به ناهي ۽ هن وقت اسان جي گهرن ۾ روڄ راڙي توڙي ماتم واري صورتحال آهي. هنن چيو ته انصاف دايو، ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ غلام مرتضيٰ سولنگي جون امڙيون پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جي گهر واپسي لاءِ واٽون نهاريندي روئي روئي بيحال ٿي ويون آهن ۽ ڪافي عرصي کان بيماري جي بستري تي پڻ پيل آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کين عيد کان اڳ آزاد ڪرايو وڃي جيئن اسين عيد ڪري سگهون