لاڙڪاڻي مان ڌارين کي جاري 250 ڊوميسائيل شڪي قرار، رڪارڊ ضبط، ٻين ضلعن ۾ به پڙتال جو اعلان

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان ڌارين کي مبينا طور ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع، پهرين ڏينهن جاچ  ۾ اهم اڳڀرائي، لاڙڪاڻي مان ٽي جعلي ڊوميسائل هٿ، 250 شڪي ڊوميسائل جي جاچ جو فيصلو، جاچ ڪميٽي پاران رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو، ڊوميسائل برانچ جو انچارج ۽ عملو تبديل، ڊوميسائل جاري ڪندڙ اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر، انچارج ۽ عملي جا بيان قلمبند، نوجوان دانهن کڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهتا ميرٽ جي لتاڙ جون دانهون، جاچ ڪميٽي جي سربراهه جو هٿ ٻڌي نوجوانن کي ايلاز منٿون، جاچ ڪميٽي جي سربراهه چيو آهي ته بهتر ۽ مضبوط رپورٽ جوڙي ذميوارن جو نالن سان پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي جيئن مستقبل ۾ اهڙي عمل کي روڪيو سگهجي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان مبينا طور ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي هدايتن تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ قاضي شاهد پرويز جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جنهن ۾ سيڪريٽري سروسز جنرل ائڊمنسٽريشن ائنڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ سعيد احمد مڱڻيجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پي آر سي بورڊ آف روينيو سنڌ نظير احمد قريشي شامل آهن انهن طرفان ڪالهه لاڙڪاڻي مان جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي. جن جاچ کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ گڏجاڻي ڪري اهم فيصلا ڪرڻ بعد ڊوميسائل برانچ جو دورو ڪيو جتي هنن اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر ون لاڙڪاڻو امداد علي ابڙو، ڊوميسائل برانچ جي انچارج سميت عملي جا بيان رڪارڊ قلمبند ڪيا ۽ رڪارڊ روم ۾ پهچي رڪارڊ جو معائنو ڪيو جتي جاچ ٽيم اهم اڳڀرائي ڪندي 15 منٽن اندر ٽن جعلي ڊوميسائل هٿ ڪرڻ سان گڏ 250 ڊومسائيلن کي شڪي قرار ڏيندي سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊوميسائل برانچ جي انچارج سميت سموري عملي کي تبديل ڪري ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو ۾ مقرر عملي کي ذميواري ڏني وئي. جاچ دوران ڊوميسائل برانچ جو انچارج ۽ عملو پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا. جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي بابت چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سربراهه سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ قاضي شاهد پرويز ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ جاچ کان اڳ ڪميٽي جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڪجهه فيصلا ڪري بعد ۾ ڊوميسائيل برانچ جو دورو ڪري رڪارڊ جو معائنو ڪيو جتي 15 منٽن جي اندر 3 شڪي ڪيس سامهون آيا جڏهن رڪارڊ روم ۾ رکيل هڪ پي سي جو معائنو ڪيو ويو. هن چيو ته رڪارڊ جي حد تائين 80 سيڪڙو امڪان آهن ته اهي صحيح ڊوميسائل هجن پر 20 سيڪڙو رڪارڊ جي به تصديق ڪرڻ لازمي آهي ۽ ان کان اڳ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي تنهن ڪري اسين ايمانداري ۽ سچائيءَ سان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي مان ٻن سالن جي عرصي دوران 21199 ڪمپيوٽرائيزڊ ڊوميسائل جاري ڪيا ويا جن مان 250 ڊوميسائلن جي جاچ 7 ڏينهن جي اندر مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪجهه ڪيس اهڙا آهن جن جو واسطو سنڌ صوبي کان ٻاهر آهي انهن جي ٻين ادارن کان به جاچ ڪرائي ويندي، ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه رڪارڊ ڊوميسائل برانچ ۾ نه هجي پر ان جي ڪا تصديق ناهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ گهڻيون شڪايتون هيون جنهن ڪري اسين سڀاڻي به لاڙڪاڻي ۾ ترسنداسين ۽ ان کان بعد سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به وڃي جاچ ڪئي ويندي جيڪڏهن جاچ ڪميٽي جي مدي ۾ واڌ جي ضرورت پئي ته حڪومت کان اجازت وٺي مدي ۾ واڌ ڪري جاچ جي دائري کي وڌايو ويندو. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ڊوميسائل برانچ جي انچارج ۽ عملي کي تبديل ڪري ڪمشنر آفيس ۾ مقرر تجربيڪار عملي کي مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته سٽيزن شپ وارو معاملو وفاق جو آهي پر ڊوميسائل جاري ڪرڻ صوبي جو ڪم آهي ۽ ضرورت پئي ته چيف سيڪريٽري سنڌ وفاقي حڪومت کي به ڪجهه صلاحون ڏيندو پر في الحال اسين معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ هڪ بهتر ۽ مضبوط رپورٽ جوڙي چيف سيڪريٽري حوالي ڪنداسين جيئن ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي پر عوام طرفان ڪي به ثبوت فراهم نه ڪيا ويا اسان کي سوشل ميڊيا جي ڪجهه پوسٽن جي ذريعي شڪايتون مليون جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو به ڪيس شامل ناهي. هن چيو ته سٽيزن شپ ايڪٽ جي تحت ڊپٽي ڪمشنر جي صحيح سان ڊوميسائل جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي، ڊوميسائل برانچ ۾ اِهو اختيار اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر کي ڏيڻ قانوني طريقي سان ٺيڪ ناهي. هن چيو ته سڄي معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي انهن جي نالن سان رپورٽ ٺاهي حڪومت حوالي ڪنداسين جيئن ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ٿي سگهي. جاچ ٽيم جي ميمبر سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو چيو ته معاملي جي جاچ هلندڙ آهي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ جن ماڻهن کي شڪي ڊوميسائل جاري ڪيا ويا آهن اسين پاڻ انهن ماڻهن وٽ وڃي جاچ ڪنداسين. هن چيو ته جن ماڻهن کي اهڙا ڊوميسائيل جاري ڪيا ويا آهن انهن جي قومي شناختي ڪارڊن، رهائشي سرٽيفڪيٽن ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽن جي به جاچ ڪنداسين. هن چيو ته اسان وٽ ڪو به اميدوار ڪي ثبوت کڻي جاچ ڪميٽي آڏو پيش ناهي ٿيو پر ڪجهه سوشل ايڪٽيوسٽ هئا جن اسان کي ٻڌايو پر انهن کي اسان ٻڌايو آهي ته هو معاملي بابت ثبوت پيش ڪن. هن چيو ته هي اهڙي جاچ آهي جنهن کي اڳ ئي وائکو ڪري نه ٿا سگهون پهريان اسين سموري رڪارڊ جي شفاف نموني ڇنڊڇاڻ ڪري بعد ۾ اهڙي رپورٽ حڪومت حوالي ڪنداسين. هن چيو ته جاچ ڪميٽي ۾ سڀ سينيئر آفيسر عملدار شامل آهن اِهو تاثر ڏنو پئي ويو ته شايد عام ماڻهن مٿان اِهو بار وڌو ويو آهي پر ائين ناهي. هن چيو ته ڊوميسائيل جو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مستقبل ۾ اهڙي عمل کي روڪيو وڃي. هن چيو ته ڊوميسائل برانچ جي انچارج ۽ عملي کي تبديل ڪري ڪمشنر آفيس ۾ مقرر عملي کي ذميواري ڏني آهي ۽ لاڙڪاڻي کان پوءِ اسان کي ٻين ضلعن ۾ به وڃڻو آهي. لاڙڪاڻي ۾ جاچ ڪميٽي جي سربراهه آڏو نوجوان جذباتي ٿي دانهون ڪندا رهيا، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سندن جي حقن تي ڌاڙي جون دانهون، جاچ ڪميٽي جي سربراهه جو هٿ ٻڌي نوجوانن کي ايلاز منٿون. ان سلسلي ۾ جاچ ٽيم جو سربراهه ۽ ٻيا ميمبر ڊوميسائل برانچ جي دوري بعد ڊپٽي ڪمشنر آفيس پهتا جتي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت مختلف کاتن جي نوڪرين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن طرفان جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ توڙي سندن جي حقن تي ڌاڙي بابت جاچ ٽيم کي ثبوت پيش ڪيا جن کي جاچ ٽيم ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو. ان دوران ڪيترائي اميدوار جذباتي ٿي ويا ۽ دانهون ڪيون ويون ته اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي اسان جي بدران ٻين اميدوارن کي سرڪاري نوڪريون ڏئي اسان کي بک، بدحالي ۽ غربت جي ور چاڙهيو ويو آهي خدارا اسان سان انصاف ڪري معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي وڃي جنهن تي جاچ ٽيم جو سربراهه نوجوانن کي هٿ ٻڌي ايلاز منٿون پڻ ڪندو رهيو. چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي ڌارين کي ڊوميسائل جاري ڪرڻ واري معاملي بابت جوڙيل ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جاچ شروع ڪرڻ کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ جاچ جي دائري کي وڌائڻ توڙي ان جي طريقه ڪار بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻي مان ڪي شڪي ڪيس سامهون اچڻ جي صورت ۾ جاچ جي دائري کي ٻين ضلعن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪرڻ سان گڏ جاچ ڪميٽي جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ وارو معاملي تي پڻ تفصيلي غور ويچار ڪندي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ جاچ ڪميٽي جي سربراهه ۽ ميمبرن طرفان مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون.