can you do your homework at starbucks pay someone to do my calculus homework creative writing recipe writing custom exception in java essay help for college application strategies to teach creative writing can i pay someone to write my personal statement last minute paper writing service creative writing models help in writing essay for college how to be more creative writing how can i do homework faster

لاڙڪاڻي جي نظر محلا مان 3 سال 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ سندس ڀينرن اقصي دايو، افسانا دايو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي نظر محلا مان 3 سال 8 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل انصاف دايو جي آزادي لاءِ سندس ڀينرن اقصي دايو، افسانا دايو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اقصي دايو ۽ افسانا دايو چيو ته اسين مسلسل پنهنجي ڀاءُ انصاف دايو جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ پريس ڪلبن تي احتجاج ڪيا آهن ۽ لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو ته روزاني بنيادن تي احتجاج ڪيو پيا پر اسان جي احتجاج جو اڃا تائين ڪنهن به سپريم اداري نوٽيس ناهي ورتو، اسان وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار، سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان مطالبا ڪيا آهن ته نوٽيس وٺي اسان جي ڀاءُ انصاف دايو کي آزاد ڪيو وڃي، اسان جي امڙ سخت بيمار آهي، اسان نياڻيون ڀاءُ جي آزادي لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهيون آهيون، جيڪڏهن اسان جي ڀاءُ جو اوهان جي نظر ۾ ڪو ڏوھ آهي ته هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي جبري گمشدگي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي