لاڙڪاڻي جي مک بازار ۾ نالا ابتا وهڻ سبب بازار تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي، واپاري توڙي شهري پريشان

لاڙڪاڻو :=  سنڌ حڪومت جي ڳڙهه لاڙڪاڻي جي جيلس بازار ۾ گندي پاڻي جون ناليون ابتڙ وھڻ سبب بازار تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳي. گندي پاڻي جي آزار سبب واپاري توڙي شھري سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳا. مک بازار ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان گندي پاڻي جي ڪنهن به ڪاموري نوٽيس نه ورتو. دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج توڙي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي. واپارين پ پ چيئرمين توڙي تڪ جي نمائندن کان مطالبو ڪيو ته گندي پاڻي جي آزار جو نوٽيس وٺي پيش ايندڙ مشڪلاتون ختم ڪيون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،