لاڙڪاڻو ۾ 16 ورهين جو نوجوان 2 ماڙ عمارت تان هيٺ ڪري فوت

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻو ۾ 16 ورهين جو نوجوان 2 ماڙ عمارت تان هيٺ ڪري فوت ٿي ويو آهي، لهر ڪالونيءَ جي رهواسي حسنين ملاح 2 ماڙ عمارت تي چڙهي هيٺ ڪري زخمي ٿي پيو. جنهن بعد وارثن کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن فوتگيءَ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. معلوم ڪرڻ تي فوتيءَ جي والد محمد قاسم ملاح ٻڌايو تـ واقعو لغڙ اڏائڻ جي ڪري پيش آيو آهي.