لاوارث شهر شڪارپور جي درد ڪٿا.حفيظ چانڊيو

سنڌ اندر قبضا مافيائون  کي ڇوٽ ڏيئي شريف ماڻهن جي ملڪيتن ۽ زمينن تي قبضا ڪرائي سندن جيئڻ جنجال ڪيو پيو وڃين جيڪا اصولي طور تي اڻ وڻندڙ ماحول کي جنمي رهي آهي، سنڌ جي ضلعي شڪارپور شهر ۾ “سر هينري هالينڊ اسپتال”،  جنهن جو دنيا جي وڏين اکين جي اسپتالن ۾ شمار ٿيندو هو پر وقت جي بدلجندڙ حالتن ۽ معيارن سبب اڄ ان اسپتال تي چند نام نهاد انسانيت جي ويرين غير قانوني انداز سان پنهنجا بڇڙا پير ڌري قبضي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، اهڙي عمل جي خلاف شڪارپور شهر جي سول سوسائٽي، روادري تحريڪ ۽ سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران سخت احتجاج رڪارڊ پڻ ڪرايو ويو آهي، هڪ صدي کان به وڌيڪ ڄمار رکندڙ هي اکين واري اسپتال “سر هينري هالينڊ اسپتال” کي جاهل قوتن پاران تاريخي عمارت تي قبضي جون مڪمل تياريون ٿي  چڪيون آهن، هن اسپتال جي حوالي سان قبضي ڪندڙ ڌر تي ڪورٽ م شهرين پاران ڪيس پڻ هلندڙ آهي، حڪمرانن جي غفلت ئي هن قسم جي صورتحال کي جنميو آهي، هوڏانهن انصاف جي ڳولها ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان شاعرن ، اديبن، ليکڪن پاران وقتن بوقتن اسپتال جي خسته حال کي بهتر ڪرڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ پڻ ڪرايا آهن، پر افسوس وقت جي حاڪمن جي ڪن تي جونءَ ئي ناهي چُري.  شڪارپور شهر ۾ نااهل حڪمرانن جي ڪن لاٽار پئرس جهڙي شهر کي هڪ کنڊر نما بڻائي وڌو آهي، هي ساڳيو ئي شهر آهي جنهن جي علمي وسعت ان پرنٽنگ هائوس مان لڳائي سگهجي ٿي جيڪا برصغير ۾ پهريون دفعو قائم ٿي هئي، هي هڪ تاريخي حوالو آهي جيڪو مون ڪجهه وقت اڳ ڪنهن دوست کان ٻڌو هو، جنهن ٻڌايو ويو هيو ته “1950ع کان اڳ، شڪارپور شهر جو هي اهو گهر جنهن ۾ ڪاٺ ۽ لوهه ڪتب آندل آهي سو لوڪ ورثو قرار ڏنل آهي. هن وقت به سنڌ ثقافت کاتي جي 2013ع ۾ جاري ڪيل 49 صفحن واري نوٽيفڪيشن ۾ شهر جون 1203 عمارتون ۽ ماڳ مڪان قومي وارثي واري تعارف جا تجلا ڏيکارين ٿيون، انهن جي وچور ۾ وينداسون ته ڪتاب لکجي ويندا ۽ جيڪڏهن انهن جي زبون حالي تي ڳوڙها ڳاڙبا ته اکين جو پاڻي کٽي ويندو”. اهو به دور هو جڏهن شڪارپور شهر کي سنڌ جو پئرس سڏيو ويندو هو. شڪارپور شهر واپار ۽ عمارتي فن جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور هو، شهر ۽ پسگردائيءَ جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ هوندو هو. هي شهر امن ۽ محبت، خوشحاليءَ جو گهوارو رهيو آهي، اهو به وقت هو جڏهن هن شهر ۾ امن جي پکين جي آماجگاهه هوندي هئي، سام تي سر ڏنو ويندو هو، ڪنهن جو حق کائڻ کي پاپ سمجهيو ويندو هو، قبيلائي نفرت جو تصور ئي نه هو، اڄ شهر به ساڳيو آهي پر اتي رهندڙ امن پسند ۽ رواداري رکندڙ اهي مانجهي مڙس ئي ناهن رهيا جيڪي پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي اکين جون اسپتالون ٺهرائين، اڄ سندن بي لوث ڪيل خدمت جنهن سبب شهري اڪثر ڪري پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مصروف رهندي خوشحاليءَ واري زندگي گهاريندا هيا. ڪڏهن به شڪارپور جي شهر رهواسي جي منهن تي ڪا پرِيشاني نه هوندي هئي،  ڪو  ماڻهو زرد چهري سان اوهان کي ورلي ملندو هو، اڄ هر ٻيو ماڻهو پريشان ۽ زرد چهري سان هيسيل ڪنهن هرڻيءَ جهڙو لڳي رهيو اهي، ڏکن هاڻي وٽن گهر اڏي ورتو آهي، هن شهر جو ٻيو نالو زندگيءَ طور مشهور هو. هن شهر جي تاريخي طور پنهنجي الڳ سڃاڻپ رهي آهي، هن شهر جو ماضي به شاندار رهيو آهي، جنهن ۾  صدين کان وٺي هيءُ شهر علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي، جتي سنڌي، عربي، فارسي ۽ ديني تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. هتان جي درسگاهن مان پڙهيل شاگردن  جو شمار وڏن وڏن عالمن ۾ ٿئي ٿو، ادبي حوالي سان هي شهر شڪارپور اڳواڻي ڪندو رهيو آهي،سنڌي شاعري ۽ نثر ۾ به هتان جي اديبن پاڻ ملهايو آهي، سامي ۽ اياز جي حوالي سان مشهور هي شهر هر حوالي سان نمايان رهيو آهي، جن ادبي ميدان ۾ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪري تاريخ جي گهري چيخ بڻجي ڌرتي ڌڻين کي اگهور ننڍ مان جاڳائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کان علاوه هندو شاعرن جي ڪيل پيار ڀري پورهئي کان انڪار پڻ شايد ڪفر ۾ شمار ٿئي، تنهنڪري سندن ذڪر بنا شڪارپور جي ادبي تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري ئي رهڻي آهي.  قبضي هيٺ آيل هن تاريخي اسپتال لاءِ هتان جو باشعور عوام سراپا احتجاج آهي، منجهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ واري لهر ڇانيل آهي.  اها ڳالهه به ياد رکي وڃي ته ثقافت کاتي جي مٿي ڄاڻايل 2013ع واري ذڪر ٿيل نوٽيفڪيشن ۾“سرهينري هالينڊ” سيريل نمبر 792 کي لوڪ ورثو قرار ڏنو ويو آهي ، جنهن ۾ اها ڳالهه چٽي نموني ٻڌايل آهي ته  هي شڪارپور جي اسپتال قومي ورثو قرار ڏجي ٿو. جڏهن سرڪار پاران جاري ڪيل ڪنهن نوٽفڪيشن تي عمل پيرا ٿيڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪو شهري ان جڳهه تي قبضي جي نيت سان اچي ڪڙڪي ته ان لاءِ سرڪار سڳوريءَ کي ڇا مڪليءَ جهڙي چپ جڳائي ٿي؟  جڏهن ته قانوني ۽ آئيني طور تي  هن نوتيفڪيشن ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته جيڪڏهن ڪا ڌر “ڄاڻي واڻي عمل فقري نمبر 18 سنڌ ثقافت ورثي بچاءُ ايڪٽ 1994ع تحت بچايل ورثي کي تباهه ڪرڻ، نقصان ڏيڻ، تبديل ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي ته اها ڌر قانون ۽ آئيني طور سزا وار هوندي. سر هينري هالينڊ  اسپتال مٿان قبضو ڪندڙ ڌر شايد ڪنهن مخصوص اشاري تي پنهنجي پليت ارادن سان  پنهنجي قبضي هيٺ آيل هن تاريخي ورثي بابت مالڪي واري راءِ تي ڪالهه جيان اڄ به بضد آهي.

شڪارپور جي ان هندو بئنڪر ۽ واپاري هيرا نند مينڍا جو روح رڙيون ڪري ماتم ڪري رهيو آهي، هيرا نند مينڍا پنهنجي شهر واسين لاءِ اکين جي اسپتال جهڙي رحمت لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪيا هيا، هن جي اوجاڳن جو قرض اڄ ڏينهن تائين ڪو ناهي لاهي سگهيو،  ڊاڪٽر سرهينري هالينڊ کي هيرا نند مينڍا ئي ته هو جنهن کيس وڏي ايلازن ۽ منٿن سان شڪارپور شهر ۾ ماڻهن جي مسيحا ۽ حقيقي ويڄ ٿيڻ لاءِ عوام جي خدمت جهڙي جذبي تحت اکين جي  علاج لاءِ جيڪا اسپتال ٺهرائي ڏني، سا اڄ قبضي عوام دشمن مافيائن جي وات ۾ آهي، هيرا نند مينڍا جا ڏٺل سمورا خوابن تي ئي پاڻي ڦري چڪو آهي، عوامي ڀلائي وارو سچيت جذبو سندس ورثي ۾ آيل هو، تڏهن ته راتين جو رولاڪيون ڪري هيرا نند مينڍا هڪ عوامي ڀلائي لاءِ هي ادارو قائم ڪرائي پاڻ کي امر بڻآئي ڇڏيو، اڄ لينڊ گريبرس جي ڪنڌ ذهنيت تي افسوس ٿي رهيو آهي، هو مون کي تمام ننڍڙا ماڻهو لڳي رهيا آهن،شڪارپور جو باشعور عوام جنهن وٽ تبديليءَ جي عجيب تڙپ آهي، هو اهڙي عمل تي سراپا احتجاج ۾ آهن، شڪارپور شهر ۾ هيرا نند مينڍا  ۽ ڊاڪٽر سرهينري هالينڊ جي سپنن ساڀيائن بدران  مارڪيٽ ۾ لڳندڙ اربن ۽ کربين رپين جي ٻوليءَ جو وکر بڻجڻ بعد احتاج ڪري رهيا آهن ته ساڻن ٿيندڙ بي واجبين تي شڪارپور شهر جو عوام ته سُجاڳ اهي پر سرڪار نامدار کي انصاف لاءِ التجائو آهي، قبضي ڪندڙ ڌر پاران مختلف بلڊرن کان ڪروڙين روپيا وصول ڪري  پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن، اطلاع آهن ته ان معاملي مقامي سياستدانن کان وٺي اهم شخصيتون ملوث پڻ آهن، جيڪي چاهن ٿيون ته اربين ۽ کربين رپين جي هن ملڪيت تي قبضو ڪري وجهن ته جيئن سندن ناجائز خرچن جو پورائو ٿي سگهي.

رواداري تحريڪ، شڪارپور سول سوسائٽيءَ، بلالي تحريڪ، سياسي ۽ سماجي ڌرين سميت سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران هن تاريخي اسپتال تي ٿيل قبضي کي نندڻ لاءِ  احتجاج شروع ڪيا آهن  ڏسجي ته احتجاجن ۽ مظاهرن جو ڪهڙو ردِ عمل ٿو نڪري. احتجاجن جي حوالي سان  هتان صحافي خوف ۽ مصلحت جو شڪار ضرور هوندا پر سنگت جي کاهوڙي ڪارڪن ۽ مخلص انسان ليکڪ ممتاز منگيءَ، تاثير سلمان سومرو، زبير سومرو، عديل مهر ۽ همير چانڊيو جي تاريخي ڪردار کي به نه ٿو وساري سگهجي ڇاڪاڻ اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن به ظلم تي مزاحمتي ميدان ۾ عمل پيرا ٿي سر سان ڪفن ٻڌن ٿا ته انگريز سامراج سان جهيڙيندڙ سورهيه بادشاهه جو روح سندن حمايت ڪندي ساڻن گڏ بيهي يزيدي لشڪر سان بهترين حڪمت عمليءَ سان جهيڙي ٿو، هي لطيف سرڪار جي رسالي جو کاهوڙي ڪردار آهن جن جو وجود يقينن سنڌ جي ّضمير ۽ خمير مان ڳوهيل آهي، جيڪو ڪنهن به ڳالهه تي ڪنهن سان مسلحت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هي مجاهد مردن جو اهو ازلي آواز آهي جيڪو انصاف جي فراهميءَ لاءِ عدالتن کان ٿيندو عوامي عدالتن جو پڻ در کڙڪائيندو رهي ٿو

ان ڏس ۾ سرڪار نامدار جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته غيرقانوني ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ڪو ڪجهه نه ٿو چوي، جنهن سبب پوري شڪارپور سندن رحم و ڪرم تي بيٺل آهي، شڪارپور شهر ۾ وڌندڙ حددخلين جو مکيه ڪارڻ سرڪار نامدار ۽ ضلعي انتظاميه جي خاموشي ئي آهي، شڪارپور جا مکيه چوڪ، روڊ ۽ رستن، قبرستانن، اسڪولن توڙي اسپتالن کان ويندي شهر جي گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ به قبضي مافيائن کان بچي ناهن سگهيا ،هاڻي سندن ارادا پوري شڪارپور ۾ موجود سرڪاري جڳهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهن، اطلاعات و نشريات کاتي جي وزير توڙي ثقافت کاتي يا ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهن. جيڪا انتهائي خطرناڪ نتيجا ڏيندي، ڇاڪاڻ ته سرڪار سڳوريءَ جي اها ذميواري آهي ته جرائم پيشا ڏوهاري قسم جي ذهنيت رکندڙ ماڻهن کي پڪڙي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي گهربل سزا ڏياري، ڇاڪاڻ ته اهڙن عوام دشمن ذهنيت کي وائکو ڪرڻ سرڪار جي بنيادي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو حڪومت کي گهرجي ته هينري هالينڊ واري معاملي ۾ سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺي معاملي کي سلجهائي ته جيئن مستقبل ۾ ڀيانڪ نتيجن کان بچي سگهجي.