لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان ٻارن سامهون زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدار شفقت جو عورت سان زيادتي جو اعتراف

لاهور :- لاهور ۾ موٽر وي تي عورت سان ٻارن سامهون زيادتي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، عابد جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، ٻه اهم گرفتارين بعد هڪ گرفتار جوابدار شفقت عورت سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس موجب عابد جي دوست شفقت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موٽروي تي ٻارن آڏو عورت سان لڄالٽ واري ڪيس ۾ سي آءِ اي آڏو پيش ٿيل جوابدار وقار الحسن جو ڊي اين اي ميچ نه ٿيو آهي، متاثر عورت جوابدار وقار الحسن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت ڏانهن واٽس ايپ ذريعي جوابدار وقار جون تصويرون اُماڻيون ويون هيون، جوابدار وقار الحسن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيس جو مُک جوابدار عابد علي، شفقت نالي شخص سان گڏجي ڏوهي وارداتون ڪري رهيو آهي، بهاول نگر واسي شفقت جوابدار عابد جو دوست آهي، وقار الحسن جي بيان کانپوءِ پوليس جوابدار عابد جي دوست شفقت کي به گرفتار ڪيو، پوليس موجب عابد جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو، ذريعن موجب جاچ دوران گرفتار جوابدار شفقت محمود ڏوهه جو اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته مان ۽ جوابدار عابد ڦر جي ارادي سان موٽر وي تي موجود هئاسين، جتي هڪ ڪار کي ڏٺوسين ۽ ان جو پيڇو ڪيو، ذريعن موجب شفقت ٻڌايو ته عابد ڦر جي ارادي سان ڪار جي ويجهو ويو، جتي پهريان عورت کان ڦرلٽ ڪئي پوءِ هيٺ وٺي وڃي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار جو ڊي اين اي ڪرايو ويندو، پنجاب جي فرانزڪ ليب سان رابطو ڪيو ويو آهي، شفقت جو پهريان ئي ڏوهي رڪارڊ موجود آهي، 9 سيپٽمبر تي لاهور جي علائقي گجرپوره ۾ موٽر وي تي عورت سان اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو واقعو پيش آيو هو.